ايڊيٽوريلنئون

باني پي ٽي آءِ عمران خان جي خط جو چوٻول

            باني پي ٽي آءِ 5 آگسٽ 2023 کان اڊيالا جيل ۾ بند آهي ۽ کيس عدت ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، 13 جولاءِ 2024 تي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا کيس ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي ان ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. هن وقت هو 190 ملين پائونڊ (القادر ٽرسٽ ڪيس) جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، جنهن ۾ کيس احتساب عدالت 14 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي آهي ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي به 7 سالن جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ٻئي هن وقت اڊيالا جيل ۾ سزا ڀوڳي رهيا آهن. پاڪستان جي سياست ۾ وزيراعظم جو جيل ۾ وڃڻ جو هي ڪو پهريون واقعو ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن وزيراعظم کي ڪنهن وڏي سزا ٻڌائڻ ۽ ڀوڳڻ جو هي ڪو پهريون موقعو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ کيس ڦاسيءَ جي تختي تائين پهچايو ويو ۽ سزا ڏني وئي، جنهن کي پوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه پنهنجي هڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ اعتراف ڪندي ماوراءِ عدالت قتل چيو. مارچ 2024 ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي عدالت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي معصوم قرار ڏنو ويو ۽ مٿانهس قتل جو اهو الزام هٽائي کيس تاريخ ۾ باعزت بري ڪيو ويو، پر هو به ظالمن کي ۽ طاقتور ڌرين کي جن کيس اها سزا ٻڌائي هئي انهن کي ڪابه سزا نه ڏيئي سگهيو.

            جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ هو ته مٿس مڙهيل پابندين ۾ ايتريون پابنديون هيون جو ڪير به ڪا شيءِ اندر کڻي وڃڻ جو مجاز نه هو ۽ نه ئي کيس پنهنجي خاندان جي ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي آزادي هئي، پر هن وقت جڏهن اسان باني پي ٽي آءِ عمران خان جي جيل ۾ هجڻ کانپوءِ واري زندگيءَ کي ڏسون ٿا ته ٿورو خوشيءَ جو احساس به ٿئي ٿو ته سياستدانن کي هاڻي جيل ۾ انهن سختين جو مقابلو نٿو ڪرڻو پوي جيڪو ماضيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو يا بينظير ڀٽو کي ڪرڻو پيو. شايد وقت تبديل ٿي ويو آهي يا وري جيڪي سياستدان هن وقت جيل ۾ آهن انهن جو تعلق سنڌ سان نه، پر ڪنهن طاقتور صوبي سان آهي. خبر نٿي پوي ته باني پي ٽي آءِ جا بيان ايترا جلدي جلدي ٻاهر ڪيئن ٿا اچن، نه هو صرف جيل مان ويهي بيان جاري ڪري ٿو، پر اتان ويهي 200، 300 صفحن جا خط به لکي ٻاهر موڪلي ٿو. 3 فيبروري 2025 تي هن هڪ طويل خط لکي چيف آف آرمي اسٽاف کي اماڻيو آهي، ان خط کي ڪنهن لکيو، ڪنهن پوسٽ ڪيو يا ڪنهن اماڻيو ان جي اڃان تائين ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي، پر فيصل چوڌري ۽ بئريسٽر گوهر اڊيالا جيل کان ٻاهر بيهي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته باني پي ٽي آءِ چيف آف آرمي اسٽاف ڏانهن خط لکيو آهي جنهن ۾ ڇهه نقطا اٿاريا ويا آهن.

            پهريون نقطو پيڪا قانون ۽ سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون بابت آهي ۽ ان تي تنقيد ڪئي وئي آهي ته هيءَ حڪومت صحافين جي آواز کي دٻائي رهي آهي، پر سنئون سڌو الزام فوج تي لڳي رهيو آهي. ٻيون نقطو 2024 جي چونڊن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙ ماڻهن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ بابت آهي. ٽيون نقطو 26 هين ترميم کي سندس خلاف استعمال ڪرڻ بابت آهي ۽ عدليه جي متاثر ٿيڻ بابت آهي. چوٿون نقطو القادر ٽرسٽ جي فيصلي بابت آهي. پنجون نقطو پي ٽي آءِ خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيڻ، ڇاپن ۽ ڪارڪنن تي احتجاج ۾ گوليون هلائڻ بابت آهي. ڇهون نقطو انٽيليجنس ايجنسين جي ڪم سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ خان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوج جي قربانين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم کي هن ڏکئي وقت ۾ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن خط لکڻ کانپوءِ چوطرف چوٻول آهن ته پي ٽي آءِ جي پاليسي ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ شايد هو هاڻ ممڪن طور تي فوج سان صلح ڪرڻ جو پيغام ڏيئي رهي آهي، پر بئريسٽر گوهر ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي رهنمائن جو چوڻ آهي ته اهو خط عمران خان سابق وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي ذميداري کي محسوس ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف کي لکيو آهي، جنهن سان سندس ملڪ جي لاءِ همدردي ظاهر ٿئي ٿي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان ڪيڏي مهل چيف آف آرمي اسٽاف کي يحيٰ خان سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ وري پوءِ کيس خط لکي هڪ دوست وانگر مشورا به ڏئي ٿو، پر سڀني کان وڏي ۾ وڏو سوال اهو آهي ته عمران خان جا اهي خط آخر ڪيئن لکيا وڃن ٿا انهن کي ٻاهر کڻي ڪير ٿو اچي، پوسٽ ڪير ٿو ڪري ۽ مالڪن تائين پهچائي ڪير ٿو ۽ ان سڄي سلسلي جو مقصد ڇا آهي؟ ڇو ته عوام اهڙي صورتحال ۾ غير يقينيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي جنهن جو اثر ملڪ جي هر شعبي تي پوي ٿو، پر پي ٽي آءِ جا رهنما اڊيالا جيل جي ٻاهران بيهي اعلان ڪري رهيا آهن ته اهو خط لکيو ويو آهي ۽ ان ۾ ڇهن نقطن کي اٿاريو ويو آهي. اسان جو خيال اهو آهي ته پهرين ته ان ڳالهه جي جاچ ڪئي وڃي ته اڳوڻي وزيراعظم جي اڊيالا جيل ۾ اها سهولتڪاري ڪير ڪري رهيو آهي جو اهي طويل خط لکيا ٿا وڃن ۽ اهي ٻاهر به اچي ٿا وڃن، ميڊيا تي انهن خطن بابت طويل بيان بازي ٿئي ٿي. لڳي ٿو ته باني پي ٽي آءِ کي مڪمل طور تي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، پر شايد هاڻي سندس ان خط لکڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو طاقتور ڌرين سان ڊيل ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ان خط جي متن مان عمران خان جي سياسي هار جهلڪي رهي آهي، ڇو ته باني پي ٽي آئي جيڪڏهن اهو خط سياسي ڌرين کي لکي ها ته بهتر هو، پر هاڻي اهو خط ڏسجي ته مستقبل ۾ ڪهڙا نتيجا ڪڍندو.