ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: بند ديوارن جو سچ

زينت، فائزه ۽ سائره سڀئي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪريون، جن جو اسٽيٽس ڪئمپس ۾ سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان ڌار نظر ايندو هو. سندن اعتماد جي ليول جي ڇا ڳالهه ڪجي! پروفيسر به کين ڪجهه چوڻ کان ڪيٻائيندا هئا، ڪلاس اٽينڊ ڪن يا نه، حاضري ملي ويندي هئي. پيپر جهڙو تهڙو ڏيڻ سان مارڪون سٺيون ملي وينديون هيون، سٺيGPA  سان سيميسٽر پاس ڪنديون آهن. زينت ۽ فائزه فائنل ۾ پهچي ويون آهن. جڏهن ته سائره ٿرڊ ايئر ۾ آهي. هو ٽئي ڄڻيون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ تيار هيون. سندن لائيو ٽيليڪاسٽ لاءِ هڪ خانگي سوشل ميڊيا جي ٽيم ڪوريج لاءِ پهتل هئي، ڪئمرائون سيٽ ٿي چڪيون هيون، مائيڪ لڳي چڪا هئا، فوٽوگرافر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي تيار بيٺا هئا. سڄو هال صحافين سان ڀريل هو، جنهن جي لاءِ زينت دل ئي دل ۾ پنهنجي صحافي دوست عائشه جي ٿورائتي هئي، جنهن ڪنهن کي به کڙڪ پوڻ کان بنا هي سڄو بندوبست ڪيو هو. صحافي پريس ڪانفرنس جي رپورٽ ٺاهڻ لاءِ پنهنجون ڪئمرائون ۽ وائيس رڪارڊر سيٽ ڪري چڪا هئا. ٽئي ڇوڪريون جن کي چادرون ڍڪيل هيون ۽ چهري تي سرجيڪل ماسڪ پاتل هئا، ان جي باوجود اندازو ٿي رهيو هو ته سندن عمريون 20 کان 22 سالن جي اندر آهن. سندن خوبصورت اکيون جن ۾ خوف ۽ عزم گڏ نظر اچي رهيا هئا، گهڻو ڪجهه چئي رهيون هيون. اتي ويٺل سڀ صحافي جيڪي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون پريس ڪانفرنسون ڪور ڪري چڪا هئا ڪنهن وڏي خبر جي بريڪ ٿيڻ جا منتظر هئا.

“توهان سڀني جي وڏي مهرباني جو توهان سڀ هڪ ننڍي نوٽيس تي اسان جي پريس ڪانفرنس کي ڪور ڪرڻ لاءِ هتي موجود آهيو. اڄ اسان ٽئي هاسٽلر هتي پنهنجي يونيورسٽي جي بند ديوارن پٺيان ٿيندڙ زيادتين، گناهن ۽ لالچ جي ڪهاڻيءَ جو پردو فاش ڪرڻ لاءِ موجود آهيون. اسان انهن مڪروهه چهرن تان نقاب کڻڻ لاءِ هتي پهتل آهيون، جيڪي پري کان تمام گهڻا مهربان ۽ عزتدار نظر اچن ٿا.” وچ ۾ ويٺل زينت ڏکويل آواز ۾ پريس ڪانفرنس جو آغاز ڪندي چيو.

“ممڪن آهي ته اڄ کانپوءِ اسان جا والدين اسان کان هميشه لاءِ لاتعلق ٿي وڃن يا وري اهو به ممڪن آهي ته اسان کان جيئڻ جو حق ئي کسيو وڃي، پر اهو انتهائي اهم فيصلو اسان کي ڪرڻو پئجي ويو، ڇو ته جيڪڏهن اسان خاموش رهنديونسين ته اهو سچ ڪوڙ بڻجي ڪيترين ئي زندگين کي ڳڙڪائيندو رهندو.” زينت جي اکين ۾ عزم ۽ حوصلي جي چمڪ به هئي، پر ڪٿي نه ڪٿي سندس اکين ۾ خوف جا پاڇا به نظر اچي رهيا هئا.

“اسان مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون ٻهراڙين مان، غريب گهرن مان اچن ٿيون اسان کي ته اڃان هن يونيورسٽي جي درياءَ ۾ ترڻ ئي نٿو اچي ان کان اڳ اسان کي واڳن جي وات ۾ ڌڪيو ٿو وڃي. هر سال الائي ڪيترين ئي ڇوڪرين کي پلاننگ سان ٽريپ ٿو ڪيو وڃي. مان جڏهن هاسٽل ۾ آئي هئس ته مون کي خوبصورتيءَ جو احساس ڏياري ميڊم فرزانه مهانگا مهانگا گفٽ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ اهي گفٽ مون کي ميڊم جي هٿان نه بلڪه انهن ماڻهن جي هٿان ملڻ لڳا جن کي اسان پري کان ڏاڍي رشڪ سان ڏسندا آهيون، جيڪي وڏين وڏين ڪرسين تي ويٺل طاقتور ماڻهو آهن، جن جو تعلق اسان جي انتظاميه، جڊيشري، پوليس ۽ ٻين طاقتور ادارن سان آهي. مون کي اسپيشل ٽريٽمينٽ ملڻ لڳي، منهنجا ته پير ئي زمين تي نٿي لڳا، مان بيچلرز جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي آهيان مان يونيورسٽي ۾ صرف پنهنجا نه، پر پوري خاندان جا خواب کڻي آئي هئس. منهنجي ننڍي ڀيڻ به مون وانگر اڳتي وڌڻ لاءِ مون کي رول ماڊل بڻائي ويٺي آهي.” زينت اهي جملا پنهنجي شفاف پيشانيءَ تان ٽشو پيپر سان پگهر اگهندي چيا.

“هن ڪانفرنس جو مقصد ان گينگ کي ايڪسپوز ڪرڻ آهي جيڪو تمام گهڻو طاقتور آهي.” زينت پنهنجن لفظن تي زور ڏيندي چيو. سوشل ميڊيا تي ڪانفرنس لائيو هلي رهي هئي ۽ هڪدم وائرل ٿيندي وئي سڀ شاگرد، شاگردياڻيون، پروفيسر، وي سي، پوليس، روينيو اداري جا آفيسر، فيميل پوليس ۽ عام شهري ڪانفرنس کي لائيو ڏسي رهيا هئا.

“مان چاهيندس ته وڌيڪ فائزه توهان کي ٻڌائي ته اسان سڀني جون زندگيون ڪيئن تباهه ڪيون ويون آهن ۽ اڃان ٻيون ڪيتريون معصوم نياڻيون نشاني تي آهن.” زينت مائيڪ فائزه ڏي سوريندي چيو.

فائزه مائيڪ پنهنجي هٿ سان ويجهو ڪيو، سندس خوبصورت اکيون، نرم ۽ نازڪ هٿ ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ هڪ خوبصورت ۽ دلڪش ڇوڪري آهي، پر جيئن ته سندس اڌ چهرو ماسڪ جي ڪري ڍڪيل هو، ان ڪري ايترو ئي اندازو لڳائي سگهجيو ٿي.

“اسان جي هاسٽل جي پرووسٽ، ڏسڻ ۾ هڪ خوبصورت ۽ همدرد عورت آهي، پر سچ پڇيو ته هوءَ هڪ ڳِجهه آهي، جيڪا هاسٽل ۾ معصوم نياڻين جو گوشت پٽي کائي پلجي رهي آهي، ان سان ٻيون به ڪيتريون ئي ڳِجهون انهن نياڻين جي ماس تي پلجي رهيون آهن. کيس طاقتور ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي، اسان وٽ انهن جا ثبوت آهن، هاسٽل جي پوئين گيٽ کان ڪهڙيون ڪهڙيون گاڏيون ڪهڙِي وقت اچن ٿيون، انهن جي نمبر پليٽن سوڌو انهن ۾ ايندڙ ماڻهن جون وڊيوز ۽ انهن جا فوٽوز به اسان وٽ آهن. ڪجهه وائيس مئسيجز به اسان وٽ ثبوت طور موجود آهن. پهرين اسان کي لالچ سان ڦاسائي پوءِ بليڪ ميل ڪرڻ وارا مئسيجز به اسان وٽ محفوظ آهن.” فائزه پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪندي چيو.

مان جڏهن يونيورسٽِي ۾ آئي هئس ته منهنجو مقصد صرف پڙهائي ۽ ان کانپوءِ نوڪري ڪري پنهنجو مستقبل سنوارڻ هو، پر هاڻي ايئن ٿو لڳي ته سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. منهنجي غلطي هئي جو مان پنهنجي هڪ سينيئر جي مهانگن سيل فونن، اسٽائلش ڪپڙن ۽ مهانگن مهانگن برانڊيڊ بيگن تي رشڪ ڪرڻ لڳيس، هوءَ جلدي جلدي سيل فون بدلائيندي رهندي هئي، سندس ڪپڙا تمام مهانگا ۽ اسٽائلش هوندا هئا ۽ هوءَ تمام مهانگي برانڊ جون پرفيومز استعمال ڪندي هئي، سڀ ڇوڪريون کيس رشڪ مان ڏسنديون هيون، مون کي ته هن کان حسد ٿيڻ لڳو هو.” فائزه جي اکين مان لڙڪ وهي آيا.

“پوءِ هڪ ڏينهن مان ڏاڍي خوش هئس ڇو ته مون تي به قسمت جي ديوي مهربان ٿي هئي، شام جو خالي ڪاريڊور ۾ واڪ دوران ميم فرزانه به مون سان گڏجي واڪ ڪرڻ لڳي. اسان ڪاريڊور ۾ اڪيلا هئاسين ميڊم مون کان منهنجي دلچسپين، خاندان ۽ منهنجي پسنديده شين بابت پڇندي رهي ۽ پوءِ هن منهنجي حسن جي تعريف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. تعريف ڀلا ڪنهن کي خراب لڳندي آهي، مان به دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهي هئس، مون کي ته خبر ئي نه هئي ته مان سندس ڄار ۾ ڦاسي چڪي آهيان.” فائزه وقفو وٺندي چيو.

“ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ان ڏينهن منهنجي سالگره هئي شايد هن منهنجي ڊيٽا مان منهنجي سالگره جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي هئي ۽ پوءِ هن پنهنجي ڪٻٽ مان هڪ گفٽ کڻي منهنجي اڳيان رکيو، مان حيران ٿي کيس ڏسندي رهيس. چيائين هن ۾ نئين ماڊل جو ايپل فون آهي ۽ مون کي برٿ ڊي گفٽ طور ڏيندي وڏو ڀاڪر پائيندي برٿ ڊي وش به ڪيائين. پوءِ اسان جي وچ ۾ دوستي وڌندي وئي، تحفن جو سلسلو هلندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن هن مون کي ويهاري اصل مقصد بيان ڪيو. هن ڪيترين ئي ڇوڪرين جا نالا ٻڌايا ۽ سندن مالي خوشحالي بابت ڳالهيون ٻڌايون، مان پهرين ته ڇرڪجي ويس، پر منهنجي من ۾ به لالچ گهر ڪري چڪي هئي، پئسن جي تنگي ۽ مهانگيون شيون استعمال ڪرڻ جو نشو منهنجي دماغ تي چڙهي چڪو هو، سچ ته مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو هو، مون کي پنهنجي گهروارن جي به پرواهه نه رهي هئي منهنجي اندر جيڪڏهن ڪجهه بچيو هو ته صرف لالچ ئي هئي، ان لالچ ڪيترين ئي ڇوڪرين جا خواب چند مهانگن تحفن ۽ ڪجهه ڊنرز ۾ وڪڻي ڇڏيا هئا. توهان کي خبر آهي ته ڪالهه اسان جي هاسٽلر فهميده جو خودڪشيءَ جو واقعو خودڪشي ناهي، منهنجي نظر ۾ اهو قتل آهي، ان واقعي اسان جي ضمير ۽ غيرت کي جاڳايو آهي. اسان کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته اسان غلط ٽرين ۾ سوار ٿي چڪيون آهيون، جيڪا اسان کي ڪڏهن به منزل تائين نٿي رسائي سگهي. فهميده به ميم فرزانه جي هٿ چڙهيل هڪ معصوم هرڻي هئي جنهن سندس گوشت کائي پنهنجو پيٽ ڀريو. جڏهن ٽيون ڏينهن سندس والد فون ڪري کيس ٻڌايو ته هن سندس سئوٽ سان جيڪو ڪراچيءَ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪنهن خانگي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو، سان سندس ڳالهه پڪي ڪري ڇڏي آهي ته فهميده ڄڻ هڪ گهري ننڊ مان جاڳي پئي. هوءَ پنهنجي پيءُ جي خوشيءَ تي خوش ٿيڻ بدران تمام گهڻي پريشان ٿي وئي ۽ هڪدم ميم فرزانه جي آفيس طرف وئي ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي.

فهميده، ميم فرزانه کي چيو ته هاڻي هوءَ وڌيڪ ان رستي تي نٿي هلي سگهي ۽ کيس سيف ايگزٽ گهرجي ۽ هاڻي هوءَ ڪنهن به ماڻهو جي هٿان استعمال نه ٿيندي.” فائزه ٿورو وقفو وٺڻ کانپوءِ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.

“فهميده جيڪا اسان جي گروپ ۾ فهمي جي نالي سان سڏي ويندي هئي، اِها اُها ئي ڇوڪري هئي جنهن کي ڏسي مون کي هميشه سندس ڪپڙن، پرفيومز ۽ فونن تي رشڪ ايندو هو. هوءَ اسان وٽ آئي ۽ سڄي ڳالهه اچي ٻڌايائين ۽ اهو به ٻڌايائين ته ميم چيو آهي ته هن راند ۾ لهڻ کانپوءِ توهان جي مرضيءَ جي ڪابه حيثت ناهي، جيستائين هوءَ پاڻ کين ان گيم کان ڪڍي ٻاهر ڪري. هن فهمي جي اڳيان سندس تصويرون ۽ وڊيوز رکيون ۽ کيس چيو ته پٽ اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان نه آهي جو توهان جڏهن چاهيو ته هن راند جو حصو بڻجي وڃو، پنهنجون حسرتون پوريون ڪريو، گفٽ وٺو، بينڪ اڪائونٽ ٺاهيو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن مون کي اچي چئو ته اسان هاڻي راند نٿا کيڏون. فهمي ٻڌايو ته اوڏي مهل سندس چهري تي شيطاني مرڪ رقص ڪري رهي هئي سندس بيحسي جي انتها هئي. پوءِ ميم کيس جلد ئي تيار ٿي هڪ پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ به سختيءَ سان چيو. فهمي منهنجي ڪمري ۾ آئي سندس چهري تي پريشاني صاف نظر اچي رهي هئي. هن کي پنهنجي پيءُ جي خوشيءَ جو غم ورائي ويو، جنهن کيس غربت جي باوجود پڙهايو اعتماد ڪري يونيورسٽي موڪليو ۽ هاڻي هو سندس شاديءَ جا خواب ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪرڻ جي لائق ناهي رهي، پوءِ جلد ئي هوءَ مايوسيءَ مان منهنجي ڪمري مان اٿي هلي وئي. مون کي ته اهو گمان به نه هو ته فهمي جهڙي ڇوڪري خودڪشيءَ جهڙو قدم کڻي سگهي ٿي. حقيقت ۾ سندس اهو قدم ميڊم جي بليڪ ميلنگ جو نتيجو هو.” فائزه جو آواز ڀرجي ويو سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ميڊم کي جڏهن خبر پئي ته سندس در بند آهي ۽ ڪافي دير کان ڪنهن جو به فهمي سان رابطو نه پيو ٿئي، در کڙڪائڻ تي هوءَ سڏ جو جواب به نه پئي ڏئي، ته هن در ٽوڙايو ۽ اسان سڀني ڏٺو ته سندس لاش پنکي سان ٽنگيل هو. اصل ۾ هوءَ بليڪ ميلنگ کان ڊڄي وئي هئي، ميڊم هڪدم سندس فون کڻي ورتو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن شيون اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي ته متان فهمي ڪو نوٽ نه لکيو هجي. ڪجهه به نه ملڻ تي هن انسپيڪٽر وقار کي فون ڪري سڄي صورتحال ٻڌائي ۽ هو ليڊي پوليس سان گڏ پندرهن منٽن ۾ پهچي ويو، هاسٽل جون سڀئي ڇوڪريون جمع ٿي ويون هيون، سندس والد کي اطلاع ڏنو ويو، هن جي پهچڻ کان اڳ ئي فهمي جو لاش ايمبولينس ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. هاسٽل ۾ ان ڏينهن ڪنهن به ڇوڪريءَ رات جي ماني نه کاڌي، عجيب سوڳواريءَ جو ماحول طاري هو.” فائزه ڪهاڻي مڪمل ڪندي چيو. سائره جيڪا ڪافي دير کان زينت ۽ فائزه جي ڀر ۾ ويٺل هئي هن چيو، “اسان جي اها گهر آهي ته ميڊم فرزانه کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهن سڀني ڪردارن کي ايڪسپوز ڪيو وڃي، جن اسان جي تعليمي ادارن کي براٿل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان پاڻ به ان سڄي معاملي ۾ گنهگار آهيون، اسان جو سڀ کان وڏو ڏوهه اسان جي لالچ آهي، اسان پنهنجي والدين جي ڀروسي کي ٽوڙيو آهي، انهن جي عزت کي پامال ڪيو آهي، اسان گنهگار آهيون ۽ اسان کي به سزا ملڻ گهرجي. اسان قانون سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.” صحافين ڇوڪرين جي پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ سوالن جو سلسلو شروع ڪيو هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان صرف ميڊم فرزانه کي ٻڌرائڻ چاهيو ٿيون يا انهن واڳن جا نالا به ٻڌائڻ پسند ڪندئو جيڪي هن گينگ جا ڪرتا ڌرتا آهن؟

سائره ٿورو سوچيندي جواب ڏنو، “اسان هن ڪيس ۾ گواهه طور عدالت ۾ مڪمل طور تي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.”

هوڏانهن ميڊم فرزانه ڪمشنر صاحب کي فون ملائي رهي هئي جيڪو ڪال اٽينڊ نه ڪري رهيو هو. ٿوري دير ۾ ڪمشنر پوليس انسپيڪٽر وقار کي فون ڪري کيس هاسٽل وڃي ميڊم فرزانه کي گرفتار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو. ميڊم فرزانه پنهنجي آفيس ۾ پريشان بيچيني ۾ هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻي رهي هئي. ايتري ۾ پوليس جون گاڏيون هوٽر وڄائينديون هاسٽل پهچي ويون،  انسپيڪٽر وقار ليڊي پوليس سان گڏ هاسٽل کي پنهنجي گهيري ۾ ورتو ۽ ميڊم فرزانه کي گرفتار ڪيو. جيئن ئي انسپيڪٽر وقار ليڊي پوليس جي مدد سان ميڊم فرزانه کي گرفتار ڪري گاڏيءَ طرف وڌي رهيو هو ته سندس موبائل فون تي ڪال اچڻ لڳي، هن پنهنجي موبائل کي کيسي مان ڪڍي ڏٺو ته گهٻرائجي ويو، هن هڪدم فون پنهنجي کيسي ۾ واپس رکي ڇڏيو. هن کي خبر هئي ته هن فون کي رسيو ڪرڻ کانپوءِ هو ميڊم فرزانه کي گرفتار ڪري ليڊي پوليس حوالات تائين نٿو پهچائي سگهي ۽ ايف آءِ آر نٿي ڪٽجي سگهي. ڇوڪرين جي پريس ڪانفرنس ڏسڻ کانپوءِ انسپيڪٽر وقار اهو فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن اهي ڇوڪريون ايترو وڏو قدم کڻي سگهن ٿيون ته هو به قانون سان گڏ بيهي سگهي ٿو. ميڊم فرزانه جي گاڏيءَ ۾ ويهڻ کانپوءِ هو پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ گاڏيون رستن تان ٿيندي وڃي ليڊي پوليس اسٽيشن پهتيون.

***