بلاگنئون

ڪشمير جو مسئلو ڪيئن حل ٿي سگهي ٿو؟

ڪشمير جو مسئلو ڏکڻ ايشيا جو اهڙو ناسور آهي، جنهن جا زخم صرف سرحدن تي نه بلڪه ذهنن ۽ ڪتابي ڪورسن ۾ به ملن ٿا. 1947 ڪشمير جو جهڳڙو جنهن برصغير جي ورهاست کان ئي جنم ورتو هو. جڏهن برصغير جي رياستن کي هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. ڪمشير ڇاڪاڻ ته مسلم اڪثريتي علائقو هو، ان ڪري پاڪستان جي دعويٰ هڪطرفي سمجهي وئي، ليڪن مها راجا هري  سنگھه جي هندستان سان الحاق جي اعلان حالتن کي جنگ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. 1948 ۾ پهرين پاڪ ڀارت جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمير عملي طور تي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ پاسي آزاد ڪشمير ۽ گگلت بلتستان، ٻئي پاسي ڀارت جي انتظام هيٺ ڄمون وادي ۽ لداخ ۽ ٽين پاسي اڪسائي چن (Aksai Chin) جيڪو لڳ ڀڳ 38 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر تي مشتمل آهي، 1962ع واري جنگ کانپوءِ چين جي قبضي ۾ هليو ويو. هن وقت ڪشمير جو اٽڪل 55 سيڪڙو زميني ٽڪرو ڀارت وٽ 30 سيڪڙو پاڪستان وٽ ۽ 15 سيڪڙو چين جي قبضي ۾ آهي.

گڏيل قومن 1948ع ۽ 1949ع ۾ قراردادون منظور ڪيون، جن جي مطابق هڪ بنا ڌر واري راءِ تحت ڪشميري عوام کان راءِ ورتي وئي هئي ته اهي پاڪستان يا هندستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا، مگر اهو ريفرنڊم اڄ تائين نه ٿي سگهيو آهي. ڇو ته ان جو پهريون شرط اهو هو ته پاڪستان پنهنجيون فوجيون واپس گهرائي وٺي ۽ ڀارت صرف انتظامي طور تي موجود رهي، ٻئي ملڪ ان تي راضي نه ٿيا ۽ ڪشمير هڪ مستقل جهڳڙي ۾ تبديل ٿي ويو.

ڀارت 1954ع ۾ ڪشمير کي آئين جي شق 730 جي تحت خاص حيثيت ڏني، جنهن کي آگسٽ  2019ع ۾ مودي سرڪار اوچتو ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي مرڪز جي انتظام هيٺ ٻن علائقن ۾ ورهائي ڇڏيو، ان قدم سان پاڪستان ۽ ڪشميري عوام ۾ شديد رد عمل پيدا ٿيو ۽ گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي ملڪن ان کي هڪطرفو قدم قرار ڏنو. باوجود ان جي ڀارت جو موقف اهو آهي ته ڪشمير الحاق جي وسيلي ڀارت جو حصو آهي، انهيءَ ڪري هو ان کي اندريون مامرو سمجهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو موقف آهي ته گڏيل قومن جون قراردادون اڃان به عمل جي لائق آهن ۽ ڪشمير جو مسئلو ڪشميرين جي مرضي سان ئي حل ٿي سگهي ٿو.

 اهو پسمنظر اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٻنهي ملڪن پنهنجي پنهنجي قومي مفاد ۾ ڪشمير جي مسئلي کي هڪ سياسي نقطهءِ نظر جي شڪل ڏني.  پاڪستان ۾ اهو مسئلو نظرياتي سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهي ته ڀارت ۾ اهو هندو قومپرستي ۽ اڪثريتي ڪنٽرول جو مقصد بڻجي چڪو آهي، ان ڇڪتاڻ ۾ اصل ڌر يعني ڪشميري عوام مسلسل غير يقيني، فوجي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ان مسئلي جو ڪو مستقل حل آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ ڪشميرين کي به اختيار ملي.

روايتي حل ته ٽي ئي سمجهيا وڃن ٿا يا ته ڪشمير ڀارت سان مڪمل طور تي شامل ٿئي يا پاڪستان سان گڏ يا آزاد رياست جي طور تي قائم ٿئي، ٽئي امڪان پنهنجي جاءِ تي ناقابل عمل نظر اچن ٿا. ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي علحيدگي کي تسليم نه ڪندو. پاڪستان ڀارت جي قبضي کي قبول نه ڪندو  ۽ مڪمل آزادي جي صورت ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ سيڪيورٽي جا مامرا وڌي ويندا، اهڙي صورت ۾ هڪ خاص علاقائي خود مختياري جو ماڊل وڌيڪ حقيقت پسنداڻو ڏيک ڏئي ٿو.

ان ماڊل تحت لائين آف ڪنٽرول کي غير رسمي طور تي تسليم ڪري ان جي ٻنهي ٻاسي واپار، تعليم، صحت ۽ انساني رابطا کولي سگهجن ٿا، گڏيل ڪشمير ڪائونسل بڻائي سگهجي ٿي، جيڪا ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون قائم ڪري، رياستي خود مختياري کي تسليم ڪندي ڪشميرين کي مقامي فيصلن جو اختيار ڏنو وڃي. يورپ ۾ آئرلينڊ ۽ اتر آئرلينڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ئي ماڊل سالن کان رتوڇاڻ کانپوءِ قائم ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي خود مختياري برقرار رهندي، سرحدي علائقن، آزاداڻي اچ وڃ، واپار ۽ ثقافتي هڪ جهڙائپ کي واڌارو ڏنو وڃي.

بهتر حل جو بنياد ان سوچ تي آهي ته ڪشمير کي فوجي ۽ سياسي تڪرار کان ڪڍي ڪري هڪ اهڙو گڏيل علائقو بڻايو وڃي جيڪو نه صرف ٻنهي ملڪن جي نوجوانن جي لاءِ تعليمي موقعن جو مرڪز بڻجي، بلڪه علائقائي واپار ۽ بين الثقافتي ميل ميلاپ جو سنگم به هجي. طب، انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ماحوليات جهڙن شعبن ۾ گڏيل تحقيقي منصوبا، اسڪالرشپ پروگرام جيئن ايراسمس جي طرز تي “ڪشمير فيلوشپ” جو قيام ۽ گڏيل ثقافتي ميلن جي ڪوٺائڻ سان اهو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڏهاڪن کان ٻنهي پاسي عوام ۾ زهريلو ٿي چڪو آهي، ويزا فري، تعليمي ۽ تحقيقي سفر، طبي سهولتن جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برابري جي لاءِ سرحد جي ٻنهي پاسي صنعتي زونن جو قيام ڪشميري سر زمين کي جنگ جو ميدان بنائڻ جي بجاءِ ڀلائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ائين اهو خطو پاڻ کي هڪ امن وارو خطي طور دنيا جي سامهون پيش ڪري سگهي ٿو، جتي قومپرستي نه بلڪه انسانيت جو قدر هجي. هن رٿ جي مخالفن جو ان سان ڪشمير جو مسئلو فريز ٿي ويندو ۽ ڀارت جو غير منصفاڻو قبضو جائز ٿي ويندو، مگر اهو اعتراض انهيءَ وقت عملي وزن وڃائي ويهي ٿو ته جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ستن ڏهاڪن جي دشمني مسئلي کي حل ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ ڏکيو ڪيو آهي، جيڪي طبقا ان مسئلي کي صرف فوجي نقطي سان ڏسن ٿا. اهي ان انساني بحران جي شدت کي نٿا سمجهن جيڪو هر سال ڪيترين ئي جانين جو نذرانو ڏيئي ٿو. جيڪڏهن اسان واقعي ڪشميرين جي ڀلائي چاهيون ٿا ته اسان کي حل جون اهي راهون تلاش ڪرڻيون پونديون جنهن ۾ جنگ نه بلڪه عزت ۽ وقار هجي.

عالمي سطح تي طاقت جو توازن تيزيءَ سان بدلجي رهيو آهي ۽ چين، آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ماٺار، يوڪرين جنگ ۽ اوڀر جا بدلجندڙ منظر انهيءَ ڳالھه جو اشارو آهن ته علاقائي جهڳڙن کي پراڻي انداز ۾ حل ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي رهي آهي. هٿرادو ذھانت، سائبر سيڪيورٽي ۽ اخلاقي ٽيڪنالاجي جهڙا ميدان مستقبل جي طاقت جا ڪارڻ بڻجي چڪا آهن. اهڙي وقت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جيڪڏهن انهيءَ پراڻي ڪارڻن ۾ منجهيا رهيا ته  دنيا انهن کي غير اهم رانديگر سمجهڻ لڳندي. ڪشمير جهڙي مسئلي کي حل ڪري ٻئي ملڪ پاڻ کي معاشي ۽ سفارتي ترقي واري ڊوڙ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا.

آخر ۾ اسان کي سمجهڻو پوندو ته ڪشمير مسئلي جو حل ڪنهن به فوجي يا مذهبي فتح ۾ ناهي، بلڪه هڪ اهڙي ٺاھ ۾آهي، جيڪو عوام جي بهتري،  خود مختياري ۽ انساني رشتن جي بنياد تي هجي. رياستون جهنڊن سان نه عوام سان ٺهنديون آهن. ڪشمير هڪ زمين جو ٽڪرو ناهي، بلڪه هڪ احساس جو نانءُ آهي ۽ انهيءَ کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ تلوار نه دل گهرجي.