پاڪستان چين لاءِ سموريون پروازون معطل ڪري ڇڏيون

ڪرونا وائرس جي ملڪ ۾ پکڙجڻ جي خدشي سبب پاڪستان چين جي لاءِ فضائي آپريشن معطل ڪري ڇڏي. سول ايوي ايشن اٿارٽي مطابق ابتدائي طور تي سڀئي فلائيٽ آپريشنن کي 2 فيبروري تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 2 فيبروري کانپوءِ پاڪستان چين جي وچ ۾ فضائي آپريشن سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻيهر فيصلو ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ آهي ته وائرس پکڙجڻ سبب ماڻهن کي چين کان نه آڻي رهيا آهيون. چين ۾ ڪرونا وائرس سان مرڻ وارن جو تعداد 170 ٿي ويو آهي.
