آمريڪا کان شڪيل آفريدي جي بدلي عافيه صديقي جي گهر ڪندا سين؛ وزير اعظم
وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي ٽي وي چينل فاڪس نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ سان اووَل آفيس ۾ ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ سٺو انسان آهي ۽ هو لفظن ۾ الجهائڻ واريون ڳالهيون نه ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته قيدين جي تبادلي تي ڳاله ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن آمريڪا شڪيل آفريدي جي گهر ڪئي ته اسان عافيه صديقي جي گهر ڪندا سين. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ 40 سالن کان وڙهي رهيو آهي پر اڄ تائين هو افغانستان ۾ امن قائم ڪري نه سگهيو آهي. افغان عوام 4 ڏهاڪن کان ظلم جو شڪار آهي هاڻي انهن کي امن ملڻ گهرجي افغانستان جو آخري حل ڳالهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته طالبان جنهن حڪومت ۾ هوندا اها ئي حڪومت افغانستان ۾ ڪامياب ٿيندي.