غربت جو سڌو سنئون تعلق بيروزگاريءَ سان هوندو آهي پنهنجي ملڪ ۾ بيروزگاري جي ڪري ملڪي عوام جو 45 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. سبب اهو ئي آهي ته بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن بجاءِ گهٽتائي ٿيڻ جي اضافو ٿي رهيو آهي. صرف 2024ع جي لاءِ پيشنگوئي ٿي آهي ته ان ۾ تقريبن 66 لک ماڻهو وڌيڪ بيروزگار ٿيندا. ملڪ جي ڪل آدمشماريءَ جو صرف 52 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان واڳيل آهي.
2024ع لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته ملڪ جي آدمشماريءَ جيڪا تقريبن 241 ملين آهي، ان جو صرف 82 ملين ماڻهو روزگار سان لڳل آهي. اسان وٽ غربت جو اهو ئي سبب آهي. جيڪڏهن ماڻهو کي روزگار نه ملندو ته هن وٽ آمدني ڪيئن ايندي ۽ جيڪڏهن آمدني نه ايندي ته ظاهر آهي غربت وڌندي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو ممڪن ناهي ته ان ملڪ جي سرڪار سڀني ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ڏئي سگهي. اسان جي ملڪ ۾ پڻ ايئن ئي آهي، ان جي باوجود سرڪاري نوڪرين ۾ ماڻهو انهيءَ جي لاءِ وڃڻ چاهين ٿا ته انهن جو گذران بهتر ٿئي ۽ جڏهن 60 سالن جي عمر ۾ ملازمت مان رٽائر ٿين ته کين پينشن جو تا حيات فائدو ملي. جنهن جي ڪري سندن عمر جي پڇاڙي وارا ڏينهن آسودگيءَ سان گذرن. هاڻ جڏهن سرڪار سڀني ماڻهن کي روزگار نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ ملڪ اندر جيڪي روزگار جا ذريعا آهن انهن جي مئنيجمينٽ درست ڪري، جيڪو نوجوان ان آسري تي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ته کيس سرڪاري نوڪري ملندي، ان جي لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙي منصوبابندي آهي ته اهو نوجوان تعليم مان فارغ ٿي روزگار حاصل ڪري وٺندو. اهي سڀ شيون هڪ بهتر حڪومت جي منصوبابندي لاءِ ضروري هونديون آهن، پر اسان وٽ اهڙن منصوبن جي کوٽ آهي. هاڻي جڏهن اسان سمجهون ٿا ته هر تعليم يافته نوجوان کي سرڪاري نوڪري نٿي ملي سگهي. پرائيويٽ سيڪٽر پڻ سندس روزگار جو جوڳو بندوبست نٿو ڪري سگهي ته آخر اهو تعليم يافته نوجوان ڇا ڪري؟ سرڪار هڪڙو ڪم ضرور ڪري سگهي ٿي اهڙن نوجوانن کي وڌ کان وڌ هنري تعليم ڏئي انهيءَ قابل بڻائي ته هو ان هنر جو فائدو وٺندي پنهنجي روزگار جو وسيلو پاڻ بڻجي سگهن. ان لاءِ سرڪار کي اسڪول جي سطح کان ڪم ڪرڻو پوندو. جڏهن ٻار پرائمري پاس ڪري سيڪنڊري اسڪول ۾ اچي ٿو ته ان وقت سندس سراسري عمر 11، 12 سال هوندي آهي، انهيءَ ٻار کي مختلف هنر سيکاريا وڃن، انهن هنرن جي لاءِ هر اسڪول ۾ ورڪشاپ ٺاهي عملي طور تي مشق ڪرائي وڃي. جڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ استاد هنر سيکاريندا ته اهو ان هنر جي اهميت پڻ سمجهڻ شروع ڪندو ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو. نه صرف ايترو بلڪه انهن ٻارن کي مختلف وقتن ۾ ليڪچر ڏئي هر ڌنڌي جي معاشي ۽ معاشرتي اهميت کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان کي اهو به سيکاريو وڃي ته ان ڌنڌي کي بنياد بنائي هو ٻين ڌنڌن ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ ڪاروباري واري زندگيءَ ۾ داخل ٿي وڌ کان وڌ پئسو ڪمائي سگهي ٿو. ان سڄي عمل تي سنڌ حڪومت کي صرف ايترو ڪرڻو آهي ته اسان جا اسڪول موجود آهن صرف انهن ۾ هنري تعليم جون آسانيون پيدا ڪري. انهن جي لاءِ استاد رکڻا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪم جا ماهر هجن ۽ انهن جي لاءِ هڪڙو ورڪشاپ قائم ڪرڻو آهي، جتي مختلف هنر سيکاري سگهجن ۽ انهن جي لاءِ گهربل ساز و سامان موجود هجي.
جيڪڏهن حڪومت هن ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان قدم کڻندي ته حڪومت جا پنهنجا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ڇو ته اهي هنرمند مستقبل ۾ نه صرف پنهنجي ملڪ ۾ بلڪه ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجون خدمتون آڇي سگهن ٿا ۽ ملڪ کي ڊالرن ۾ پئسو اماڻي سگهن ٿا، جنهن سان اسان جي صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ تمام گهڻي ڪم اچي سگهي ٿي. گهڻا ماڻهو مختلف ڪمن کي عزت ۽ بيعزتي جي نظر سان ڏسندا آهن. مثال طور: جيڪڏهن ڪو موچڪو ڌنڌو ڪري ٿو ته معاشرو يا اهو ڌنڌو ڪندڙ نوجوان پاڻ خود ان کي عزت جي نگاهه سان نٿو ڏسي. اهڙي قسم جا کوڙ ڪم آهن، حجامڪو ڪم آهي، ڌوٻڪو ڪم، آهي، بورچي جو ڪم آهي، اليڪٽريشن جو ڪم آهي، موٽر مڪينڪ جو ڪم آهي، رازڪو ڪم آهي، گهرن کي رنگڻ جو ڪم آهي، ڪپڙا رنگڻ جو ڪم آهي. اهي سڀ ڪم اهم آهن انهن ڪمن جا ماهر روزگار لاءِ پريشان نه هوندا آهن. اهي پنهنجي روزي جو بندوبست پاڻ ڪري رهيا هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي تعليم يافته هوندا آهن ته پنهنجو ڪم اڃان به بهتر نموني سان سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. انهن ڳالهين طرف حڪومت جو ڌيان ضرور وڃڻ گهرجي. جيڪو ٻار پنج سال عملي طور ڪنهن ڪم سان لڳل هوندو ان کي انهيءَ ڪم جي ڄاڻ هوندي ۽ هو ان ڪم کي خراب نه سمجهندو ۽ جيڪڏهن کيس ميٽرڪ يا انٽر جي تعليم کان پوءِ محنت مزدوري ڪرڻي پوندي ته بهتر نموني ڪري سگهندو، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ان ننڍي عمر ۾ هن کي اهو سڄو هنر هڪ محفوظ ۽ سٺي ماحول ۾ پنهنجن استادن جي هٿان پنهنجي اسڪول جي ديوارن اندر ملندو، جنهن سان سندس عزت ۽ نفس ۾ اضافو ٿيندو ۽ کيس پورهيو ڪرڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ٿيندو، پر شرط وري به اهو ئي آهي ته سرڪار جو انهيءَ طرف ڪيترو ڌيان آهي. ووڪيشنل ٽريننگ اسڪول ۽ ڪاليج موجود آهن، پر ان جو لاڀ نوجوان کي نٿو ملي. ٽيڪنيڪل ڪاليج موجود آهن ان جو لاڀ به نوجوانن ۽ معاشري کي نٿو ملي. انهن ڪوتاهين کي سرڪار دور ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪري؟ هن وقت ٻاهرين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪڏهن مزدور جي ضرورت آهي ته ان لاءِ به تعليم يافته هجڻ ضروري آهي ۽ کيس پنهنجي هنر جي سَنَدَ پڻ حاصل هجڻ ضروري آهي، ان کانپوءِ ئي کيس ٻاهرين ملڪن ۾ گهرايو وڃي ٿو. هنرمند ماڻهو ڪڏهن به پريشان نه ٿيندو آهي، پر ان جي لاءِ موقعا ۽ تعليم ۽ تربيت جو بندوبست سرڪار کي ڪرڻو پوندو آهي جنهن جي کوٽ اسان کي سنڌ سرڪار ۾ نظر اچي ٿي.