سنڌ، جيڪا صوفي ازم، محبت، رواداري ۽ امن جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي، اتي ڪارو ڪاري ظالماڻي رسم جيڪا انساني جانين کي ڳڙڪائيندي رهي ٿي. “ڪارو ڪاري” نالي هيءَ رسم نه رڳو هڪ سماجي مسئلو آهي، پر هڪ گهرو ناسور بڻجي زندگيون ڳڙڪائي رھي آهي. ھيءَ رسم سنڌي سماج جي چهري تي هڪ ڪارو داغ بڻجي وئي آھي. هن رسم جي نتيجي ۾ بي شمار بيگناهه عورتون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مرد به پنهنجي جان وڃائي ويهندا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه “غيرت” جي نالي تي ڪيو ويندو آهي، جيڪو اصل ۾ انسانيت جي توهين آهي. اھا ڪھڙي غيرت چئبي جنھن ۾ ٻالڪ پڻي کان ويندي جواني تائين ھٿن ۾ ٻار وڏا ڪري پوءِ ڪارو چئي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏجي. “ڪارو ڪاري” جي اصطلاح تحت عورت کي “ڪاري” ۽ مرد کي “ڪارو” قرار ڏنو ويندو آهي، جڏهن انهن تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته هو ڪنهن غير اخلاقي لاڳاپي ۾ ملوث آهن. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته گهڻن ڪيسن ۾ اهڙا الزام بنا ڪنهن ثبوت جي لڳايا ويندا آهن ۽ پوءِ بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي، متاثر ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. هي عمل نه رڳو قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پر سماجي بي رحمي جو انتهائي مثال پڻ آهي. “ڪارو ڪاري” سنڌي سماج ۾ ڪا اوچتو پيدا ٿيل رسم ناهي، پر ان جون پاڙون تمام پراڻي قبائلي ۽ جاگيرداري نظام ۾ ملن ٿيون. هي رسم تاريخ جي انهن دورن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن معاشرو قانون بدران رواجن ۽ قبيلي جي اصولن تي هلي رهيو هو. قديم وقتن ۾ خاص طور تي جڏهن رياستي قانون مضبوط نه هئا، تڏهن هر قبيلو پنهنجا ضابطا پاڻ ٺاهيندو هو. انهن ضابطن ۾ “عزت” ۽ “غيرت” کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ عورت کي خاندان جي عزت سان ڳنڍيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن عورت بابت شڪ به پيدا ٿيندو هو ته هن غير اخلاقي عمل ڪيو آهي ته قبيلو يا خاندان بنا ڪنهن جاچ جي سزا ڏيندو هو، جيڪا اڪثر موت هوندي هئي. اهڙيءَ طرح “ڪاري” ۽ “ڪارو” جا لفظ استعمال ٿيڻ لڳا. سنڌ ۾ خاص طور تي هيءَ رسم ان وقت وڌيڪ مضبوط ٿي، جڏهن جاگيرداري نظام وڌيو. وڏيرا ۽ سردار پنهنجن علائقن ۾ پنهنجا قانون هلائيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذاتي مفادن لاءِ به ماڻهن تي “ڪارو ڪاري” جا الزام لڳايا ويندا هئا. ڪيترين ئي حالتن ۾ زمين جي تڪرار، دشمني يا جبري شاديءَ کان بچڻ لاءِ به هن رسم جو غلط استعمال ڪيو ويو. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته هيءَ رسم رڳو سنڌ تائين محدود نه هئي، پر دنيا جي ٻين قبائلي سماجن ۾ به “غيرت جي نالي تي قتل” جهڙيون روايتون موجود رهيون آهن، جيڪي وقت سان گڏ مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان سڃاتيون ويون. سنڌ ۾ ان کي “ڪارو ڪاري” چيو ويو. برطانوي دور ۾ جڏهن هندستان ۾ قانوني نظام قائم ٿيو، تڏهن به اهڙيون روايتون مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيون. ڇاڪاڻ ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبائلي اثر اڃان به مضبوط رهيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به خاص ڪري سنڌ جي اندروني علائقن ۾ هيءَ رسم جاري رهي.