سنڌي ثقافتي شين جي مالڪي ڪري ان کي بين الاقوامي منڊيءَ تائين پهچايو وڃي ته جيئن پورهيتن کي به سٺو معاوضو ملي سگهي
سنڌ جي قديم ۽ پائيدار ثقافت جنهن ۾ خاص ڪري اجرڪ، ٽوپي، گربي، سوسي، کاڌي، ٿري شال، لونگي، گج، ٻانڌاڻا، مختلف قسم جا ڀرت، رليون، جنڊي، ڪاشي، ڪنڀارڪا وڙ وغيره اچي وڃن ٿا. هنن سڀني شين جي جڙڻ ۾ بيحد گھڻي هٿ جي محنت ٿيندي آهي. جيڪا جڙڻ ۾ ڳچ وقت ۽ ڪثير سرمايو پڻ گُھري ٿي. جنهن ڪري انهن شين جي حيثيت ته پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿي، پر انهن جي کاپي ۾ ايتري ڪشادگي نٿي اچي. جيڪا هئڻ گھرجي. سنڌي ثقافت سمايل اصل جُڙيل وڙ مهانگا هئڻ ڪري عام ماڻھن جي وٺڻ کان ڳرا ٿين ٿا. جن کي ڏهاڙيدار وٺڻ کان ته قاصر ئي آهي، پر وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھو پڻ وٺڻ ۾ تمام گھڻي احتياط کان ڪم وٺي ٿو. سنڌي اجرڪ جي گهٽ ۾ گھٽ قيمت ٽن هزارن کان شروع ٿئي ٿي ۽ سنڌي چڱيرڙي ٽوپين جي قيمت هزار کان مٿي آهي. ان کان سواءِ جنڊيءَ تي تيار ٿيندڙ خوبصورت ڪاٺ جا پينگھا، کٽون، اکرا مهلڙا، ويلڻ چڪرا، صندوقون ۽ ننڍيون ننڍيون ٻيون شيون پڻ بازاري شين جي ڀيٽ ۾ چوڻين کان ڏهوڻين قيمتن تي وڪامجن ٿيون. جنهن ڪري عام ماڻھو ته فقط سوچي سگھي ٿو. باقي ته انھن ۾ وٺي سگھڻ جي پهچ نه هوندي آهي. اهڙي ئي نموني سنڌي ٽُڪ تي رليون، کاڌي، سوسي، گربي، ٿري شالون، لونگيون، گج ۽ ٻانڌاڻا وغيره ته ٺڪر مان ٺهيل نت نون نرالن رنگن سان سجايل ٿانو پڻ عام مارڪيٽي ساڳين وڙن کان قيمتي هوندا آهن. جنهن ڪري انهن جو واهپو تمام گھٽ ٿئي ٿو.
اصل ۽ نج وڙن جو واهپو گھٽ ٿيڻ ڪري، سنڌي اصل هنرن کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي. جتي اڳ ۾ سون ۾ اجرڪن جا ڪارخانا هئا، اتي هاڻي چند شهرن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪارخانا وڃي بچيا آهن. ڪاشيءَ جون سرون، ٽائلون ۽ ٻيو سامان پڻ تمام گھٽجي وڃي باقي بچيو آهي. ان کانسواءِ جنڊيءَ جو ڪم پڻ تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. هاڻي جهڙوڪر باقي وڃي هالا ۽ ڀٽ شاهه ۾ ڏسي سگھبو. باقي شهرن مان ان جي تياري ختم ٿي چڪي آهي. سبب فقط اهوئي آهي، ته انهن جي تياريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ وکر جا ڳاٽي ڀڳا اگھه انهن جي هموار راھه ۾ رڪاوٽ بڻجندا رهيا آهن. جنهن ڪري مال جي تياريءَ جو ڪم سست ٿي ويو آهي. جنهن سان انهن ڪمن جي ڪاريگرن کي فاقا ڪشيءَ تي لاهي ڇڏيو آهي. فاقا ڪشيءَ کان بچڻ لاءِ مختلف سنڌي ثقافتي هنرن جا ڪاريگر وڃي ٻين ڪِرتن کي لڳا آهن. جنهن ڪري انهن جا پنهنجا هنري جان نشين پيدا ڪرڻ پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. اڳتي هلي نتيجو اهو نڪرندو ته اسان جي سنڌ جي اصل ۽ نج ثقافت ختم ٿي ويندي ۽ ان جي جاءِ نقل ۽ مصنوعي وکر اچي وٺندا.
پنهنجي سنڌ جي نج ثقافت کي هن وقت بچائڻ انتهائي اهم ۽ بيحد ضروري آهي. جنهن ڪري ان جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پنهنجي وت آهر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سڀ کان پهرين ته سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو، جنھن جو ڪم ئي آھي پنھنجي ثقافت سان لاڳاپيل ھر شيءِ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرڻ. تنھن کي ھن ميدان ۾ پاڻ ملھائڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل هر ڪارخاني ۽ ڪاريگر جي مالڪي ڪرڻ کپي. جيئن بند ٿي ويل ڪارخانن کي ٻيهر چالو ڪري انهن ۾ گھربل سامان مهيا ڪري، ثقافتي شيون وافر مقدار ۾ جوڙائي ٻاهرين ملڪن ۾ انهن جي مارڪيٽ ٺاهي ۽ برآمد ممڪن بڻائي. سنڌ جي ثقافت کي بين الاقوامي سطح تي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ثقافتي ميلا، ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺائي، ان جي پرچار ڪري ۽ پرڏيهي ماڻهو جيڪي ان جي خريداري ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن کي دعوت نامه ڏئي انهن ڪانفرنسن ۾ شرڪت لاءِ گهرائي.
سنڌ سرڪار کي گھرجي ته جيڪي ملڪ اسان جي وطن ۾ سندن ملڪي مصنوعات درآمد ڪن ٿا، تن تي زور ڀري تہه اسان جي ملڪي گهريلو مصنوعات کي پنھنجي ملڪن ۾ متعارف ڪرائي.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقرر ڪيل سفيرن معرفت پنھنجي ملڪي ثقافتي سامان جي تشھير لاءِ زور ڀري، پنھنجي ثقافتي رنگن جي برآمدات کي ممڪن بنائي. ان سان ڪيترائي ملڪي سطح تي فائدا پوندا. جن ۾ سڀ کان پھرين تہه ملڪ ۾ پرڏيھي ناڻو ايندو. جنھن سان اسان جي ملڪ جي معيشيت سگهاري ٿيندي. ٻيو تہه بيٺل ڪارخانا ھلندا، جنھن سان ڪارخانن ۾ ڪَٽجي تباھه ٿيندڙ مشينري بچي پوندي. ٽيون تہه بيروزگار ٿي ويل ڪاريگر پنھنجي ڪاريگريءَ کي ڪتب آڻيندي، پنھنجي ھنر ۾ وڌيڪ فني مھارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ بيروزگاريءَ جھڙي ڳچيءَ ۾ پيل عذاب مان بہه آجا ٿي پوندا ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ آسانيءَ نہه رڳو پالي سگهندا، پر پنھنجي جيون کي بہه دنيا ۾ سوکو گذاري سگهندا.
ھزارين سنڌين جون ريليون، نڪري چڪيون آھن، ڪي نڪري رھيون آھن. جهرمر جھان سارو ٿيو پيو آھي. مٿي تي ٽوپي پٽڪا، ڪلهن ۾ اجرڪن سان، گهٽيون، روڊ ۽ رستا رنگارنگي بڻيا پيا آھن. لڳي ائين رھيو آھي، تہه اجرڪون دڪانن تان ملڻ ڏکيون ٿي پونديون، ڪارخانا خالي ٿي چڪا ھوندا. ٽوپين جا دڪاندار سڄي سال جو خرچ ڪڍي چڪا ھوندا. اجرڪن ۽ ٽوپين جا پورھيت عيد ڪري ثقافتي ڏينھن ملهائي رھيا ھوندا… ھڪٻئي کي ڀاڪر ڀري واڌايون ڏئي رھيا ھوندا. مٺائين جا مڻ ورھائي رھيا ھوندا…
پر اھڙو ڪوبہه سماءَ ڏسڻ ۾ نہه آيو. اھي پورھيت اڄ بہه پورھيو ڪندي ڏٺا ويا. اجرڪن تي پور ڇريندي ڏٺا ويا… ٽوپين ٺاھڻ وارا ھٿن ۾ سيون کڻي ٽوپيون مڙھي رھيا آھن… ڪنھن بہه پورھيت اڄوڪي ڏھاڙي کي عيد ڪري ڇا… پر جمعو ڪري بہه نہه ملهايو آھي..!
اھو ڏسي حيرت وڪوڙي وئي تہه آخر ڇو…؟
ائين ڇو آھي…؟
ان جو ڪارڻ ڪھڙو آھي…؟
جو ثقافتي عيد ثقافتي خالق ملهائڻ کان قاصر آھن.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، تہه ثقافتي ڏھاڙي جي خوشي جيتري ثقافت جوڙيندڙ کي ٿيڻ کپي، اوتري ثقافت اوڍيندڙ کي نہه….
ان جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ نيٺ اجرڪ جي ڪاريگر کان پڇيم، تہه ادا توھان اڄ بہه ڪم تي چڙھيا آھيو؟ اڄ تہه توھان جي جھڙي عيد آھي؟
جواب ڏنائين تہه “ھا ادا واقعي اڄ اسان جي عيد آھي، پر عيد ٻچن جي پيٽ کان مٿي ڪونهي…!”
اھو ٻڌي اچرج پئجي ويس.!
“اھو وري ڪيئن؟” ان کان سوال ڪيم:
وراڻيائين تہه ادا ھي عيد اجرڪ ٽوپي جي نالي تي ضرور ملهائي وڃي ٿي. سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ضرور ملهائي وڃي ٿي، دنيا ۾ اجرڪ ٽوپيءَ کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو. لکين ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا…
“پر اسان کي ان مان ڪو خاطرخواهه لاڀ ڪونهي.”
سو وري ڪيئن؟ پڇيو مانس
چيائين “ھي جيڪي ٽوپي اجرڪ سان ھزارين ماڻهو ڏسو پيا. انهن جي مٿي جو موڙ مشين تي تيار ڪيل ٽوپيءَ جو آھي. اصل ھٿ سان جڙيل ٽوپيون دڪانن جو سينگار آھن.”
۽ “ڪلهن ۾ پاتل ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل ماڻهن مان 99 سيڪڙو ماڻهن کي بازاري ڇاپي واريون اجرڪون پھريل آھن. اصل نج سنڌي اجرڪ وري ڪنھن جي ڪلهن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، نه ته اڪثريت جي ڪلهن جي زينت نقلي ڇاپي واري اجرڪ بڻيل آھي.”
ھا ايترو ضرور ٿيو آھي تہه “ڪجهه سنڌي اجرڪ جو واھپو وڌيو آھي. جنھن ڪري، ڪارخانا ھلي رھيا آھن. سرنديءَ وارا اصلي اجرڪ وٺن ٿا. باقي غريب غربو بازاري اجرڪ سان ڪم ٽپايو وڃي.”
ھونئڻ تہه ائين گهرجي جو ھر ماڻهو سال ۾ ھڪڙو ڀيرو ٻين ضروري خريدارين سان گڏ ھڪڙي اصلي اجرڪ ۽ نج سنڌي ٽوپي خريد ڪري، پنھنجي ثقافت کي ھنئين سان ھنڊائي تہه جيئن ثقافت جو ڏھاڙو، ثقافت جو سامان مھيا ڪندڙ بہه ملهائي سگهن.
وڏا وڏا ادارا، ميڊيا جا دفتر، قومي مقصدن تحت ڪم ڪندڙ تنظيمن، اين جي اوز، وغيرہ هه جي سربراھن کي گذارش آھي ته اھي مھمانن کي تحفي طور ارپيندڙ اجرڪون بازاري بجاءِ سنڌي اوڍائين. پنھنجي ۽ پنھنجن ڪارڪنن جي ڪلهن جي زينت سنڌي اجرڪ ۽ مٿي جو موڙ سنڌي ٽوپي لازمي ڪري ڇڏين، ته جيئن نجي اجرڪن ۽ ٽوپين جو واھپو وڌي. اھوئي اصل ثقافتي ڏھاڙي جو پيغام آھي. جنھن کي دل جان سان مڃڻ ھر سنڌيءَ جو ڪم آھي.

