چونڊ پڌرنامو (Election Manifesto) : سياسي جماعتن جو آئينو
چونڊ پڌرنامو (Election Manifesto) سياسي نعرن کان لکت جي شڪل ۾ انهيءَ اٽڪل ٻن صدين جو سفر پورو ڪيو آهي. جيڪو اڳ هڪ يا ٻن مسئلن تي سياسي نعري جي شڪل ۾ هوندو هو، پر پوءِ هاڻي پڌرنامي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. جيئن جيئن جمهوريت مضبوط ٿيندي وئي تيئن تيئن اُتي وقت تي چونڊون ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ چونڊ پڌرنامو به لازم ٿي پيو آهي. مضبوط جمهوري ملڪن ۾ پڌرنامي کي نئين سِري سان هڪ سماجي معاهدو قرار ڏنو ويو آهي. هن پڌرنامي جي بنياد تي سياسي جماعتن جو احتساب آسانيءَ سان ٿيندو آهي. پڌرنامو سياسي جماعتن جي نظريي، فلاسافي، پنهنجي سماج کي سمجهڻ ۽ ان جي چئلينجز کي ظاهر ڪندو آهي. ان ڪري پڌرنامي کي هڪ تحقيقي مضمون جي دعوى مطابق سياسي جماعتن جو آئينو سڏيو آهي.
پڌرنامي جي وصف ۽ اهميت
2008 جي آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ مطابق پڌرنامو هڪ لکت ۾ دستاويز هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو هڪ گروھ خاص ڪري سياسي جماعت پنهنجو فڪر ۽ نظريو پيش ڪندي آهي ۽ واعدو ڪندي آهي ته اها جماعت، چونڊ کٽڻ کان پوءِ ڇا ڇا ڪندي؟ ٻين لفظن ۾ ووٽرن سان واعدي نامو هوندو آهي. جيڪڏهن سياسي جماعت اڪثريت ۾ ووٽ وٺي آئيني طور اقتدار ۾ آئي ته پڌرنامي ۾ ڏنل واعدن تي عمل ڪندي. ائين هر عام چونڊ کان پهريائين سياسي جماعتون عوام جي اڳيان پڌرنامو پيش ڪنديون آهن. مثال طور؛ پاڪستان ۾ ٽن وڏين جماعتن سان گڏ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 2018 ۾ پڌرنامو پيش ڪيو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پڌرنامو 14 صفحن تي ٻڌل ڪتابچو، تحريڪ انصاف جو 61 صفحن تي پڌرنامو ٺهيل هو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو 70 صفحن تي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 64 صفحن تي مشتمل هو. 2019 سال جي عام چونڊن ۾ هندستان جي انڊين نيشنل ڪانگريس 29 صفحن تي پڌرنامو ظاهر ڪيو ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) 45 صفحن تي ٻڌل عوام سان واعدا ڪيا.
جمهوري ملڪن ۾ چونڊ هڪ بامقصد عمل آهي ۽ ان چونڊ ۾ پڌرنامي کي ظاهر ڪرڻ انتهائي ضروري ۽ سنجيدگيءَ جو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته ووٽر کي پڌرنامي ۾ پنهنجي سلامتي ۽ خوشحالي نظر ايندي آهي. مثال طور؛ ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن بي روزگاري، غربت ۽ بدامني وڌيل آهي ته جيڪا به سياسي جماعت چونڊ کان پهريائين پڌرنامي ۾ ان جو حل ٻڌائيندي ته يقينن ووٽر ان جماعت کي اهميت ڏيندو. جمهوري ملڪن ۾ 2 يا 2 کان وڌيڪ سياسي جماعتون چٽاڀيٽي ۾ هونديون آهن ۽ هر جماعت پنهنجي پڌرنامي جي شڪل ۾ وَکرُ پيش ڪندي آهي. ووٽر جيڪو گراهڪ جي شڪل ۾ ان ئي جماعت جو وَکرُ خريد ڪندو. جنهن ۾ هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي سلامتي ڏسندو. ان جي برعڪس پاڪستان ۾ عمومن ۽ سنڌ ۾ خصوصن پڌرنامي کي پڙهڻ بجاءِ ماڻهو سياسي اڳواڻن جي بيانن تي هرکي پوندو آهي.
پڌرنامو ڇو ضروري آهي؟
جمهوري ملڪن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ سياسي جماعتون ڪم ڪن ٿيون. هر هڪ جماعت جو حڪومت يا سماج کي هلائڻ لاءِ انهن وٽ خاڪو هوندو آهي. هر جماعت اها دعوى ڪندي آهي ته منهنجو خاڪو يا منهنجو نظريو سماج کي محفوظ ۽ خوشحال ڪري سگهي ٿو. پر ان کي اقتدار وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته هو عام چونڊن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي يا ٻين جماعتن سان اتحاد ڪري گهربل ووٽ وٺي. ٻنهي صورتن ۾ عام چونڊن کان پهريائين پڌرنامي جي شڪل ۾ ماڻهن کي خبر پوندي آهي ته هي جماعت ملڪي سلامتي، معاشيات، سماجي سهولتون ۽ ضرورتون (بجلي، پاڻي، صحت، تعليم، پيئڻ جو پاڻي، روڊ ۽ امن امان وغيره)، موسمي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ اها ڪيتري سنجيده آهي.
هن جماعت وٽ ڪهڙيون پاليسيون ۽ پروگرام آهن. ماضيءَ ۾ هن جماعت عوام جي ڪيتري خدمت ڪئي آهي ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. هاڻي جي مسئلن ۽ آئندي جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هن جماعت ڪيتري تحقيق ڪري خاڪو ڏنو آهي جو عوام هن جماعت تي اعتبار ڪري ووٽ ڏئي. اهڙي طريقي سان ملڪ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿيل سياسي جماعتن جا پڌرناما ظاهر ٿيندا آهن. مجموعي طور عوام ڪنهن هڪ جماعت جي پڌرنامي مان متاثر ٿي ان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ سوچيندو آهي.
پڌرنامي جي نه هجڻ جي صورت ۾ عوام کي ڪيئن خبر پوي ته ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن. صرف نعرن تي عوام ووٽ نه ڏيندو آهي، پر ماضي، حال ۽ مستقبل جي خاڪي کي ڏسي ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ ذهن ٺاهيندا آهن. ان ڪري جنهن به ملڪ ۾ جمهوريت رائج آهي ۽ عام چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن ٿيون، اُتي سياسي جماعتون چٽاڀيٽي جي ماحول ۾ پنهنجو پڌرنامو ظاهر ڪنديون آهن.
پڌرنامو ڪيئن لکيو ويندو آهي؟
پڌرنامو هوا ۾ نه لکيو ويندو آهي، پر ان جو بنياد زميني حقيقتن منجهان ڦٽندو آهي. مثال طور؛ هن وقت ملڪ جون سياسي، معاشي، سماجي، تعليمي ۽ آئيني صورتحال ڪهڙي آهي. تڪڙا مسئلا ڪهڙا آهن جن کي حل ڪرڻو آهي. بي روزگاري، غربت ۽ کاڌي خوراڪ جي صورتحال ڇا آهي. عالمي دنيا ۾ ڪهڙا سياسي ۽ معاشي رجحان آهن. پاڙيسري ملڪن سان ڪهڙا تعلقات آهن. ائين سوين سوال ٺاهي ۽ انهن جا جواب انگن اکرن سان ڏنا ويندا آهن. ان لاءِ سياسي جماعت تحقيق، لٽريچر، سروي، ماهرن جون تجويزون، پارٽي ميمبرن سان صلاحون ۽ عوامي راين کي گڏ ڪري هڪ حقيقت پسند پڌرنامو تيار ڪندي آهي.
پاڪستان جي مختلف سياسي جماعتن جي پڌرنامن جو اڀياس ڪبو ته سِواءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پڌرنامي جي باقي سڀ پڌرناما خالي لفظن سان ڀريل هوندا آهن ته جيئن انهن جو عوام احتساب نه ڪري سگهي. جيڪا سياسي جماعت سنجيده هوندي اوتروئي ان جو پڌرنامو آئيني وانگر چمڪندو نظر ايندو. باقي ٻين جماعتن وٽ هوائي ۽ خيالي واعدا هوندا جنهن ۾ انگ اکر بلڪل غائب هوندا آهن.
پڌرنامي ۾ ڇا هوندو آهي؟
پڌرنامو ٻين لفظن ۾ واعدن جي فهرست جو نالو آهي. جيڪو ڪا سياسي جماعت چونڊن کان اڳ عوام سان ڪندي آهي. اصولي طور ملڪ جي جاگرافيائي حدن اندر ڪا سُئي به ڪري ٿي ته اها سياسي جماعت لاءِ اهم هوندي آهي، پر جيئن ته هڪ چونڊ کان ٻي چونڊ تائين جو عرصو، آمريڪا ۾ 4 سال، پاڪستان، فرانس ۽ برطانيه ۾ 5 سال هوندو آهي. پڌرنامي ۾ گهڻو ڪري هيٺيان شعبا شامل هوندا آهن:
ملڪ جي سلامتي، اندروني ۽ ٻاهرين
آئين جا اهم حڪم ناما
قانون سازي
معيشت سان لاڳاپيل مسئلا (دولت جي پيداوار ۽ ورڇ، قرض لاهڻ، ٽيڪس ۾ ڦيرڦار، غربت گهٽائڻ ۽ روزگار وڌائڻ، زراعت ۽ صنعت کي ترقي ڏيڻ)
وسيلن جو صحيح استعمال ۽ توانائي سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ (گئس، بجلي، تيل ۽ ڪوئلو وغيره).
موسمي تبديلي جي نقصان کان بچاءُ
عوام جون سماجي ضرورتون پوريون ڪرڻ (تعليم، صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ امن امان وغيره)
پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن جي ترقي
ٽيڪنالاجيءَ جو واڌارو (انفارميشن ٽيڪنالاجي، روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذهانت وغيره)
عوام جي بنيادي آزادين ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ
انصاف کي تيز ۽ سستو ڪرڻ
پليون، رستا، عمارتون ۽ زميني ميلاپ جي تعمير (Connectivity)
ملڪ جي ٻولي، ثقافت ۽ ورثي جي حفاظت ڪرڻ
هنن شعبن کان علاوه ٻي ڪنهن به شعبي جا واعدا ٿي سگهن ٿا.
پڌرنامي جي تشهِير
سياسي جماعتون پنهنجي چونڊ پڌرنامي جي تشهِير لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪنديون آهن. پراڻي دور ۾ چونڊ کٽڻ لاءِ اڳواڻن جون تقريرون، ڀتين تي پمفليٽ ۽ هوڪا ڏيندا هئا، پر وقت گذرڻ سان گڏ نوان نوان طريقا استعمال ٿيڻ شروع ٿيا. جنهن ۾ جلسا، جلوس، پوسٽر ۽ عوامي جڳهن تي مخالفن سان تقريربازي شامل آهي. اڳتي هلي نئين ٽيڪنالاجي اچڻ سان اخبار، ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي سياسي جماعتون استعمال ڪرڻ لڳيون. مثال طور؛ 1960 ۾آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جان ايف ڪينيڊي ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اميدوار رچرڊ نڪسن پهريون دفعو ٽيليويزن تي اچي پنهنجي چونڊ منشور جي چٽاڀيٽيءَ ۾ شريڪ ٿيا. ان کان پوءِ انٽرنيٽ، اِي-ميل، موبائل سروس، فيسبڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب، واٽس ايپ ۽ ٽيوٽر جنهن کي هاڻي “ايڪس” سڏن ٿا ۽ ٻيا طريقا استعمال ڪري هر جماعت وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
سياسي جماعتن طرفان پنهنجي پڌرنامي کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ رستن تي نمائشي گاڏيون، سياسي نعرن سان ڦوڪڻا اڏائڻ سان گڏ ٻيا طريقا به استعمال ڪنديون آهن. انهن سڀني طريقن کي ماس ميڊيا چيو وڃي ٿو. يقينن جنهن جماعت وٽ وڌيڪ مالي وسيلا هوندا. اها پارٽي ماس ميڊيا جي مختلف طريقن جي استعمال تي خرچ ڪري ووٽرن تائين پهچندي. مثال طور؛ سال 2016 ۾ آمريڪا ۾ ٽرمپ (رِيپبلڪن پارٽي) وٽ هيلري ڪلنٽن (ڊيموڪريٽڪ پارٽي) جي مقابلي ۾ وڌيڪ پئسا هئا. هُن وڌيڪ منظم نموني سان چونڊ مهم هلائي ۽ صدارتي چونڊ کٽي ويو. ان ڪري صرف پڌرنامو سٺو هجڻ ڪافي ناهي، پر انهيءَ پيغام کي وڌ ۾ وڌ ووٽرن تائين ڪيئن پهچائجي ته جيئن چونڊ ڏينهن اهي پنهنجي پسند جي جماعت کي ووٽ وجهن.
پڌرنامي تي عمل جو جائزو
قانوني طور پڌرنامي تي عمل نه ٿو ڪرائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اندروني ۽ ٻاهرين طور ڪي اهڙا واقعا ٿي سگهن ٿا جو حڪومتي جماعت ان تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي. مثال طور؛ ڪووڊ-19، اندروني جهڳڙا، قدرتي آفتون، عالمي معاشيات ۾ مندي ۽ علاقائي لڙاين جيئن؛ (يوڪرين جي جنگ) جي ڪري حڪومتي جماعت پنهنجي پڌرنامي ۾ ڪيل واعدا پورا نه ٿي ڪري سگهي، پر جيڪڏهن اندروني ۽ ٻاهريون حالتون ٺيڪ آهن ته ان جي باوجود پڌرنامي تي عمل نه ڪرڻ جي سزا ملڻ گهرجي. مثال طور؛ ايندڙ چونڊ ۾ عوام حڪومتي جماعت کي رد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي ويجهو تجربو ڏسون ٿا ته پي ڊي ايم جي حڪومت 16 مهينن ۾ مهانگائپ کي گهٽائڻ ۽ معاشي ترقي جو جيڪو واعدو ڪيو ان تي مڪمل ناڪام وئي. عمران خان جي پاڪستان تحريڪ انصاف آگسٽ 2018 کان اپريل 2022 ٽي سال 8 مهينن ۾ ٻيا ته وڏا واعدا ڪيا پر ان ۾ خاص 2 واعدا ته غريبن لاءِ 50 لک گهر ٺهرائينداسين ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏيارينداسين ان ۾ ناڪام ويو.
اهڙي طريقي سان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لڳاتار مڪمل اختيارن سان سنڌ ۾ 15 سال حڪومت ڪئي، اها ٻين واعدن جي خلاف ورزي سان گڏوگڏ سنڌ ۾ امن امان به قائم نه ڪري سگهي ۽ ماڻهن کي انصاف مهيا نه ڪري سگهي. جنهن جو هن واعدو ڪيو هو. ساڳي طريقي سان پوئتي پيل ملڪن ۾ سياسي جماعتون چونڊ کان اڳ وڏا وڏا واعدا ڪنديون آهن، پر جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت اقتدار ۾ ايندي آهي ته پنهنجي واعدن جي خلاف ڪم ڪندي نظر ايندي آهي. ان جي برعڪس مضبوط جمهوري ملڪن ۾ سياسي جماعتون جيڪي پڌرنامي ۾ واعدا ڪنديون آهن ان تي گهڻو ڪري عمل ڪنديون آهن. مثال طور؛ جرمني جي اڳوڻي چانسلر انجيلا مرڪل مسلسل طور 2005 کان 2021 تائين 16 سال جرمني جي چانسلر رهي ۽ ان هر چونڊ ۾ عوام سان ڪيل واعدن تي عمل ڪيو.
پڌرنامي تي مٿي بحث ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هر عام چونڊ کان پهريائين سياسي جماعتون پنهنجي پڌرنامي ۾ جيڪي واعدا ڪنديون آهن اهو ڄڻ ته انهن جو آئينو آهي. جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته انهن جماعتن وٽ حڪومت يا سماج جي ڪهڙن مسئلن جي سمجھ آهي ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪري سگهجي ٿو. اهو ڄڻ ته هر چونڊ جي نئين مرحلي لاءِ هڪ نئون سماجي معاهدو آهي. آخر حڪومت، آئين ۽ چونڊون اهي سڀ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ته هونديون آهن. تنهنڪري غريب ملڪن ۾ سياسي جماعتن کي وڌيڪ سنجيده ٿيڻو پوندو. وڌيڪ بهتر کان بهتر چونڊ پڌرناما ظاهر ڪرڻا پوندا ۽ انهن تي عمل ڪرڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ سماجي تنظيمون، انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا، عام عوام، ميڊيا، عدليه ۽ مخالف جماعتن تي فرض آهي ته اقتداري سياسي جماعت کي مجبور ڪن ته هو پنهنجي چونڊ پڌرنامي تي عمل ڪري، ملڪ جي حڪمراني کي بهتر ڪري، عوام کي هڪ سٺي زندگي مهيا ڪري ڇاڪاڻ ته اقتداري سياسي جماعت چونڊن کان اڳ عوام سان اهڙو سماجي معاهدو ڪيو هو.
***