مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب نائون)
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
اي ايمان وارئو! ”مستقبل حال لاءِ ڪيترو اهم آهي، جڏهن انسان پنهنجن ٻارڙن جي گهيري ۾ رهي ٿو“-ڊارون
لفظ ذيلي پيداوار چڱو غير ضروري لڳي ٿو. ائين پيو ڀاسجي ته اهو ڪمزور ۽ غير اهم آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. مثال طور لکڻ ۽ پڙهڻ انهن مطابقتن جي ذيلي پيداوار آهي، جيڪي ڪنهن ٻي مقصد لاءِ پيدا ڪيون ويون هيون. اسان جي دماغ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جا ڪي به خاڪا موجود نه هئا، پر اسان وٽ ٻين مطابقتن کانسواءِ نظر، زبان، علامتي سوچ، ۽ هٿن جي چرپر لاءِ پُٺا موجود آهن. اهي تمام مطابقتون ان وقت حرڪت ۾ آيون، جڏهن انسانن لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. اها اسان جي وڏڙن جي سڀ کان اهم ثقافتي ايجاد هئي.
اهڙي نموني موسيقي به امڪاني طور زبان جي ذيلي پيداوار آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ حرف علت ۽ حرف صحيح کي ترنم ۾ آندو وڃي ٿو، ۽ تال بنيادي طور دل جي ڌڙڪن مان ورتي وئي آهي. ڪنهن ثقافتي پيداوار جي اثر پذيريءَ کي ڏسڻو آهي ته پنهنجي پسند جو ڪو به گيت ٻڌو، خاص طور اهڙو جنهن سان اوهان جون ڪي يادون لاڳاپيل هجن.
مذهب، هڪ اهڙي طاقت آهي، جنهن تاريخ ۽ انفرادي روين جي رخ جو تعين ڪيو آهي. ان کي ذيلي پيداوار سڏڻ سان ان جي طاقت گهٽ نه ٿي ٿئي، خاص طور هاڻوڪي دور ۾ ڪيترن ئي تحقيقن ان طاقت کي اڃا به وڌايو آهي. ويجهڙ ۾ ڪيل هڪ تحقيق منجهان اسان تي مذهب جي مافوق الفطرت پڪڙ جي باري ۾ عملي ۽ اکين ڏٺيون شاهديون سامهون آيون آهن.
ڊينمارڪ جو نيورو بائلاجسٽ ۽ صحافي لون فرينڪ چوي ٿو: ”تقدس، اسان جي ٻن ڪنن وچ ۾ آهي“. نيورو سائنس ۽ دماغي تصويرن مان اهو خيال، کُلي سامهون آيو آهي.
دماغي تحقيق ۽ مذهب جي دنيا ۾ وڏو نالو مائيڪل پرسنگر جو آهي، جيڪو ڪينيڊا جي لورينشن يونيورسٽيءَ جو نفسيات دان آهي. هو 1980ع کان ”خدائي هيلميٽ“ جي مدد سان تجربا ڪري رهيو آهي. ماڻهن کي هڪ اونداهي ۽ پرسڪون ڪمري ۾ ويهاريو ويندو آهي، انهن جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت بند ڪئي ويندي آهي، ۽ انهن جي مٿي تي هڪ هيلميٽ رکي ويندي آهي، جيڪا دماغ جي پٺين حصي کي مقناطيسيت ذريعي چرپر ۾ آڻيندي آهي.
تجربي هيٺ رهندڙ ماڻهو، ڪنهن ٻي جي موجودگي محسوس ڪندا آهن. پنهنجي ذاتي ۽ ثقافتي پسمنظر جي روشنيءَ ۾ اهي ماڻهو، ان ”موجودگيءَ“ کي ڪنهن هستيءَ يا ڪنهن مذهبي شخصيت سان ڳنڍيندا آهن. عورتن ۾ اهو تجربو، مردن کان وڌيڪ ڪامياب ويندو آهي.
پرسنگر جو چوڻ آهي ته اسان جي اندر ڪوئي مستقل يا واحد ذاتي احساس ناهي، نه ئي اسان جي دماغ جو اهڙو حصو آهي، جتي اهو احساس اڀري ٿو. حقيقت ۾ دماغ جي اندر اهڙا ڪيترائي حصا هوندا آهن، جيڪي اسان جو ذاتي، شعوري احساس تخليق ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. جاڳڻ وقت دماغ جو ساڄو حصو غالب رهندو آهي، جيڪو زبان تي ڪنٽرول ڪندو آهي. خوف، ڊپريشن، ذاتي صدمو، گهٽ آڪسيجن، خون ۾ مٺاڻ جو گهٽ مقدار، يا ”خدائي هيلميٽ“ پائڻ سان هڪ واڌو ذاتي احساس، جيڪو اسان جي لاشعور ۾ اچي ٿو ۽ ”ٻي“ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٿو.
ٽيمپورل لوبز ذريعي مذهبي تجربي جا احساس، ڪنهن تجربي گاهه اندر ٿيڻ وارو ڪو نصابي عجوبو ناهي؛ ٽيمپورل لوبز نه رڳو ڳالهائڻ، پر خدا جي آواز کي ٻڌڻ جي مذهبي احساس ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اسان پنهنجي اندر جي آواز کي غلطيءَ منجهان ڪنهن ٻي جو آواز سمجهي سگهندا آهيون. ڪيترن ئي ورهين کان اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ٽيمپورل لوب جي مرگهي جي شڪار ماڻهن کي سخت مذهبي احساس هوندا آهن، ۽ اهڙا مريض ڪٽر مذهبي هوندا آهن.
سينٽ پال جڏهن دمشق وڃي رهيو هو ته ممڪن آهي کيس رستي تي مرگهيءَ جو دورو پيو هجي. اهو به ممڪن آهي ته دنيا جي مختلف عقيدن جا باني مرگهيءَ جا مريض هجن. سينيٽ ٽيريسا آف آيويلا، فيوڊوردوستويفسڪي، ۽ مارسل پروست وغيره کي ٽيمپورل لوب جي مرگهي هئي، جنهن ڪري سندن ڌيان مذهب ڏانهن مائل ٿيو.
آمريڪا جي ٽامسن جيفرسن يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر اينڊريو نيو برگ، راهبائن دعا گهرڻ وقت، راهبن جي مراقبي دوران ۽ ٻين ماڻهن جي وجد جي حالت ۾ دماغي تصويرون ورتيون، انهن تصويرن مان نتيجو ڪڍيو ويو ته ڪنهن فرد جي اهڙي جذباتي حالت جنهن ۾ هو پاڻ کي ”ڪائنات سان گڏ هم آهنگ“ محسوس ڪري ٿو، ان حالت جو لاڳاپو دماغ جي فرنٽل لوب جي وڌيڪ فعاليت ۽ ساڄي حصي واري ٽيمپورل لوب جي گهٽ فعاليت سان آهي. دماغ جا اهي حصا اهڙي ڄاڻ گڏ ڪن ٿا، جيڪي اسان کي پنهنجي ماحول ۾ پنهنجو ڪردار مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهي حصا، اسان کي ٻڌائن ٿا ته اسان جو جسم ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ باقي دنيا ڪٿان شروع ٿئي ٿي.
جيڪڏهن پرجوش دعائن، مراقبي، تلاوت، مذهبي موسيقي، سرگوشيءَ ۾ دعائون پڙهڻ، ۽ ٻين طريقن سان دماغ جي ان حصي جي حسياتي ترسيل روڪي وڃي ته دماغ کي پنهنجي ۽ ٻي جي باري، اندرين ۽ ٻاهرين دنيا جي باري ۾ فرق ڪرڻ کان پري رکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن دماغ جي ان حصي کي ٻاهرين حسياتي معلومات نه ملي سگهندي ته فرد پنهنجو پاڻ کي ڪل جو حصو محسوس ڪرڻ لڳندو.
اسان کي سُڌ آهي ته اهڙي قسم جي تحقيق ۾ نرالپ هوندي آهي، جيئن هيلميٽ پهريل ماڻهو، راهب، راهبائون، صوفي، ويڳاڻا ماڻهو، ۽ مرگهيءَ جا مريض وغيره. مثال طور، صوفي ۽ ڪرشماتي عيسائي جڏهن پاڻ هڙتو ڳالهائيندا آهن ته ان جي ابتڙ واقع ٿيندو آهي. ان موقعي تي فرنٽل لوب ۾ گهٽ فعاليت ٿيندي آهي، جنهن ڪري ضابطو ختم ٿيڻ جو احساس ٿيندو آهي، جنهن سان پاڻ ۽ خدا جي وچ ۾ تعلق جو تجربو ٿيندو آهي.
2009ع ۾ آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران هڪ ڪتاب شايع ٿيو هو، جنهن جا مصنف دمتريوس ڪيپوجيانس ۽ پنج ٻيا محقق هئا. ڪتاب جو نالو هو: ”مذهبي عقيدي جو ادراڪي ۽ نيوراتي اساس“ (دي ڪاگنيٽِو اينڊ نيورل فائونڊيشنس آف رليجس بليف) ۽ ان ۾مذهب جي ذيلي پيداوار هجڻ جون زبردست شاهديون موجود آهن.
ان ڪتاب ۾ ماڻهن جو فنڪشل ايم آءِ آر جي ذريعي تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ڪندڙن ماڻهن آڏو مذهب جي باري ۾ ڪيترائي بيان پڙهي ٻڌايا، ۽ کين چيو ويو ته انهن سان اتفاق يا اختلاف ڪيو. جيتوڻيڪ، دماغ جي اندر ڪوئي ”خدائي مرڪز“ نه لڌو ويو، پر نيورو اميجنگ ذريعي معلوم ٿيو ته دماغ جو مذهبي نيٽ ورڪ اهو ئي آهي، جيڪو ذهن جي نظريي، نيت، ۽ جذبات ۾ استعمال ٿئي ٿو.
مذهبي ۽ غير مذهبي ماڻهن جي نتيجن جو تقابلي جائزو ورتو ويو ته طريقي ڪار ۾ ڪوئي فرق نه ڏٺو ويو. مذهبيت، ڪوئي الڳ عمل ناهي، پر اها دماغي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل سماجي ادراڪ ۾ استعمال ٿئي ٿي. مذهبي عقيدا نه پاڻ هرتو پيدا ٿين ٿا ۽ نه ئي نرالا آهن. ان تحقيق مان مضبوط شاهديون ملن ٿيون ته مذهبي عقيدا ڄاتل سڃاتل ۽ عام سماجي دماغي سرڪٽ ۽ ذهني طريقي ڪار استعمال ڪن ٿا ۽ اهو طريقي ڪار ان مطابقتي سرشتي تحت عمل ڪري ٿو، جنهن جو پهريان ذڪر ڪري چڪا آهيون.
ويجهڙائيءَ ۾ سيم هيرس به هڪ ٻي تحقيق ڪئي آهي، پاڻ به ايف ايم آءِ آر استعمال ڪندي مذهبي ۽ غير مذهبيءَ جو ان وقت تجزيو ڪيو، جڏهن شريڪ ماڻهن آڏو مذهبي ۽ غيرمذهبي مسئلا سامهون رکيا. مذهبي ماڻهن جي دماغ جي انهن حصن جي اندر وڌيڪ فعاليت نظر آئي جيڪا سڃاڻپ ۽ ڏنل مواد جي بلڪل ابتڙ شين کي پنهنجي نظر سان سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ بابت هوندي آهي.
آئيني نيوران:
آئيني نيوران، اسان سڀني جي دماغن ۾ موجود آهن. جنهن کي تحقيق ڪارن اتفاقي طور تڏهن دريافت ڪيو هو، جڏهن هو 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن دوران ڀولڙن تي تحقيق ڪري رهيا هئا. پوءِ واري ٿيندڙ تحقيق مان پتو پيو ته اهي انساني دماغ ۾ به موجود آهن. انهن نيورانس جي دريافت، جديد سائنس جي اهم ترين دريافتن ۾ شامل آهي. اهي نيوران ان وقت فعال ٿيندا آهن، جڏهن ڪوئي جانور ڪو فعل ڪندو آهي ۽ جڏهن اهو جانور ٻي ڪنهن جانور کي ساڳيو فعل ڪندي ڏسندو آهي. اهي نيوران ٻين جي رويي جو اهڙي نموني نقل پيش ڪندا آهن، جيئن هو خود ان عمل ۾ حصو وٺي رهيا آهن، تنهن ڪري اهو چوڻ درست آهي ته ڀولڙو نقل جو ماهر آهي.
ان خيال کي هڪ مثال سان چٽو ڪريون ٿا. جڏهن توهان پنهنجي سڄي ٻانهن مٿي کڻون ٿا ته توهان جي کٻي ٻانهن وارا نيوران به چست ٿي وڃن ٿا، جيڪي سڄي ٻانهن جي حرڪت کي ڪنٽرول ڪندا آهن. جيڪڏهن توهان مونکي ائين ڪندي ڏسندا ته توهان جا به اهي نيوران فعال ٿي ويندا، توڙي جو توهان جي سڄي ٻانهن سڪون واري حالت ۾ آهي. جيڪڏهن منهنجي سڄي ٻانهن ۾ چاقو کپي وڃي ته منهنجي کٻي دماغ وارا سور وصول ڪرڻ وارا نيوران فعال ٿي ويندا، جيڪڏهن توهان مونکي ان حالت ۾ ڏسندا ته توهان جي دماغ جا به ساڳيا حصا حرڪت ۾ اچي ويندا.
پر توهان کي اهو تجربو ڪرڻ لاءِ سور جون سٽون کائڻ جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن کي کٽو کٽمٺڙو چوسيندي ڏسو ته توهان پنهنجي زبان تي به کٽو ذائقو محسوس ڪندا، ۽ توهان جي وات ۾ ائين ئي پاڻي اچي ويندو، ڄڻ توهان پاڻ اهو کٽمٺڙو چوسي رهيا هجو. يا توهان اوٻاسي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪريو، جڏهن ٻيو ڪو توهان جي سامهون اوٻاسي ڏئي رهيو هجي.
فلاحي ڪمن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ واري اها ڳالهه سمجهون ٿا. هو دنيا ۾ بک جي باري ۾ انگ اکر پيش ڪن ته ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ نه چرندي، پر هو بک ۾ پاهه ٿيل ڪنهن هيڻي ٻارڙي جي تصوير ڏيکاريندا ته ماڻهن پاران چندو ڏيڻ جا امڪان وڌي ويندا.
2010ع ۾ هيٽيءَ ۾ آيل زلزلي کانپوءِ پوري دنيا منجهان ماڻهن دل کولي چندو ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته ميڊيا زلزلي جي تباهه ڪارين جي خوب منظر نگاري ڪئي هئي. اسان سڀ اهو ڏک، درد ۽ پيڙا محسوس ڪري سگهون پيا ۽ متاثرن جي مدد ڪرڻ بنا رهي نه پيا سگهون.
سدائين، ائين چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن مذهب نه هجي ها ته اسان اخلاق کان آجا هجون ها. آئيني نيوران، ان خيال کي مڪمل رد ڪن ٿا. اسان حقيقي معنيٰ ۾ ٻين جي تڪليف محسوس ڪريون ٿا، ۽ ائين اسان جي اندر ڏک، پيڙا، همدردي ۽ مدد جو احساس پيدا ٿئي ٿو. اسان جي دماغ جي ساخت ۾ اخلاقيات موجود آهي، مذهب ان جو استعمال ڪري ٿو، ۽ شعوري يا لاشعوري طور، اهو ان جو استعمال اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڪري ٿو.
اهي ڪيترا عيسائي ٻار آهن، جن کي صليب تي لٽڪيل عيسيٰ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو؟. عيسائين جي گهڻائي سمجهي ٿي ته هو اهو صليب ڏسڻ جا عادي ٿي چڪا آهن، ٻين شاهدين مان پتو ٿو پوي ته هو جڏهن به عيسيٰ کي صليب تي لٽڪيل ڏسن ٿا، ته انهن کي پيڙا جو احساس ٿئي ٿو، ۽ کين ائين پيو ڀاسجي ته هو پاڻ صليب تي ميخن سان چچريا ويا آهن. اها تصوير اسان جي بنيادي اخلاقي صلاحيتن کي طاقتور طريقي سان پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري ٿي.
مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ميل گبسن، ”روايتي“ رومن ڪيٿولڪ عيسائي آهي. هن، ان رجحان کي 2004ع ۾ ٺاهيل پنهنجي فلم ”دي پيشن آف دي ڪرائيسٽ“ ۾ ڀرپور استعمال ڪيو، جنهن ۾ تشدد جا ايڏا خوني منظر ڏيکاريا ويا جو ڪيترن ئي عيسائين به ان تي اعتراض ڪيو. ميل گبسن تي يهود دشمنيءَ جو الزام لڳايو ويو، ۽ چيو ويو ته هن، فلم ۾ تشدد ڏيکاري، مذهبي عقيدن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان فلم جي باري ۾ دستاويزي فلمون به ٺهي چڪيون آهن، ۽ اها فلم هڪ ويب سائيٽ تي به موجود آهي، جنهن ۾ ايڏا ته تشدد وارا منظر شامل آهن، جيڪي سينيما تي پيش ٿيندڙ فلم ۾ نه هئا. اها فلم گرجا گهرن ۾ مذهبي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪئي ويندي آهي.
جنون جي سموري حد تائين مذهبي ماڻهن جا پير، هٿ ۽ سينو به مصلوب عيسيٰ وانگر زخمي هوندو آهي، جن کي عام طور ولي چيو ويندو آهي. قياس آرائي اها آهي ته انهن جو لاشعوري دماغ، مصلوب عيسيٰ جي تصوير کي ايتري طاقتور طريقي سان محسوس ڪندو آهي جو سندن جسم تي پاڻ هرتو زخم اچي ويندا آهن. دماغ جي ان طاقتور صلاحيت جو سائنس به مشاهدو ڪيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته انهن اوج جي حالت ۾ ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي زخمي ڪري وڌو هجي.
هن وقت ڪيترائي ماهر، جديد نيورو سائنس تي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن اهو سمجهجي ته دماغ مذهبي خيال ڪيئن پيدا ۽ قبول ڪري ٿو. هڪ ڏينهن اسان جي آڏو مذهب جي نيورو سائنس جي مڪمل تصوير اچي ويندي. ترت يا پرڀرو، ائين ٿيڻ ممڪن آهي.
***