ڪراچي اندر گرمي جي لهر برقرار پارو 43 ڊگري تي
موسميات کاتي طرفان چيو ويو آهي ته ڪراچي اندر گرمي جي لهر برقرار رهندي ۽ پارو 41 کان 43 تائين ويندو. موسميات کاتي پاران چيو ويو آهي ته اڄ هوا ۾ نمي جو تناسب 150 سيڪڙو رهندو. جڏهن ته اترين علائقن کان هوائون 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلنديون. جڏهن ته موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي تائين موسم جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ويندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دفعي گرمي معمول مطابق آهي، اها وقت کان اڳ ۾ آئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪراچي جي ماڻهن کي شديد گرمي کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ پارو 42 ڊگري تي پهچي ويو هو. جڏهن ته اڄوڪي موسم جي ڪري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي ۽ عملي جون موڪلون به منسوخ ڪيون ويون آهن. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب 3 ۽ 4 مئي تي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو رهندي. ان کان علاوه اسپتالن ۾ گرمي سبب بيمار ٿيندڙ مريضن جي علاج لاءِ به خاص وارڊ ٺاهيا ويا آهن ۽ عوامي آگاهي مهم به شروع ڪئي وئي آهي.

