گڏيل قومن پاران طالبان کان حملا بند ڪرڻ جو مطالبو
گڏيل قومن پاران افغان طالبان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته طالبان بهار جي موسم ۾ پنهنجا حملا بند ڪن، ٻي صورت ۾ افغان عوام کي انهن حملن جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ سميت تباهي ڏسڻي پوندي. ياد رهي ته قطر ۾ ٿيندر آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي نئين دور کان اڳ ۾ طالبان پاران موسم بهار جي حملن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي افغانستان ۾ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي برادري پاران هن مرحلي تي گڏجي هلڻ جو چيو ويو آهي ۽ هاڻي عسڪريت پسندن لاءِ موقعو آهي ته اهي جنگ بندي تي توجهه ڏين. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن پاران هن معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ ظاهر ڪري ٿو ته جنگ کي وڏو عرصو گذري ويو آهي ۽ هاڻي جنگ بندي ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. گڏيل قومن جي اداري پاران افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ۽ ان عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افغانستان حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.