خاصنئون

بدين ۾ مسافر ڪوچ کي حادثو،8 ڄڻا فوت

مٺي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ کي بدين ۾ مورڇر جي علائقي ۾ حادثو پيش آيو. حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۽ لاشن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. فوت ٿيندڙن مان 4 ڄڻن جي سڃاڻپ ڊرائيور مانو، ڪنڊيڪٽر رمضان، مسمات زينب ۽ عبدالله جي نالن سان ٿي آهي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر جو تعلق ميان والي سان هو.