طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون منسوخ

قطر اندر افغان حڪومت جي نمائندن ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي منسوخ ٿي ويون. ڳالهين جي هن دور لاءِ افغان حڪومت 250 ميمبرن تي ٻڌل فهرست به تيار ڪئي هئي. جڏهن ته خبر سامهون آئي آهي ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون منسوخ ٿي ويون آهن. خبرن موجب طالبان پاران  افغان ميمبرن جي فهرست تي اعتراض واريا ويا آهن.  قطر حڪومت جي نمائندن پاران چيو ويو آهي ته قطر حڪومت افغان ميمبرن جي فهرست  کي رد ڪري نئين فهرست موڪلي آهي.  ٻئي طرف افغان حڪومت قطر حڪومت پاران آيل فهرست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڪالهه قطر ۾ طالبان، افغان حڪومت جي فهرست تي اعتراض واريندي چيو هو ته هتي ڪا شادي نه ٿي رهي آهي. اسان هتي ڳالهيون ڪرڻ آيا آهيون.  واضح رهي ته افغان حڪومت جي نمائندن ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون 20 ۽ 21 اپريل تي طئي ٿيل هيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *