هيءَ خبر ڪنهن بم گولي کان گهٽ نه هئي، جڏهن هن خبر تي نظر پئي ته وار ڪانڊارجي ويا ۽ ڄڻ زمين پيرن هيٺان نڪري وئي هجي. آئون گهڙي پل لاءِ ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو هجان. ٺٽي ضلعي ۽ سنڌو درياءَ ڀرسان جهرڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪيٽي کوسا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو. ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ پنهنجي گهر واري ۽ پيٽ ڄائي اولاد سان انتهائي غربت واري زندگي گذاريندڙ کوسا برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان الھرکيو عرف رکو کوسو، ڳوٺاڻن موجب گهر آيو ۽ گهر واريءَ کي چيائين ته مون کي ماني ڏي، جنهن تي گهر واريءَ چيس ته اٽو ڪونهي وٺي اچ ته توکي ماني پچائي ڏيان، مڙس وري چيس ته ڀلا چانهه ٺاهي ڏي، ان تي به جواب مليس ته کنڊ پتي ڪونهي وٺي اچ ته توکي ٺاهي ڏيان. ان کانپوءِ رکو کوسي جو ميٽر ڦري ويو اکين هوندي هو انڌو ٿي ويو کانئس هوش ۽ حواس ڇڏائي ويا ۽ جنهن ڪهاڙي سان ڪاٺ وڍي پنهنجو گذر ڪندو هو، اهو ڪهاڙو کڻي ڪاٺين جيان سندس کير پياڪ نياڻي شان، 9 ورهين جي ڌيءَ زيني ۽ سندس شريڪ حيات زندگي جي ساٿي ڇهن معصوم ٻارڙن جي ماءُ کي ڪهاڙي جا وار ڪري وڍي ڪٽي بيدرديءَ سان قتل ڪري باقي سندس چئن ٻارن 3 ٽي سالا نياڻي ثريه، 4 چار سالا نياڻي نازيه، 6 ڇهن سالن جي ڌيءَ رضيه ۽ پٽ نجيب الدين کوسي کي شديد زخمي ڪرڻ کانپوءِ گهر ۾ پيل بندوق کڻي پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. زندگي جو اهو به هڪ دستور رهيو آهي ته گهر ۾ هلڪا ڦلڪا اختلاف، وقتي ڪاوڙ، ناراضپو زندگي جو حصو هوندو آهي. چوندا آهن ته گهر ۾ ٻه ٿانو ٺڙڪندا رهن ٿا، اهو به مڃون ٿا ته سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت به حد درجي تي پهتل آهي. علائقي تي نظر پوڻ کانپوءِ محسوس ٿي رهيو آهي ته مسڪيني ۽ بيروزگاري سان گڏ منشيات هن علائقي ۾ ٻچا ڪري ويٺل آهي، جيڪا هن ڳوٺ ۽ علائقي جي وڏي بدقسمتي چئبي. پوليس ۽ اتان جي چونڊيل نمائندن جي خاموشي خود هڪ سوال آهي. پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ته اولاد يا پنهنجي لڄ هر ڪنهن کي پياري هوندي آهي. اهو به مشهور آهي ته ادا پنهنجي لڄ ڀولڙي کي به پياري هوندي آهي. حقيقت ۾ اولاد ۽ گهرواري جي ڪري گهر سهڻو لڳي ٿو ۽ وڻي ٿو. ٿورو تصور ڪري ڏسو ته جڏهن پيءُ گهر کان ٻاهر وڃي ڪا نوڪري ڪو ڪم يا ڪا مزدوري ڪري شام يا رات جي وقت گهر موٽي ٿو ۽ گهٽي (دروازي) کان منهن ڪڍي ٿو ۽ اولاد جي مٿس نظر پوي ٿي ته اهي معصوم ٻارڙا کلندا ڊوڙندا بابا بابا ڪري کيس چنبڙي ٿا پون ۽ پيءُ به خوشي وچان مسڪرائي بسم الله ڪري کين ڪڇ تي کڻندو آهي. ٿورو سوچيو ڀلا اهو پيءُ ڪيئن ٿو پنهنجي اولاد جو دشمن ٿي سگهي. اهو ڪيئن ٿو هٿن سان گلاب جيان ٽڙندڙ پنهنجي ٻچن کي ماري قتل ڪري سگهي؟ آخرڪار اهو ڪير آهي جنهن جي ڪري انسان بي رحم وحشي قاتل ٿي، پنهنجي آباد گهر کي اجاڙي تيلي ڏئي تباهه ٿو ڪري؟ ائين ته ڪو آفريڪا جي جهنگلن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ خانه بدوش به ايڏو ظلم ڪونه ٿا ڪن. منهنجي خيال ۾ هن وقت انسان جو سڀ کان وڏو دشمن هر قسم جو نشو آهي. جڏهن نشو ۽ غربت پاڻ ۾ ملي پون ٿا ته پوءِ اسان وٽ سواءِ ظلم ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو بچي. اهوئي پيءُ جيڪو پنهنجي اولاد کي پالي ٿو نپائي وڏو ڪري ٿو. کانئس اهو سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو ۽ پنهنجي اولاد کي قتل ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. ائين لڳو ته ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود، ڳوٺ ڪي. ٽي کوسي ۾ هن المناڪ واقعي کانپوءِ به پکي به روئيندا هوندا ۽ پنهنجا آکيرن مان اڏامي هليا ويا هوندا. سادا سودا ڪکاوان گهر اوڙو پاڙو ۽ سڄو علائقو سوڳ ۾ ورتل هوندو ۽ هر اک آلي هوندي. سچ پچ ته هن دردناڪ واقعي نه رڳو علائقي، پر سڄي سنڌ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جا گهرا اثر ڇڏيا آهن. منشيات، بک، بيروگاري، سنڌ جي رياست ۽ سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڄاڻي واڻي حالتون اهڙيون پيدا ڪيون ويون آهن ۽ رياست جي خاموشي، خود رياست کي ڏوهي ڪري ڇڏيو آهي. انسان تڏهن برائي ۽ نشي مان هٿ ڪڍندو جڏهن هن وٽ ڪجهه هڙ ۾ هوندو، روزي روزگار هوندو. ٻي صورت ايندڙ هر نئون صبح اسان لاءِ خوفزده ۽ ڀيانڪ ثابت ٿيندو رهندو، جيڪو ٿيو سو ٿيو، پر هاڻ وسوارن صاحب حيثيت ماڻهن، چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته مرحوم الهرکيو عرف رکو کوسي جي تڏي تي پهچي وارثن کي آٿت ڏين ۽ سندس باقي زخمي ۽ يتيم مسڪيني جي حالت ۾ اسپتال ۾ موت سان جنگ ڪندڙ ٻارڙن جي سار لهن، انهن جي تڪڙي مدد ۽ پوئيواري ڪري هڪ دفعو وري سوڳوار ڳوٺ ۽ علائقي ۾ سڪون ۽ مُرڪون ورهائڻ جي ڪوشش ڪن.