خاصنئون

تحريڪ انصاف جي حڪومت اڄ پنهنجو پهريون بجيٽ پيش ڪندي

قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ مالي سال 20-2019 جي بجيٽ جو ڪاٿو 6800 ارب ۽ ٽيڪس وصولين جو هدف 5500 ارب رکيو ويو آهي. دفاع لاءِ 1250 ارب ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ 1837 ارب رپيا جڏهن ته وفاق تحت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت 925 ارب رپيا رکيا ويندا. مالي خساري جو هدف 3 هزار ارب جڏهن ته قرضن تي وياج جي ادائگين لاءِ 2 هزار 500 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو به چيو ويو آهي. ساڳئي وقت 1400 ارب جا نوان ٽيڪس هڻڻ سان گڏ 7 سئو ارب جي نون ٽيڪسن لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته پگهاردار ماڻهن لاءِ ٽيڪس جو هدف 12 لک مان گهٽائي 4، 6 لک ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه حڪومت سگريٽ ۽ مشروبات تي به ٽيڪس لڳائيندي هن ٽيڪس مان حاصل ٿيل رقم صحت جي شعبي تي خرچ ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان خزاني واري وزارت کي عوام دوست بجيٽ آڻڻ لاءِ هدايت ڪري ڇڏي آهي ته جيئن عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي.