نئون

چهري شناس ٽيڪنالاجي ناڪام قرار

لنڊن پوليس چهري کي سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجي کي ناڪام قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هيءَ ٽيڪنالاجي 9/10 ڀيرا ناڪام ٿي رهي آهي. هن ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ جڏهن به ڏوهي جي سڃاڻپ لاءِ ان کي استعمال ڪيو ويو آهي ته اها ناڪام ثابت ٿي آهي. ڏهه ٽيسٽن مان 9 دفعا ان غلط ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏنو آهي. ٿورو سوچو اها ڪنهن اهڙي ڏوهي ماڻهو جي سڃاڻپ ۾ غلطي ڪري، جنهن جي لاءِ موقعي تي گولي هڻڻ جو حڪم هجي ته اهڙي صورتحال ۾ بي ڏوهي شخص قتل ٿي ويندو. پوليس پاران چيو ويو ته هن ٽيڪنالاجي جو اصل مقصد هو ته هيءَ ان ڏوهي جي سڃاڻپ ڪري جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود هجي. هن ٽيڪنالاجي کي اڳتي هلي ان لائق بنائڻو به هو جو اها سمارٽ فون ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرا ذريعي  به ڏوهاري ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهي، پر هيءَ ايندي شرط ئي ناڪام ٿي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ ان مطابق ڪم جاري رکڻ جو مطلب انصاف جو قتل ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هيءَ 98 سيڪڙو غلط ماڻهو کي ڏوهي قرار ڏيئي رهي آهي.