ٻڏندڙ ماڻهن کي بچائيندڙ لائف بواءِ روبوٽ تيار

سڄي دنيا ۾ ماڻهو سمنڊ جي ڪنارن تي سير ڪرڻ لاءِ ايندا رهندا آهن. اهي ماڻهو جڏهن سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ ويندا آهن ته انهن کي حادثا به پيش ايندا آهن، اهڙن حادثن ۾ ٻڏمندڙ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سمنڊ ڪناري تي لائف گارڊ موجود هوندا آهن جيڪي ٻڏندڙ ماڻهن کي سمنڊ مان ڪڍي ڪناري تي آڻيندا آهن، انهن لائف گارڊن  جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ  سائنسدانن هڪ اهڙو تختو (ننڍي ٻيڙي) تيار ڪيوآهي جيڪو ڪناري ويجهو سمنڊ اندر ترندي پاڻي ۾ وڃي  ٻڏندڙ شخص کي سهارو ڏيئي ڪناري تي آڻيندو. هن تختي تي لڳل پروپيلر ايترا طاقتور آهن جو انهن جي مدد سان هي تختو 15 ڪلو ميٽر جي رفتار سان تري سگهي ٿو. هن تختي کي ڪناري تي ويٺل شخص وائرليس طريقي سان ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. هن تختي ۾ موٽر جا پکا اهڙي طرح هنيا ويا آهن جو اهي تختي جي اونڌي ٿيڻ جي صورت ۾ به ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ انهن مان ٻڏندڙ شخص زخمي به نه ٿيندو ۽ نه ئي سمنڊ جو گاهه انهن پکن ۾ ڦاسي سگهندو. هن تختي کي هانگ ڪانگ جي ڪمپني ٺاهيو آهي. جنهن هن تختي جي تعارفي قيمت 5 هزار 5 سئو ڊالر رکي آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *