بلاگنئون

ماڻهو سوچي ٿو ۽ خدا ٽهڪ ڏيئي ٿو
(Men plans & God Laughs)

جڳ مشهور ليکڪ ڪافڪا ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته ”ڪجهه ڪتاب اسان جي من اندر ٺهيل محلن جي وسِري ويل ڪمرن جي ڪُنجي جيان هوندا آهن.“ اهڙيءَ طرح ڪجهه ليکڪ به اسان جي من جي ڪمرن جا دروازا کوليندا آهن.
زندگي وهندڙ درياوَ مِثل آهي ۽ ڪهاڻي يا ناول ان درياءَ مٿان ٽلڪندڙ ٻيڙي جيان!
اڄ اسين جنهن عالمي پائي جي ليکڪ ۽ ناول نگار جي يادگيريءَ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تنهن جو نالو هو: ميلان ڪنڊيرا ۽ فڪشن سان محبت ڪندڙ ڪنهن به شخص کان اهو نالو لڪل ڪونهي.
ميلان ڪنڊيرا جو شمار همعصر لاطيني آمريڪن توڙي يورپ جي اعليٰ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن ۾ گابريل گارشيا مارڪيز، ڪارلوس فيونتيس، حوزي ساراماگو، جارج لوئي بورخيس، فرانز ڪافڪا، جارج آرويل، جيمس جوائس، جوزف هيلر، سال بيلو وغيره جا نالا اچن ٿا.
ميلان ڪنڊيرا سان منهنجو شروعاتي تعارف اردوءَ جي هڪڙي 1986ع ۾ ڇپيل رسالي ”آج“ جي ڪري ٿيو. اها هن جي هڪڙي انتهائي خوبصورت ڪهاڻي هئي، جيڪا هن جي ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي، `Laughable loves` ۾ 1969ع ۾ ڇپي هئي. ان ڪهاڻي جو نالو هو `The Hitchhiking game`.
زندگيءَ سان ڀرپور هيءَ ڪهاڻي نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي وچ ۾ ٿيل مڪالمي ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ساڙ جي جذبي تي لکيل هئي.
ڪهاڻي ڪجهه هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿي.
The needle on the gas gauge suddenly dropped toward empty and the young driver of the sports car declared that it was maddening how much gas the car ate-up!
ڪار جي پئٽرول گيج جي سُئي اوچتو ٽينڪ خالي ٿيڻ جو اشارو ڏنو ۽ اسپورٽس ڪار جي نوجوان ڊرائيور اعلان ڪيو ته گهوڙا! هيءَ ڪار ته پئٽرول ساڙي نٿي بلڪه ڏوگهي ٿي. ڏسجان ته ڪٿي پئٽرول اوچتو ختم نه ٿي وڃي! هن سندس ڀرسان ويٺل ڇوڪريءَ کي چيو.
ڇوڪري جيڪا ٻاويهن سالن جي عمر جي هئي، تنهن احتجاج ڪيو ۽ نوجوان کي انهن گذريل واقعن جون ياگيريون ڏيارڻ لڳي، جڏهن پهرين به ڪيترا ڀيرا ائين ٿي چڪو هو. نوجوان چيو: ان ڳالهه جو هن کي ڪو فڪر ناهي ڇو ته هو ٻئي جڏهن به گڏ هوندا آهن ته هن لاءِ هر شيءِ ڄڻ ايڊونچر هوندي آهي. ڇوڪريءَ ٻيهر احتجاج ڪيو ته جڏهن به هاءِ وي تي پئٽرول کٽندو آهي ته ايڊونچر مان هن کي ئي گذرڻو پوندو آهي. هر ڀيري هن کي پنهنجي عورتاڻي ڪشش کان ڪم وٺڻو پوندو آهي ۽ ڪنهن کان لفٽ وٺي ويجهي پئٽرل پمپ تائين وڃڻو پوندو آهي ۽ وري ساڳي طريقي سان واپس به اچڻو پوندو آهي.
ڇوڪري شرارت مان چيو ته، ”ڇا، هن کي لفٽ ڏيڻ وارا ڊرائيور مزي جا نه هئا ڇا“ جو هوءَ انهن جي شڪايت پئي ڪري؟“
ڇوڪريءَ شرارت مان جواب ڏنو ته، ”ڪافي ڀيرا ته ڏاڍا مزي جا هئا، پر هن لاءِ بي لاڀ هُئا ڇو ته هن جي هٿ ۾ پئٽرول جو دٻو هوندو هو ۽ ڳالهه اڳتي وڌڻ کان اڳ ئي هن کي انهن کان جدا ٿيڻو پيو هو.“
”سوئر ڀيڻيان!“ نوجوان هن کي چيو.
”سوئر مان ڇو هوندس، تون هوندين!“ ڇوڪريءَ هڪدم بدلو ورتو.
”خدا کي ئي خبر هوندي ته تون جڏهن اڪيلو ڊرائيونگ ڪندو هوندين ته ڪيترين ڇوڪرين لاءِ گاڏي روڪي هوندئي!“
ان ڳالهه تي ڇوڪري گاڏي ڊرائيو ڪرڻ دوران هن کي ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏني. هن کي خبر هئي ته ڇوڪري هن کي چاهيندي هئي، پر ان وقت هوءَ ساڙ مان ڳالهائي رهي هئي.
ميلان ڪنڊيرا 1 – اپريل 1929ع تي چيڪو سلاويڪيه جي هڪ شهر برنو ۾ ڄائو ۽ 11 جولاءِ 2023ع تي پئرس ۾ گذاري ويو. هن جو پي ”لڊوڪ ڪنڊيرا“ پيانو وڄائڻ جو ماهر هو. جيڪو مشهور چيڪ موسيقار ”ليوجينڪ“ جو شاگرد رهيو هو ۽ هڪڙي ميوزڪ اڪيڊميءَ جو هيڊ هو ۽ هن جي ماءُ جو نالو`Milada Kunderova` هو. 1948ع ۾ چارلس يونيورسٽي پراگ مان هن ادب ۽ جماليات ۾ تعليم ورتي ۽ ان بعد اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس مان فلم جي ڊائريڪشن ۽ اسڪرپٽ رائيٽنگ سکيو.
ميلان ڪنڊيرا پاڻ به سندس پيءَ کان پيانو وڄائڻ سکيو هو، ان ڪري هن جي لکڻين تي موسيقي ۽ ان جي اصولن جي ڇاپ آهي. 1967ع ۾ لکيل هن جي پهرئين ناول “The Joke” ۾ ته هڪڙو سڄو باب هن موسيقي تي لکيو آهي. 1952ع ۾ هو پراگ جي اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس ۾ پروفيسر ٿيو.
1953ع ۾ ميلان ڪنڊيرا جو پهريون شاعريءَ جو ڪتابMana Broad Garden ڇپيو. 1955ع ۾ سندس ٻيو شاعريءَ جو مجموعو The Last May ڇپيو، جيڪو پرومو ڪميونسٽ لٽريچر ۾ شامل ٿئي ٿو. 1957ع ۾ هن جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو(Monology) جي نالي سان ڇپيو. جنهن کي چيڪو سلاويڪيه حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ الزام هنيو ته هن جي اها شاعري فحش نگاريءَ تي مشتمل هئي.
1948ع کان 1950ع تائين ۽ 1956ع کان 1970ع تائين گهٽ ۾ گهٽ 17 سال ڪنڊيرا ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ۽ حامي رهيو. ان دوران هن پراگ جي فلم فيڪلٽيءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ پڙهايائين.
The Owners of the Keys هن جو ون ايڪٽ پلي هو.
1967ع ۾ هن سندس پهريون ناولThe Joke جي نالي سان لکيو، جيڪو ڪافي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو.
5 جنوري 1968ع تي سوشلسٽ چيڪو سلاويڪيه ۾ اليگزينڊر ڊوبچيڪ اقتدار سنڀاليندي ئي ملڪ ۾ جاري ڪميونسٽ مطلق العنانيت توڙي سخت گير پاليسين ۾ ڪجهه نرمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته 1955ع ۾ ٿيل وارسا پيڪٽ تحت اسٽالن جنهن سلاويڪيه ۾ هزارين فوجي ۽ ٽئنڪون موڪلي قبضو ڪيو. ڊوبچيڪ کي هٽايو ويو. پراگ اسپرنگ ختم ڪيو ويو. ڪافي ماڻهو گرفتار ٿيا، ڪافي ماڻهن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. روسي گهيري ۾ 137 ماڻهو مئا ۽ 500 کن زخمي ٿيا.
چيڪو سلاويڪيه جي ان صورتحال تي ميلان ڪنڊيرا سندس بهترين ناول The book of laughter and Forgetting لکيو، جنهن ۾ هن ميجيڪل ريئلزم ۽ بليڪ هيومر جي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي. ان ڪتاب ۾ هن ٻن قسمن جي ذومعنيٰ کِل کي بيان ڪيو آهي.
شيطان هر شيءِ جي بي معنيٰ هجڻ تي ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ ملائڪ دنيا ۾ هر شيءِ جي منظم ۽ بامعنيٰ هجڻ تي کِلن ٿا! ملائڪن جي کِل ۾ هڪڙي ڪوڙي گونج شام هجي ٿي ته ڇا چيڪو سلاويڪيه کي شيطان جي ساٿين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ روس کي ملائڪن جي ساٿين ۾ هن نه رڳو اهو سوال ڪيو هو، پر ان جو جواب پڻ ڏنائين ته ”بلڪل شمار ڪري سگهجي ٿو“ ان ڪتاب لکڻ جي رد عمل ۾ هن کي پنهنجي ملڪ جي شهريت کان محروم ڪيو ويو.
ميلان ڪنڊيرا ”يوٽوپيا“ کان نفرت ڪندڙ ليکڪ آهي هو چوي ٿو، ”يوٽوپيا“ ماڻهن لاءِ آفيم آهي، هن جو مطلب زمين تي جنت تعمير ڪرڻ خام خيالي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي! هو اهڙي عمل کي هڪڙي دائري ۾ ٿيندڙ ناچ سان مشابهت ڏئي ٿو. منهنجي خيال ۾ اهو ناچ وحشين جو ناچ ئي هوندو آهي.
هن ان يوٽوپيا کان بغاوت ڪئي ڇو ته هن کي ان جنت جي ڪابه گهرج نه هئي هن لکيو: ”جنت جي خواهش انسان مان حيوان ٿي وڃڻ جي خواهش آهي.!“
سندس تمام مشهور ناول `The Unbearable Lightness of Being` ۾ هن تيريزا جو ڪردار مٿئينPerspective ۾ پيش ڪيو آهي. تيريزا جنت جي خواهش رکي ٿي.
ميلان ڪنڊيرا کان جڏهن ميڪ ايوان هڪڙي انٽرويو ۾ ان ڳالهه بابت وضاحت طلب ڪئي ته جيڪو ماڻهو جنون جي ڪيفيت ۾ هڪڙي دائري ۾ رقص پيو ڪري ته ڇا اهو ماڻهو انسان کان غير انسان بڻجي ٿو وڃي؟ (هتي گولائيءَ ۾ نچڻ جو مطلب آهي زندگيءَ تي ڪنهن به مذهب يا نظريي جي ڇاپ جو مسلط ٿيڻ.)
ان سوال جي جواب ۾ ميلان ڪنڊيرا – چيو:
”جنوني ماڻهو پنهنجي انسان هجڻ جي حيثيت کان محروم نه هوندا آهن! جنونيت انساني آهي، فاشزم انساني آهي ۽ ڪميونزم به انساني آهي، ايستائين جو قتل به انساني آهي!“
ڪنڊيرا سندس ناولن ۾ جهڙي طرح فلاسافي، موسيقي، ادب ۽ روسي قبضي تي ڳالهايو آهي اهڙيءَ طرح هڪڙي جرمن لفظ ڪِچ(Kitsch) جي تصور تي پڻ تمام گهڻو ڳالهايو آهي.
ڪِچ(Kitsch) جو لفظ پهريون ڀيرو 19 – صديءَ ۾ ميونخ ۾ استعمال ڪيو ويو هو. اوڻويهين صديءَ جي يورپ کي رومانويت جي صديءَ بجاءِ (Kitsch) جي صدي قرار ڏنو ويو هو.
هاڻ اسين ڊڪشنريءَ ۾ ڪچ جي معنيٰ ڳولينداسين ته ان جي معنيٰ ٿيندي ”جعلي ۽ نمائشي ادب“ انگريزيءَ ۾Something that appeals to popular or lowbrow taste and is often of poor quality! ڪچ جي هڪڙي ٻي معنيٰ: worthless, trashy Art پڻ آهي. ميلان ڪنڊيرا جو چوڻ آهي ته سمورن سياستدانن، سياسي پارٽين، تحريڪن جو جمالياتي آدرش Kitsch آهي ۽ هن جي خيال موجبKitsch جو ڪم موت تي پردو وجهڻ آهي. منهنجي خيال ۾ ڪچ جو ڪم حقيقت تي پڻ پردو وجهڻ هوندو آهي!.
ڪجهه تنقيدنگارن جو خيال آهي ته خود ميلان ڪنڊيرا جي ناول ۾ پڻ Kitsch جا عنصر ملن ٿا. ڪنڊيرا وٽ ناول جي ٽيڪنڪ بلڪل بدلجي ٿي وڃي. جيئن ارجنٽينا جي ڪهاڻيڪار جارج لوئي بورخيس اسان کي سمجهايو ته ڪهاڻي پلاٽ ليس به ٿي سگهي ٿي. تيئن ميلان ڪنڊيرا جا ناول نه رڳو پلاٽ ليس بلڪل منڌل سٽ جي ويڙهي جهڙا ۽ هن جي ناول جي اڻت ۾ هر هنڌ پورنوگرافي خوبصورت، تخليقي انداز ۾ گهڙي اچي ٿي ۽ بليڪ ڪاميڊي هن جي ناولن کي گهرو ۽ سنجيده بڻائي ٿي.
ناول جي لاءِ عام رايو آهي ته جيڪڏهن اهو انساني وجود جي لڪل تهن مان ڪنهن تهه کي کولي بيان نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ان جو لکڻ فضول آهي.
ڪنڊيرا چوي ٿو: ناول بنيادي طرح ئي پهرين کان طئي ڪري اڳيان وڌي ٿو ته انساني زندگيءَ کي ڪنهن به فريم ۾ يا نظام ۾ فٽ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي!
۽ هو ائين به چوي ٿو ته، ”ناول ان ڄار ۾ زندگيءَ کي کولي ۽ ڦولهي ٿو جنهن ڄار کي دنيا چئجي ٿو!“
هن جو هيءُ پڻ خيال آهي ته ناول نگار جو ڪم هيءُ آهي ته هو مسلسل انهن بنيادي تصورن کي للڪاريندو رهي، جن تصورن تي دنيا ۽ انسان جو وجود قائم آهي.
آمريڪن رسالي ”نيويارڪر“ هڪڙي ڀيري ميلان ڪنڊيرا جي مشهور ناول `The Unbearable Lightness of Being` جي شروعاتي باب جا 3 حصا شايع ڪيا، پر انهن مان هنن اهي صفحا ڪڍي ڇڏيا، جن ۾ نٽشي جي `Eternal Return` جي نظريي جو ذڪر هو. هاڻ دنياوي يا انساني زندگيءَ جو تمام اهم، حيرت انگيز ۽ دلچسپ پهلو هيءُ آهي ته ”نه رڳو انسان، پر نظريا به ڊپ ۾ گذارين ٿا. نتيجي طور اهي هر وقت ٻئي نظريي يا ٻيو نظريو رکندڙ (انسان) کي چپڻ ۽ چٿڻ لاءِ تيار رهندا آهن! ڇو ته انسان بقول نٽشي جيTransitional phase مان پيو گذري، هاڻ ماڻهوءَ جو ٽرانزيشنل فيز ڇا آهي. اها به انتهائي دلچسپ ڳالهه آهي:
ماڻهوءَ جو ٽرانزيشنل فيز هيءُ آهي ته، هو جانور مان ترقي ڪري هن حالت تائين پهتو آهي ۽ هن کي وڌيڪ ترقي ڪري وڌيڪ انسان ٿيڻو آهي! ڇو ته انساني زندگيءَ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ماڻهو ڊپ ۽ تضاد`Paradox` ۾ گذاري ٿو. ادب ۾ پئراڊاڪس هڪڙو اڇاترو لفظ ”تضاد“ ناهي، پر اهو گهري معنيٰ رکي ٿو.Paradox جو هڪڙو زبردست مثال ادب ۾ وري جارج آرويل جي ناول`Animal Farm` جي هڪڙي جملي ۾ ڏنل آهي. جيڪو جملو هي آهي:
All Animals are equal, but some animals are more equal then others! هي بيان پئراڊاڪس آهي.
ميلان ڪنڊيرا جيئن مون پهرين ٻڌايو ته 17 سالن تائين چيڪ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1968ع ۾ جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته ”پراگ اسپرنگ“ کي چٿڻ لاءِ روسي ٽئنڪون چيڪو سلاويڪيه ۾ ڪاهي آيون. پراگ اسپرنگ جو مطلب پارليامينٽ کي وڌيڪ پاور ڏيڻ، پريس تان پابنديون هڻائڻ ۽ سخت سوشلسٽ قانونن ۾ نرمي آڻڻ هو. ميلان ڪنڊيرا ان صورتحال تي ”دي بڪ آف لافٽر اينڊ فارگيٽنگ“ لکيو. جنهن ڪري سندس نوڪري ختم ڪئي وئي. پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ پبلڪ لائبريرين مان هن جا ناول ۽ ٻيا ڪتاب کڻي ڇڏيا ويا، بلڪه ضبط ڪيا ويا. نيٺ 1975ع ۾ هن جو پاسپورٽ بحال ٿيو ته هو هميشه لاءِ چيڪو سلاويڪيه ڇڏي جلاوطني اختيار ڪري فرانس هليو ويو. جتي 1981ع ۾ هُن کي فرانس جي شهريت ڏني وئي. ان بعد لکڻين ۾ مسلسل ميلان ڪنڊيرا جي شخصيت انهن واقعن کان متاثر ئي محسوس ٿئي ٿي. هن ائين ئي گذاريو جيئن ڌرتيءَ تي اسين ٻيا ماڻهو گذاريون ٿا.Paradoxes ۽ تضادن ۾. ماڻهو جي تضادن ۾ گذارڻ جا مثال ايڊولف هٽلر ۽ جوزف اسٽالن به آهن. ميلان ڪنڊيرا فلپ روٿ کي انٽرويو ڏيندي اسٽاليني دهشت انگيزي جي پوري دور کي اجتماعي هذيان جو دورو ڪوٺيو ۽ چيو ته هن کي مزاح جي سمجهه اسٽاليني دهشتگرديءَ جي دور ۾ ئي آئي.
اسٽالن جي ڌيءَ سويتلانا ايليولويا(Svetlana Alliluyeva) سندس ڪتاب Twenty letters to a friend` ۾ لکي ٿي ته: ”هڪڙي ڀيري سندس ڀاءُ ياڪوف خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، پر گولي مِس ٿي وئي ۽ هو زخمي ٿي پيو. اسٽالن جڏهن گهر آيو ته سندس ماءُ کيس اهو واقعو ٻڌايو، جنهن تي اسٽالن هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو: ”ڪمال آهي، منهنجي پٽ جو نشانو به صحيح ڪونهي!“ ميلان جو چوڻ آهي ته ماڻهو شايد سمجهن ٿا ته انقلاب هڪڙي خوبصورت شيءِ آهي ۽ دهشت جيڪا ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي سَا خراب آهي، پر ائين ڪونهي. حسن ۾ قباحت ته پهرين کان موجود هوندي آهي. دوزخ ته جنت جي خواب ۾ ئي شامل هوندو آهي.
ميلان ڪنڊيرا جي ناولن ۾ ۽ لکڻين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو منظم فلسفو نٿو لڀي، پر هن جي ناولن کيNovel of debate چيو ويو. جنهن ۾ هڪڙو ڀرپور سوچيندڙ آواز آهي. هن جو اسلوب ناولن ۾ موسيقي جا اصول ۽ اکرن جي ڊڪشنري وانگر معنائن تي بحث ڪري ٿو. هنڌ هنڌ تي هو مداخلت ڪري ٿو ۽ فلاسافيڪل ٿيم پاڻ ۾ گڏوچڙ ٿيندا رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ هو وجوديت جي نظريي کي پسند ڪندڙ هو.
هن جي ناولن ۾ انساني نفسيات جي لڪل پاسن کي ڳولڻ سندس اهم معاملو رهيو آهي. جيڪا ڳالهه هو پنهنجي ڪتاب(The Art a novel) ۾ پڻ بيان ڪري ٿو. اهو پڻ چوي ٿو ته، ”ناول جو روح منجهيل روح آهي. هر ناول پڙهندڙ کي چوي ٿو ته شيون ايتريون صاف ۽ سڌيون ناهن جيتريون محسوس ٿين ٿيون.“
هن جي ناول ۾ (1) طاقت جي جارحيت جا ماڻهن ۽ ملڪن تي پوندڙ اثر ۽ انهن جي مخالفت ڪرڻ ۽ (2) ناول انسان جي وجود جو جواز ڳولڻ رهيو. هن جو خيال آهي ته، ”ناول جو اصل ڪم آهي انساني وجود جا لڪل ڪنڊون پاسا ڳولڻ، جيڪو ناول انساني وجود جا مخفي پاسا نٿو ڳولي سگهي سو غير اخلاقي آهي!“
1914 ۽ 1939ع جي ٻن مهاڀاري جنگين يورپ جي وجود کي جهنجهوڙي ڇڏيو. انسان جو نه رڳو انسان مان اعتماد کڄي ويو، پر خدا مان به ڀروسو ختم ٿي ويو. جنهن ڪري مذهبي بت ٽُٽڻ لڳا. خدا جيڪو مٿي ڪنهن تخت تي ويٺو هو، هيٺ لهي آيو ماڻهن جو عيسيٰ ۽ چرچ تان به اعتماد لُڏي ويو ۽ نٽشي جو`Existentialism` وڌيڪ مناسب نظر آيو. ميلان ڪنڊيرا جي ناولن ۾ وجوديت جو ابو، هيگل جو تنقيد نگار 19 صديءَ جو ڪٻڙو فلاسافر ڪيرڪ گرد، مارٽن هيڊيگر، نٽشي، سارتر ۽ ادب ۾ ڪاميو ۽ ڪافڪا، بوڪاچيو، سروانٽيس، گوئٽي، موسيقي ۾ بيٿوون ۽ سيبس ٽيان باخ هن جا پسنديده هئا. ڪرستيان سالمون کي انٽرويو ڏيندي هو چوي ٿو:
”دنيا هڪڙوڄار آهي. اها ڳالهه اسان کي گهڻو اڳي کان معلوم آهي. اسين پيدا ٿيون ٿا ۽ ان لاءِ اسان کان پڇيو به نٿو وڃي، هڪڙي جسم ۾ قيد ڪيا وڃون ٿا. جنهن جي به اسان چونڊ ناهي ڪئي هوندي ۽ قسمت ۾ فنا ٿيڻ لکيل آهي!“ جيڪو به حيرت انگيز آهي! جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هو وجودي فلاسافرن کان متاثر رهيو.
ميلان ڪنڊيرا تي پوليس انفارمر هجڻ جو الزام:
13 آڪٽوبر 2008ع تي `Respekt` نالي هڪڙي هفتيوار چيڪ اخبار-`Chek Institute of Totalitarian Regimes` جي ذريعي جاري ڪيل هڪڙي رپورٽ وڏي اهتمام سان شايع ڪئي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ ميلان ڪنڊيرا تي پوليس جي مخبريءَ جو الزام هنيو. ڳالهه 1950ع جي هئي. هڪڙو چيڪ پائليٽ`Miroslav Dvoracek` چيڪو سلاويڪيه مان فرار ٿي ويو هو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ مغرب جو جاسوس ٿي واپس ڳجهي طريقي سان چيڪوسلاويڪيه آيو هو.Dvoracek سندس اهو راز سندس هڪ دوست کي ٻڌايو، رپورٽ موجب ان وري ميلان ڪنڊيرا کي ٻڌايو. پوليس جي رپورٽ مطابق ميلان ڪنڊيرا اهو راز پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو. جنهن بعد `Miroslav Dvoracek` کي گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو. ڪميونسٽ عدالت هن کي پهرين موت جي سزا ٻڌائي، پر پوءِ ان سزا کي 22 سال قيد جي سزا ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وري هن کي عمر قيد 14 سالن ۾ تبديل ڪيو ويو. هن سزا جا 14 سال ڪميونسٽ ليبر ڪئمپ ۾ گذاريا.
اها اخباري رپورٽ شايع ٿيڻ بعد هڪڙو هنگامو کڙو ٿي ويو. ڇو ته اها رپورٽ اخبار ۾ ان ڏينهن شايع ٿي، جنهن ڏينهن جرمني ۾ سڄي دنيا جي مشهور اديبن جو ميلو فرينڪ فرٽ فيسٽيول لڳي رهيو هو.
14 آڪٽوبر 2008ع تي ميلان ڪنڊيرا ريڊيو انٽرويو ڏيندي ان الزام جي سخت لفظن ۾ ترديد ڪئي هن چيو: هو نه تهDvoracek کي سڃاڻندو هو ۽ نه وري هن جي يادگيريءَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه موجود آهي. ڪنڊيرا ان مبينه جعلي رپورٽ کي چيڪ پوليس طرفان سندس ڪردار ڪشي ۽ شهرت کي ڌڪ هڻن جو واقعو قرار ڏنو. ميلان ڪنڊيرا جو نالو ڪافي ڀيرا نوبيل پرائز لاءِ به شارٽ لسٽ ٿيو، پر اها مبينا پوليس رپورٽ سندس نوبيل پرائز ۾ رڪاوٽ بڻجندي رهي. جڏهن ته ان کي ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ 1985ع ۾ يروشلم پرائز 1987ع ۾ آسٽرين نيشنل پرائز فار يورپين لٽريچر، 2000ع ۾ انٽرنيشنل هولڊر پرائز، 2007ع ۾ چيڪ نيشنل پرائز فار لٽريچر، 2009ع ۾ سينوڊيل ڊيوڪا ايوارڊ، 2010ع ۾ هن کي سندس ڄمڻ واري شهر برنو جو اعزازي شهري قرار ڏنو ويو. 2011ع ۾ اووڊ پرائز ۽ 2020ع ۾ هُن کي فرانس ڪافڪا پرائز سان نوازيو ويو.
پوليس رپورٽ وارو ڦڏو ڪجهه وقت هلندو رهيو، جنهن لاءِ بعد ۾ معلوم ٿيو ته چيڪ پوليس ميلان ڪنڊيرا تي اِهو سراسر الزام هنيو هو. پوليس کي اها خبر Dlask نالي همراهه ڏني هئي. جنهن ڳالهه جي تصديق مشهور چيڪ نقادZednek پڻ ڪئي.
3 نومبر 2008ع تي دنيا جي يارهن وڏن اديبن جن ۾ چار نوبل لاريٽ هئا، تن ميلان ڪنڊيرا جي حق ۾ بيان ڏنو ۽ چيڪ پوليس جي اهڙي ورتاءُ جي مذمت ڪئي. انهن اديبن ۾ گابريل گارشيا مارڪيز، جي ايم ڪوئيزي، اورحان پاموڪ، ڪارلوس شيونتيس، فلپ راٿ، ناڊين گارديمر، سلمان رشدي وغيره شامل هئا. ميلان ڪنڊيرا فرينڪ فرٽ فيسٽيول جي انتظاميه لاءِ افسوس ظاهر ڪيو ته هُنن ادبي ميلي ۾ کيس صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو.
2009ع ۾ ميلان ڪنڊيرا وري هڪڙي ٻئي ڦڏي ۾ به ملوث ٿيو، هن مشهور فلم ڊائريڪٽر رومن پولانسڪي جيڪو آسڪر ايوارڊ يافته هو تنهن تي سندس ٻي زال شيرون کي قتل ڪرڻ جو الزام ۽ 1977ع ۾ هڪڙي 13 سالن جي ڇوڪريءَ سان ريپ ڪرڻ جو الزام هو. ميلان ڪنڊيرا ان لاءِ چيو ته حالانڪه هو رومن پولانسڪي کي نٿو سڃاڻي، پر هُن کي آزاد ڪيو وڃي.
ميلان ڪنڊيرا جا اهم ڪتاب:
1967ع ۾ سندس پهريون ناولThe Joke لکيو، ان بعد هُن جو ٻيو ناول هو Life is Elsewhere. 1975ع ۾ هُن جو ناولThe Book of Laughter and Forgetting ڇپيو. 1984ع ۾The Unbearable Lightness of Being ڇپيو. 1990ع ۾Immortality ڇپيو. 2014ع ۾ The Festival of Insignificance کانسواءِ هُن گهٽ ۾ گهٽ 18 کان 20 ناول ۽ 06 ٻيا ڪتاب لکڻ سان گڏ ڪافي مضمون، ڊراما، شعري مجموعا پڻ لکيا. ميلان ڪنڊيرا ٻه شاديون ڪيون، جن مان پهرين Olga Hassova ۽ ٻي Vera Hrabankova سان ڪئي.Vera مان هُن کي ٻه ڌيئون ٿيون، جن مان هڪڙي ليکڪ ۽ ٻي وري آرٽسٽ ٿي.
هن سندس مشهور ڪتاب`The Art of Novel` ۾ لکيو:
`I dream of a world where writers are obliged by law to keep their identity secret and use pseudonyms`
مان هڪڙي اهڙي دنياجو خواب ڏسندو آهيان، جتي ليکڪ قانون مطابق پنهنجي سڃاڻپ لڪل رکڻ ۽ تخلص استعمال ڪرڻ جا پابند هجن!
***