مذهبي عقيدي جي اوسر (باب ستون)
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
تنهنجي خواهش پوري ڪئي ويندي خدا جي آڏو سر جهڪائڻ
”اهي سماجي خوبيون، جن جو هيٺين درجي جي جانورن ۾ اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، تن کي اسان جي وڏڙن فطري چونڊ واري طريقي سان حاصل ڪيو هو“ (ڊارون)
طاقتور جو لحاظ:
اسان طاقتور جو ضرورت کان وڌيڪ لحاظ ڪندا آهيون، اسان مان ڪو ان کي مڃي يا نه مڃي. اها حقيقت 1961ع ڌاري ييل يونيورسٽيءَ جي نفسياتي ماهر، اسٽينلي ملگريم جي هڪ مشهور تجربي منجهان سامهون آئي. ملگريم ان تجربي ۾ اهو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن طاقتور جي طرفان حڪم ڏنو وڃي ته ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ماڻهو، ڪنهن بي سهارا ”سکيا وٺندڙ“ کي بجليءَ جو ڪرنٽ ڏيندا رهندا.
جيڪڏهن اوهان کي ان تجربي کان واقفيت ناهي ته ڪجهه گهڙيون ڪڍي انٽرنيٽ تي ان تجربي کي ڏسي وٺو. اوهان کي اصل تجربي ۽ ملگريم جا نتيجا ڏسي حيرت ٿيندي.
ادب، احترام، لحاظ، رعب ۽ دٻدٻي جا احساس، اسان جي وجود جو حصو آهن؛ جن جو مقصد طاقتور ماڻهن پاران اسان جي روين کي مخصوص حدن ۾ رکڻ هوندو آهي. انهن احساسن کي مذهب، ڀرپور نموني استعمال ڪندو آهي. پنهنجي پيءُ ماءُ جي عزت ڪريو، پنهنجي خدا يا ديوتا جي ثنا بيان ڪريو، ان جي آڏو سر جهڪايو.
اخلاقيات:
ڊڪشنريءَ ۾ مذهب جي تعريف جو ٻيو حصو ڪجهه هيئن آهي: ”جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪوئي اخلاقي ضابطو موجود هوندو آهي، جنهن سببان انساني زندگيءَ جي معاملن جو دائرو ٺاهيو ويندو آهي.“ اهڙا ماڻهو کوڙ آهن، جيڪي چوندا رهن ٿا ته مذهب بنا ماڻهو قانون ۽ اخلاق کان آجو ٿي ويندو آهي، اها ڳالهه مڪمل غلط آهي.
اسان پيدائشي طور نيڪيءَ ڏانهن مائل ٿيندڙ جانور آهيون. اسان کي اخلاق کان آجو ۽ وحشي بڻجڻ کان بچڻ لاءِ مذهب جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن اسان جي وڏڙن کي صحيح ۽ غلط جو اندازو نه هجي ها ته هو ڪڏهن به سماجي گروهن ۾ سلامتيءَ سان نه رهي سگهن ها.
آئيني دماغي خلين، جنهن جو ذڪر اسان نائين باب ۾ ڪنداسين، کانسواءِ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جيڪي ان خيال کي رد ڪن ٿيون ته اخلاقيات رڳو سکيل رويو آهي، ۽ ان جا پيدائشي پاسا نه آهن.
انساني غرور اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اسان واحد اخلاقي هستيون آهيون، پر ٻين جانورن جي اندر به همدردي، رحم، خوشي، ڏک، مدد، معافي، ڀروسي، بدلي، ساڙ، محبت، نفرت ۽ انصاف جي احساسن وغيره جهڙا جذبات ڏٺا ويا آهن.
هي اهي خوبيون آهن، جن کي انساني اخلاقيات جو ماخذ سمجهيو وڃي ٿو. بدلي ۾، انهن کي ارتقا ڪيل اخلاقي نظامن جي خالق طور ڏسڻ گهرجي، جيڪي ڪنهن خاص قسم جي رويي طور ضروري هوندا آهن.
اخلاقي روين جي ارتقا، معاشري جي ارتقا سان گڏ گڏ هلي ٿي. معاشرتي پيچيدگي، اخلاقي پيچيدگيءَ کي جنم ڏيندي آهي، ۽ اسان ان جو تمام گهڻو معاشرتي نمونو آهيون.
ييل يونيورسٽيءَ جي نفسيات دان، پال بلوم ۽ ان جي ٽيم، اهو ڳولي لڌو آهي ته ٽن مهينن جي ٻار ۾ به صحيح ۽ غلط، سٺي ۽ خراب، ۽ انصاف ۽ ناانصافيءَ جا پيدائشي احساس موجود هوندا آهن.
جڏهن انهن ٻارن کي هڪڙو پتلو ڏيکاريو ويو، جيڪو جبل مٿي چڙهي ٿو، ۽ هڪ ٻيو پتلو به، جيڪو پهرين پتلي جي يا ته مدد ڪري ٿو، يا ان جي ڪم ۾ رخنو وجهي ٿو، ته ٻارن پنهنجو منهن رخنو وجهندڙ پتلي کان ڦيرائي مددگار پتلي ڏانهن ڪري ڇڏيو. ان مان سُڌِ ملي ٿي ته هو سماجي انصاف ۽ اخلاقي ردعمل جو فيصلو ڪرڻ جي لائق هئا.
پال بلوم لکيو: ”انسانن لاءِ گهڻن وقتن تي ملي جلي ڪم ڪرڻ وڌيڪ فائدي وارو هوندو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ٻين جي بري يا ڀلي هجڻ جي پرک ٿيندي رهي ٿي، ۽ ائين اها پرک هڪ مطابقت بڻجي وئي، جنهن ڪري بنيادي اخلاقي تصورن کي پيدائشي سمجهيو وڃي ٿو.“
اسان، توهان کي پنجين باب ۾ هڪ اهڙي ٻار جو مثال ڏنو هو، جيڪو فرش تي بال سان کيڏي ٿو. اهو مثال مائيڪل توماثيلو جي تحقيق مان ورتو ويو هو، جيڪو جرمنيءَ جي ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ارتقائي انساني علم جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ ۽ سندس ساٿين ننڍن ٻارڙن تي تحقيق ڪئي آهي، جنهن مان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. سندس چوڻ آهي ته اسان پيدائشي ايثار پسند آهيون، وڏا ٿي خود غرض بڻجي وڃون ٿا.
توماسيلو جي ٽيم، پيچيدن روين ۾ ٻارڙن جي صلاحيتن جو جائزو وٺي ظاهر ڪيو آهي ته ٻارن ۾ انصاف پسندي جو واضح احساس موجود هوندو آهي. فليڪس ورنيڪن جي وڊيو ۾ اهو ئي نڪتو ڏيکاريو ويو آهي ته ٻن سالن کان ننڍي عمر وارا ٻار، پنهنجي ماءُ جو پاسو ڇڏائيندي ڇڏائيندي، هڪ ڊگهي ماڻهوءَ کي در کولڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
اسان جو اخلاقي نظام، اسان جي پيدائشي گرامر وانگر آهي. اسان سڀني جي اندر، ٻولي سکڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ اسان پنهنجي ثقافت جي زبان سکندا آهيون. اهڙي ئي نموني، اسان سڀني جي اندر اخلاقي نظام موجود آهي، ۽ اسان پنهنجي ڪلچر جا اخلاقي قدر سکندا آهيون. اسان انهن جي مشق ڪري ڪري، انهن کي پنهنجي وجود جو حصو بڻائي ڇڏيندا آهيون ۽ اهي قدرَ، اسان جي وجداني، خود ڪار ۽ جذباتي ردعمل تي اثر ڇڏيندا آهن. اسان مذهب بنا به صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڄاڻون ٿا.
اسان جي اخلاقيات، هڪ ٻٽو نظام آهي، جنهن جي اندر شعوري ۽ لاشعوري طريقيڪار موجود آهي. ان کان سواءِ هڪ حقيقت کان پوءِ جو شعوري تدراڪي مرحلو به آهي، جيڪو دماغ جي هڪ خاص حصي ۾ موجود هوندو آهي.
اسان جو جذباتي ۽ اخلاقي نظام آربيٽو فرنٽل ڪورٽيڪس ۾ ڏٺو ويو آهي، جيڪو دماغ جي هيٺين وچولي حصي ۾ موجود هوندو آهي. دماغ جو اهو حصو، خاص طور سماجي ماحول ۽ ان ۾ اسان جي مقام بابت جائزو وٺندو رهندو آهي. جڏهن ماحول ۾ ڪا تبديلي ٿيندي آهي ته اسان خودڪار طريقي سان ردعمل ڏيکاريندا آهيون. جيڪڏهن تبديلي هاڪاري هوندي آهي ته اسان ان کي ڀليڪار ڪندا آهيون، ۽ ناڪاري تبديليءُ کان منهن موڙيندا آهيون. اهو هڪ تڪڙو قدرن جي ڪٿ جو عمل آهي.
دماغ جا ڪيترائي حصا اسان جي اخلاقي ردعمل جا ذميوار آهن، جن ۾ نقصان ۽ ناانصافي اڳيان آهن. جيڪڏهن اسان انهن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسون ٿا ته سڀ کان اڳ ردعمل ڏيکاريون ٿا، ۽ سکيل ڪلچرل فرق، ان ردعمل جي شدت جو تعين ڪندو آهي.
جيتوڻيڪ، اسان سڀ طاقتور قوتن آڏو جهڪون ٿا، جيئن ملگريم جي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته اسان جي اندر اهڙا اخلاقي جذبات موجود هوندا آهن، جيڪي اسان کي طاقتور قوتن سان لاڳاپا رکڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، جنهن سان اسان کي پنهنجي گروپ اندر وفاداري ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.
اسان ٻاهرين گروهي سڃاڻپ به ڪري سگهون ٿا، جنهن طرفان اسان محتاط رهون ٿا، ۽ ان ڳالهه جو تعين ڪيون ٿا ته اهي شڪي آهن، ۽ مٿن تيسيتائين اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين اهي پنهنجي اهليت ثابت نه ڪري سگهن.
مذهبن، هڪ اهڙي ٺهيل ٺڪيل طريقيڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن موجب موت جي دعويدار ٻاهرين گروهن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
اسان جي خودڪار اخلاقي جذبن جو هڪ ٻيو پاسو صفائي سٿرائي آهي.
گھڻو ڪري، اهو اسان جي وڏڙن جي اندر سڙيل گوشت منجهان پيدا ٿيل بوءِ واري اڻ وڻپ جي احساس مان پيدا ٿي، جنهن جو مقصد اسان کي بيمارين کان بچائڻ هو. پر اڻ وڻپ جو اهو احساس سماجي لاڳاپن ۾ به گهري ويو. اڻ وڻپ، هڪ طاقتور اخلاقي جذبو بڻجي وئي، جنهن کان تنقيد ۽ مذمت جو ڪم ورتو ويو، جنهن جو نشانو عام طور ان ماڻهوءَ کي بڻايو ٿي ويو، جيڪو گروهه کان ٻاهر هوندو هو. صفائيءَ جو احساس، مذهبي ماڻهن، جاين، شين تي لاڳو ڪيو ويو، ۽ اسان کي ان وقت تڪليف ٿيڻ ٿي لڳي، جڏهن مقدس ڄاڻايل رسمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي هئي.
اسان جا باشعور اخلاقي احساس اهي عقلي طريقيڪار آهن، جنهن سان اسان پنهنجي خودڪار جذباتي عمل کي حقي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ جمالياتي فيصلن جو اخلاقي ردعمل سان مقابلو ڪريو. جڏهن اوهان پنهنجي پسند جو ڪو شاهپارو ڏسو ٿا ته اهو توهان کي سٺو لڳي ٿو، ۽ توهان جي ذوق تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. جيڪڏهن توهان کان پڇيو وڃي ته ائين ڇو آهي، ته توهان دليل ڏيندا، پر اها رڳو پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جنهن جو ممڪن آهي، ان هاڪاري خودڪار عمل سان ڪو لاڳاپو نه هجي، جيڪو شاهپارو ڏسي، توهان جي اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو.
اسان جي اندر اهڙي قسم جو خودڪار اخلاقي ردعمل موجود آهي، ۽ اسان ڪنهن سٺي وڪيل وانگر ان کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جي ذهن جو ”وڪيل“ حصو، جيڪو سيريبرل ڪورٽيڪس سڏرائي ٿو، دماغ جو ٻاهريون تهه آهي. اهو اسان کي ڪنهن اخلاقي ردعمل جا سبب ٻڌائي ٿو، ۽ اسان جو ڪيس مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
اسان جي دماغ جو هڪ حصو گهڻو ڪري اسان جي جذباتي ردعمل تي حاوي ٿيندو آهي، ۽ ان ڪري ڪنهن اهڙي کي معصوم قرار ڏئي سگهندا آهيون، جنهن سان اسان ”جبلي“ طور نفرت ڪندا آهيون.
جيتوڻيڪ، اسان جي جذباتي عمل جو وڏو حصو غير شعوري هوندو آهي. مذهب اسان کي ظاهري طور اتفاقي احساسن جا شعوري سبب مهيا ڪري، اسان جون زندگيون آسان بڻائيندا آهن. ائين بلڪل به ممڪن آهي ته ڪوئي ماڻهو، غير مذهبي هجي، پر اعليٰ اخلاق جو صاحب هجي، پر جيڪڏهن اوهان بائيبل تي عمل ڪندا ته پنهنجي نياڻيءَ کي ٻانهي بڻائي وڪرو به ڪندا (هجرت). ٻين مذهبن ۾ به اهڙا عجيب و غريب قسم جا مذهبي حڪم موجود آهن. پراڻا مذهبي ڪتاب، اهڙن اخلاقي قدرن سان ڀريا پيا آهن، جيڪي اڄوڪي انسان کي غير اخلاقي لڳن ٿا. توهان مذهبي فرمانن جي جيتري پيروي گهٽ ڪندا، توهان اوتري ئي وڌيڪ اخلاقيات جي طرفداري ڪرڻ وارا هوندا.
خالص اخلاقيات اهو ڪندي آهي، جنهن کي اها صحيح سمجهندي آهي، توڙي جو اسان کي ڪنهن ائين ڪرڻ لاءِ چيو هجي يا نه چيو هجي. مذهبي اخلاقيات اهو ڪجهه ڪندي آهي، جنهن جو اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي.
مذهبي طاقت اسان کي حڪمن جي پيروي ڪرڻ لاءِ ٺوس سبب مهيا ڪندي آهي. مذهب اسان کي هڪ اهڙي گروهه جو حصو بنجڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿو، جنهن جو دائمي اجر ملندو آهي، يا اهو اسان کي جهنم جي باهه ۾ سدائين سڙڻ کان بچائي سگهي ٿو. اهڙا ماڻهو، جيڪي پهريان مذهبي هئا، ٻڌائن ٿا ته مذهب سان لاڳاپو رکڻ لامذهبيت جي ڀيٽ ۾ گهڻا ڀيرا وڌيڪ سولو آهي. مذهب موجب فيصلا ڪرڻ ۾ تمام گهٽ ذهني توانائي خرچ ٿئي ٿي.
مائٽاڻي نفسيات:
انسانن جي ارتقا اهڙي شاندار قسم جي ذهني طريقيڪارن سان ٿي آهي جو اسان مائٽن کي سڃاڻڻ، انهن سان لاڳاپا رکڻ ۽ مائٽن کي پراون تي ترجيح ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اهو خيال هڪ پراڻي چوڻيءَ ۾ هيئن کلي سامهون اچي ٿو: ”مان پنهنجي ڀاءُ جو مخالف، منهنجو ڀاءُ ۽ مان پنهنجي سوٽ جا مخالف، منهنجو ڀاءُ، منهنجو سوٽ ۽ مان، ڌارين جا مخالف.“
اهو مائٽاڻو احساس، نه رڳو اسان جي بقا، پر اسان جي ان جين جي بقا لاءِ به لازمي آهي، جيڪو اسان جي مائٽن جي اندر موجود آهي. اسان جي ارتقا ان ڍنگ سان ٿي آهي ته اسان انهن ماڻهن کي اوليت ڏيندا آهيون، جن جي اندر اسان جو جين موجود هوندو آهي.
مذهبن، ان مائٽاڻي لاڳاپي کي استعمال ڪيو آهي. رومن ڪيٿولڪ مذهب ۾ ان جو عمدو مثال موجود آهي. راهبائن کي ”ڀيڻ“ ۽ ايستائين جو ”ماءُ“ به چيو ويندو آهي. اهڙي نموني پادريءَ کي ”پيءُ“ ۽ راهب کي ”ڀاءُ“ چوندا آهن. پوپ ”مقدس بابو“ آهي ۽ خود مذهب کي ”مقدس مادر چرچ“ چوندا آهن.
مائٽاڻن جذبن جو استعمال، اڄوڪن آپگهاتي بمبارن جي ڀرتي، تربيت، ۽ پنهنجي گروهه جي اطاعت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مائٽاڻن لاڳاپن کي ٽوڙيو مروڙيو ويندو آهي. شعلا بيان ڀرتي ڪار ۽ تربيت ڪار مصنوعي رشتن جا ڌڙا تخليق ڪندا آهن. ان ۾ پاڻ هڙتا ڀائر شامل هوندا آهن جو پنهنجن مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن تي ٿيندڙ ظلمن تي ڏکارا ٿي، پنهنجن اصل خاندانن کان پري هليا ويندا آهن. اهڙين شهادتن جي ڪشش، نه رڳو ستر حورن جي جنسي تخيل تائين محدود هوندي آهي، پر انهن جي چونڊيل مائٽن کي جنت جي ٽڪيٽ ڪٽائڻ جو موقعو به ملندو آهي.
ايسوسيئيٽڊ پريس جي 18 جون 2010ع جي رپورٽ ان حقيقت کي هڪ وڏي خوبيءَ سان ظاهر ٿي ڪري ته: ”القاعدا سان لاڳاپيل هڪ انتها پسند پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو عراق ۾ آمريڪي فوجيءَ جي مترجم جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو.“
ان ڪيس ۾ مذهب جي تخليق ڪيل مائٽي، اصل مائٽيءَ تي حاوي ٿي وئي، جنهن سان نه رڳو انفرادي جذبات پر معاشري پاران پيءُ کي قتل ڪرڻ جي ملامت به پوئتي رهجي وئي. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته مذهب ڪيتري حد تائين خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
آمريڪا ۾ نائين اليون کان اڳ، سڀ کان وڌيڪ، انسان جي هٿان انساني زندگين جو نقصان مذهب جي نالي ۾ ٿيو هو.
جونس ٽائون ۾ 918 ماڻهو مئا، جن مان 909 ماڻهن ته سائينائيڊ پي، پنهنجن ٻارن کي پاڻ ماري، آپگهات ڪيو. جم جونس، پيپلز ٽيمپل نالي هڪ مذهبي گروهه جوڙي، ان جو ”پيءُ“ بڻجي ويو ۽ سندس حڪم تي انهن ماڻهن پنهنجون جانيون گهوري ڇڏيون.
انهن 909 ماڻهن جي زندگيءَ جو سودو، هڪ چريي ماڻهوءَ جي هٿان ڪيئن ٿيو؟
مهانگو سودو:
توهان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ تي ڪيئن ڀروسو ڪريو ٿا، جيڪو بدلي ۾ ڪجهه ڪرڻ جو واعدو ڪري ٿو؟ توهان جو ڀروسو ان وقت وڌي وڃي ٿو جڏهن اهو ماڻهو حقيقي، مخلص ۽ مهانگو واعدو ڪري. جونس، هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هزار ڊالر بخشش ۽ هيري جي منڊي ڏني، ۽ خدا جي نالي تي پاڻ کي ڪوڙا هنيان ۽ پنهنجن پوئلڳن کي ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ نئون شهر اڏائڻ لاءِ وٺي ويو.
حقيقي، مخلص ۽ مهانگا واعدا، اسان جي لاڳاپن جو حصو آهن. مذهب، انهن کي وڏي مهارت سان استعمال ڪري ٿو. اهو چوي ٿو ته اسان پنهنجو پاڻ کي سندس حوالي ڪريون، ۽ پنهنجو خون، پگهر، محنت، دولت، ايستائين جو مائٽن کي به مٿس قربان ڪريون.
مونکي ڪيئن خبر پوندي ته توهان مذهب، ۽ پنهنجي ديني ڀاءُ، يعني مون سان ڪيتري حد تائين لاڳاپيل آهيو؟ اهڙي صورتحال ۾، جيڪڏهن مان مذهبي رسمن ۾ توهان جي حقيقي، مهانگي شرڪت ڏسان. اهڙيون رسمون، جيڪي سدائين ڊگهيون، پيچيديون، بي آرامي، مالي ۽ جسماني طور مهانگيون هونديون آهن.
***