One Act Play [The Discovery by Hermon Ould]
دريافت
ليکڪ: ھرمن اولڊ
تعارف پھريون بحري سفر، جو ڪرسٽوفر ڪولمبس بحر اوقيانوس وٽان ڪيو ھو، اھو ڪنھن به ماڻھوءَ طرفان وڏين جوکائتن ۽ دلڪش مھمن مان ھڪ ھو. ھو ان پختي يقين سان يورپ جي ڪناري کان اولھندي طرف پنھنجي بادبان کي ھلائيندو رھيو ته ڄڻڪه ايشيا جي ڪناري تي ڄاڻ پھتو. ھو سڀني مشڪلاتن مان پار پيو ۽ جمعي جي ڏينھن، 3 آگسٽ 1492ع ۾ ٽن ننڍن جھازن سان اسپين مان روانو ٿيو. سڀ کان پھريان ڪناري جي ٻيٽن سان مکا ميل ٿيو ۽ ان کانپوءِ اڻڄاتل سمنڊن ڏانھن رخ ڪيو. ھي اھي سمنڊ ھئا، جن جي لاءِ صدين کان مشھور ھو ته دنيا اتي ختم آھي. اسان اندازو به نٿا لڳائي سگھون ته تنھن دور ۾ بنا جديد اوزارن جي ڪولمبس ڪيئن مھم جاري رکي. سندس پنھنجو جھاز ”سانتا ماريا“ ٽنھي جھازن مان وڏي ۾ وڏو جھاز ھو. سندس ڪيترائي ماڻھو ڏوھاري ھئا، جن کي مھم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ان ڪري آزاد ڪيو ويو ھو، جو سواءِ چند ناکئن جي ان خطرناڪ مھم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪير به تيار نه ھو. ٽنھي جھازن مان شايد ئي ڪو ماڻھو ھوندو، جيڪو ڪولمبس کي پسند ڪندو ھوندو. سڀ کيس چريو ۽ اجنبي سمجھندا ھئا. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا رھيا، اوڀر جون ھوائون کين سمنڊ ۾ اڳتي ڌڪينديون رھيون. نيٺ کين خوف طاري ٿي ويو ته ھو ھاڻي واپس ڪڏھن به نه پھچي سگھندا. نيٺ رنج، غصي ۽ وھم وسوسن جي ڪري جھازن ۾ بغاوت ٿيڻ واري ھئي. ان باوجود ڪولمبس اولهندي پاسي ھلندو رھيو، نيٺ 11 آڪٽوبر تي کيس کڙڪ پئي ته جيڪڏھن زمين جو ٽڪر نظر نه آيو ته ساڻن جھاز تي گڏ موجود ماڻھو کيس قتل ڪري ڇڏيندا، جھازن کي قبضي ۾ آڻي، واپس اسپين ڏانھن ويندا.
ڪردار
ڪرسٽوفر ڪولمبس
پيڊرو گٽريز… آفيسر
پيپي… جھاز تي موجود عملي جي خدمت ڪندڙ ڇوڪرو
ھوان پٽينو… ناکئو
ڊيگو گارشيا… ناکئو
فرانسسڪو… ناکئو
گليرمو آئرس… ناکئو
__________________________
سين: سانتا ماريا جھاز جا منظر
وقت: 11 آڪٽوبر، 1492ع
جھاز تي ھڪ وڏو روشنيءَ جو گولو اونچائيءَ تي لڳل آھي. گھري اونداھي آھي. جھاز جي چرپر سست آھي. ٻه جھازران ڦڙت نظر اچي رھيا آھن. ھوان پٽينو جھاز جي رسي کي ڇڪي رھيو آھي ۽ ڊيگو گارشيا سندس مدد ڪري رھيو آھي. ٻنھيءَ جون سرگرميون مبھم ۽ شڪي آھن. لڳي ائين ٿو ته ھو پنھنجو اصل مقصد لڪائي رھيا آھن. اھي ڏاڍيان آواز سان ڳالھائڻ لڳن ٿا. ڊيگو، اڌ ڪلاڪ جي اندر جھاز جي اندرئين حصي ڏانھن ويندو. سندس اکيون آڪاش ۾ کتل آھن، ڄڻ ته اجھو ”نئين دنيا“ طوفان جيان ٿي ظاھر ٿئي!
ھوان: بدقسمت جھاز!
ڊيگو: تون ٻيھر ٿڙڪين پيو!
ھوان: اھو سراسر ڪوڙ آھي. آئون ڇو ٿڙڪندس. اھڙي ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن کان ماڻھو کڻي ڊڄي، پر مون کي ھن شخص (ڪولمبس) تي ترس اچي ٿو.
ڊيگو: تون پنھنجي ”ھمدردي“ کي ڇو ضايع ڪري رھيو آھين! ڏوھه ڪنھن تي ڏجي، ان ھڪ چريي ماڻھوءَ تي، جنھن جو دماغ عجيب نون خيالن سان ڀريل آھي يا انھن چاليھه جھاز سوارن تي، جيڪي پنھنجي گھرن ڏانھن آتا آھن!
ھوان: پر ھي چريو شخص ڪجھه ڪجھه چڱو به لڳي ٿو…
ڊيگو: (بي صبريءَ مان) اھو شخص چڱو تڏھن آھي، جڏھن سڀ شيون سندس مزاج موجب ٿين ٿيون، پر ان جي ابتڙ وري ڪيڏي ڪيڏي مھل ٻار ٿيو پوي!
ملاحن جو گيت ٻڌجي پيو…
ھي وٺو انگور جو رس،
پھچي وياسين بھشت ۾،
شيطان ٽھڪ ڏئي ٿو،
پر ديوتا ته گونگو آھي!
ھوان: (اٻھرائپ ۾) ان کي بند ٿيڻ کپي. ڪئپٽن جڏهن به ان گيت کي ٻڌندو آھي ته آپي مان نڪري ويندو آھي.
ڊيگو: ڇا پنھنجي جذبن کي جوان رکڻ لاءِ اسان کي گيت ڳائڻ نه کپي!
(اھي جھاز جي رسي کي وڏي اورچائيءَ سان ڇڪي رھيا آھن. پيڊرو گٽريز اتي اچي ٿو. ھو ٻين کي ڏسي ٿورو حيران ٿئي ٿو.)
پيڊرو: ھتي ڪير آھي؟
ڊيگو: (اٿندي) ڊيگو گارشيا ۽ ھوان پٽينو، سائين.
پيڊرو: (پيڊرو ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندي) گھگھه انڌيرو آھي. مون کي چنڊ جي آجيان ڪرڻ کپندي…
ڊيگو: پيڊرو ڀاءُ! اسان مان ڪجھه واپس اسپين جي ڪنارن تي وڃڻ چاھين ٿا…
پيڊرو: (نل لڳائيندي) ڊيگو، ڏاڍو بي صبرو آھين!
ڊيگو: (بيزاريءَ مان) صبر جون به ڪي حدون ھونديون آھن، سائين!
پيڊرو: (ڌيرج سان) ۽ توھان انھن تائين پھچي ويا آھيو، ائين نه؟
ڊيگو: ھتي اسان انھن چمڙن جيان آھيون، جيڪي ڏينھن جو اڏامڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آھن. ھن (ڪولمبس) کي ھاڻ ضد ڇڏڻ کپي. فقط ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ چاليھه زندگيون ڪيئن ٿيون ڏئي سگھجن؟
پيڊرو: (پراعتماد لھجي سان) ڊيگو! مون کي اميد آھي ته اسان بغاوتي خيالن جي ويجھو به نه وينداسين!
ڊيگو: بغاوت بدصورت لفظ آھي، سائين!
پيڊرو: ۽ بدصورت ترين عمل پڻ!
(ھوان، رسي ڇڪڻ وارو پنھنجو ڪم ڪري اٿي ٿو ۽ سلام ڪري ھليو وڃي ٿو. ڪولمبس اچي ٿو. ھو قداور ۽ پريو مڙس آھي. سندس عمر ڇائتاليھه سال آھي. سندس وار سفيد آھن ۽ سندس چھرو صاف ۽ سرخ آھي. کھري ۽ سخت طبيعت جو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي غصي ۽ چھري جي تاثراتن کي ضابطي ھيٺ رکڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. سندس چھري مان ھشمت بکي ٿي. ھو، پيڊرو کي، ڊيگو سان ڪچھري دوران ڏسندي بدزن ٿئي ٿو ۽ جلدي ڊيگو ڏانھن وڃي ٿو.)
ڪولمبس: روشنيءَ جو گولو وسامي رھيو آھي. ڏس ته اھو صحيح جاءِ تي رکيل آھي!
ڊيگو: (خاموشيءَ سان اوڏانهن وڃي ٿو.)
ڪولمبس: (کيس ٻيھر سڏ ڪري ٿو.) ڊيگو!
ڊيگو: (واپس ايندي) جي، سائين!
ڪولمبس: جھاز جو ھي اھم حصو آھي.
ڊيگو: جي، سائين.
ڪولمبس: ھڪ سٺي ناکئي کي پنھنجي جڳھه بابت خبر ھجڻ کپي.
ڊيگو: (غصي کي قابو ڪندي) جي، سائين.
(ڪولمبس کيس ٻاھر وڃڻ جو اشارو ڪري ٿو. ڊيگو منھن سڄائي، ڪنڌ ھيٺ ڪري، ھليو وڃي ٿو.)
ڪولمبس: (پيڊرو کي) ھي ته صفا جانور آھي!
پيڊرو: ۽ خطرناڪ پڻ. ھي ته ھروڀرو ڪاوڙيو وتي ٿو ھلندو!
ڪولمبس: منھنجي ھن تي نظر آھي.
(ڪولمبس ڪجھه لمحي جي لاءِ سوچي ٿو ۽ ھڪ جاءِ تي بيھي رھي ٿو. ھي ھن وقت جھاز جي سڀ کان ھيٺين حصي ۾ وڃي ٿو ۽ اتان کان سمنڊ ڏانھن نھاري ٿو. پيڊرو سندس پٺيان ھلي ٿو. جھاز جي دروازي مان ڪم ڪار وارو ڇوڪرو پيپي ظاھر ٿئي ٿو. ھي انھن ٻنھن جون ڳالھيون وڏي غور سان ٻڌڻ لڳي ٿو.)
ڪولمبس: اوڀر جي ھوا… اي اوڀر جي ھوا…! خدا ھوا ۾ موجود آھي، پيڊرو!
پيڊرو: (منھن تي ھلڪي مسڪراهٽ آڻيندي) جھاز جو عملو (جھاز ران کانسواءِ) ھوا کي شيطان سمجھي ٿو! روز اوڀر جي ھوا لڳي ٿي، جيڪا کين سندن وطن ۽ گھرن، انھن جي زالن ۽ ٻارن، انھن جي دوستن ۽ محبوبن کان پري ڪري ٿي.
ڪولمبس: توکي به ائين لڳي ٿو؟ پيڊرو، ڇا توکي به شڪ آھي؟
پيڊرو: ڇا مون ڪڏھن ائين چيو آھي، ڪئپٽن؟ ڇا مان توھان جي پاسي نه آھيان؟
ڪولمبس: مون کي معاف ڪر منھنجا دوست! تون نئين دنيا دريافت ڪرڻ ۾ ويساھه رکندڙ انھن چند فردن مان ھڪ آھين، جيڪي ڪا شيءِ چٽي نظر نه ايندي به پنھنجي پختي يقين تي قائم رھن ٿا. (ملاحن جو گيت ٻڌجي ٿو)
ڪولمبس: اھي ڏاڍو مڌ پيئن ٿا!
پيڊرو: اھي سادا ماڻھو آھن ۽ کين سڪون حاصل ڪرڻ جو پورو حق آھي. ڪئپٽن، اسان سڀني وٽ توھان واري بصيرت نه آھي!
ڪولمبس: توکي ھاڻ شڪ ٿيڻ لڳو آھي، پيڊرو! ترس ته تنھنجو ذھن پڙھي وٺان. آئون بي صبرو شخص آھيان ۽ ناانصافيءَ طرف مائل آھيان، پر آئون ماڻھو ڏاڍو سٺو آھيان، پيڊرو. منھنجي ڳالھه سمجھين ٿو؟ مون سان خوف کانسواءِ ڳالھاءِ!
پيڊرو: اڄ 11 آڪٽوبر آھي. اسان کي ٻن مھينن کان به گھڻو عرصو ٿي چڪو آھي، جو اسان اسپين جا ڪنارا آخري ڀيرو ڏٺا ھئا. توھان اسان کي دريافت جي روشن اميد ڏيکاري ھئي ۽ اسان ان تي اکيون پوري ايمان آندو ھو. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذري ويا، اسان پاڻ کي سمنڊن جي گھرائين ۾ پاتو، پر تنھن ھوندي به اسان کي نئين کوجنا ۽ دريافت بابت پورو پورو يقين ھو ته ضرور ڪامياب ٿينداسين. گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته ان بابت پختو ويساھ ھو. آئون علم جي حوالي سان ڪورو ڪاغذ آھيان، پر فطري مظاھرن تي گھڻو حيرت ۾ ائين نه وٺجي ويندو آھيان، جيئن سادڙا ماڻھو گھڻو متاثر ٿي ويندا آھن، پر آئون اقرار ڪريان ٿو ته مون کي تڏھن گڙٻڙ محسوس ٿي، جڏھن ڪمپاس جي سئي اتر واري پاسي مستقل اشارو ڪرڻ بجاءِ اتر کان اولھه طرف مڙي بيٺي. مون کي ائين لڳو، جيئن ڪو شيطان ان تي ھٿ رکيو ويٺو ھجي! آئون ڪو ٻار نه آھيان نه ئي ايترو سادڙو آھيان ۽ نه ئي ڪو وھمي قسم جو ماڻھو آھيان، پر ڪا ته شيءِ آھي، جيڪا بيحد ذھين آھي، جيڪا اسان کي رازن ذريعي چڪاسي رھي آھي. بيحد احترام سان ڪئپٽن، آئون پڇان ٿو ته ڇا اھا خدا جي خواھش آھي ته اسان خراب قسمت باوجود به ان مھم کي جاري رکون؟
ڪولمبس: (بي صبريءَ مان) اھو منھنجو ارادو آھي.
پيڊرو: مون کي جواب ملي ويو، سائين!
ڪولمبس: پيڊرو، مون کي معاف ڪجان. ڪاش مان پنھنجي زبان کي روڪي سگھان ھا… پنھنجي ان زبان کي روڪي سگھان ھا، جيڪا بي مھار آھي. منھنجا دوست! منھنجو ارادو معنيٰ ته خدا جو ارادو. ڇا اھو ڪافي نه آھي؟
پيڊرو: آئون توھان جي اعتماد بابت ڪا به دعويٰ نٿو ڪري سگھان، سائين!
ڪولمبس: (غصي مان) پر مون کي تنھنجي اعتماد بابت دعويٰ آھي. (ملاحن جو گيت ٻيھر ٻڌي سگھجي ٿو.) انھن جي ڳائڻ تي لعنت ھجي. انھن کي ڳائڻ کان روڪيو وڃي. (پيڊرو مايوسيءَ مان ھليو وڃي ٿو. جڏھن ھو اڪيلو آھي، تڏھن ڪولمبس سمنڊ ڏانھن نھار ڪري ٿو ۽ چپن ۾ ڪجھ ڀڻ ڀڻ پڻ ڪري ٿو.) راز؟ ڇا خدا رازن جا حل مھيا نه ڪيا ھوندا؟ (اچانڪ پيپي در کان ٻاھر تڪڙا تڪڙا قدم کڻي نڪري وڃي ٿو. ڪولمبس ڇرڪ ڀري ٿو.) اھو ڪير آھي؟
پيپي: آئون آھيان پيپي، ڪئپٽن!
ڪولمبس: (غصي مان) ڇا تون سڄو وقت اتي لڪي بيٺو ھئين؟
پيپي: معاف ڪجو، سائين. آئون اڄ ڊيوٽي تي نه آھيان.
ڪولمبس: پوءِ تون ھتي ڇا پيو ڪرين؟
پيپي: مون سوچيو ته اوھان سان ٿورو وقت گذارجي. ان ڪري ئي آئون ھتي آيس.
ڪولمبس: ڪھڙو نه عجيب ڇوڪرو آھين! ٻين ماڻھن جا مزاج ڪيئن آھن ۽ سندن ذھنن ۾ ڇا پيو ھلي؟
پيپي: آئون انھن سان ڪونه ڳالھائيندو آھيان. مون کي انھن سان نفرت آھي.
ڪولمبس: چڱو، ھتان ٽر! جلدي ھل. (ڇوڪرو جلدي جلدي ھلڻ شروع ڪري ٿو.) ٻڌ ته صحيح! پيڊرو جيڪو ڪجھه چيو، ڇا تو اھو ٻڌو؟
پيپي: جي، سائين. پيڊرو سڀنيءَ کان سٺو آھي…
ڪولمبس: پر تنھن باوجود به ھو شڪ ڪري ٿو…
پيپي: مون کانسواءِ ھر ماڻھو ھتي شڪي آھي!
ڪولمبس: (ڏند ڪرٽيندي) سڀ ماڻھو….!
پيپي: مون کانسواءِ سڀ ماڻھو شڪي آھن، ڪئپٽن!
(پيپي تڪڙو تڪڙو ڪولمبس ڏانھن وڃي ٿو.)
ڪولمبس: (ٻار جي مٿي تي ھٿ رکندي) تون ننڍو آھين، تنھن باوجود به توکي مون تي پورو يقين آھي. شاباس ڇوڪرا…
(ملاحن جو گيت ٻڌجي ٿو)
پيپي: اھي جڏھن گھڻو مڌ پيئندا آھن، تڏھن ڀوائتو ڏيک ڏيندا آھن. سندن موجب پيئڻ سان سندن غم، ڏک ۽ تڪليفون ڪافور ٿي وڃن ٿيون.
ڪولمبس: غريب ڪنھن جاءِ جا!
پيپي: (ويجھو ايندي) ڪئپٽن! ھوشيار ٿج! ڪڏھن ڪڏھن اھي بي ڊپا لوڪ خوفناڪ ٿي پوندا آھن.
(گيت ۾ گھڻن ماڻھن جو آواز شامل ٿي وڃي ٿو)
ڪولمبس: اھا ته ڪا سٺي ڳالھه نه چئبي. انھن کي روڪڻ لاءِ مون پيڊرو کي موڪليو ھو. سو تنھنجو خيال آھي ته اھي نھايت ئي خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا… (پيڊرو واپس اچي ٿو) شھزادا! ھاڻ تون ڀلي وڃ. (پيپي ھليو وڃي ٿو، پر گھڻو ٻاھر ڪونه ٿو وڃي) ڏي خبر پيڊرو! انھن جا آلاپ گجگوڙ ۾ تبديل ٿي ويا آھن. سندن رنج ۽ غصو گھرو ٿي رھيو آھي، جيڪو بدسؤڻ جي علامت آھي.
پيڊرو: ڪئپٽن! انھن منھنجي حڪم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
ڪولمبس: (غصي مان) مان انھن مان ھڪ ھڪ کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيندس. ھتي ٻيو ڪير آھي؟ ڪير آھستي آھستي اسان جون ڳالھيون ٻڌي رھيو آھي؟ ڪھڙو جوان آھين، ظاھر ٿي؟ (فرانسسڪو ساڄي طرف کان ظاھر ٿئي ٿو)
ڪولمبس: چئبو ته فرانسسڪو تون ھئين اھو؟
فرانسسڪو: جي، سائين. آئون بدسؤڻ ۽ بدبختيءَ جي نشاني نه آھيان…
ڪولمبس: پوءِ تون ائين لڪي لڪي ھتي ڇا ڪري رھيو ھئين؟ ڇا مون توکي ھتي گھرايو آھي؟ ڇا سمنڊ ۾ ضابطي نالي ڪا به چيز باقي نٿي رھي؟ ڇا اڄڪلھه غلام ايڏو سٺو آھي، جيڏو آقا آھي؟
فرانسسڪو: (نماڻائيءَ مان) اوھان جا لفظ ڏنگين ٿا، حضور!
ڪولمبس: ان لاءِ ئي ته چيا ته جيئن اڳئين تي فرق پوي. آئون جھاز جي عملي طرفان ڀڻ ڀڻ ۽ ڪر ڪر مان تنگ اچي چڪو آھيان. مون گھڻو ئي صبر ڪيو آھي.
فرانسسڪو: آئون توھان کي خبردار ڪرڻ آيو آھيان سائين. جھاز جي عملي جو مزاج ڏاڍو خطرناڪ ڀاسجي ٿو.
ڪولمبس: خطرو منھنجي لاءِ زندگيءَ جي ساھ مثل آھي. مون کي پنھنجي ان زندگيءَ تي شڪ ڪرڻ گھرجي، جا مون خطري کان بغير گذاري ھجي!
فرانسسڪو: اسان جي برداشت جي سگھ موڪلائي چڪي آھي. اسان اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪريون ٿا. آئون توھان کي تنبيھ ڪريان ٿو. آئون شخصي طور اوھان جو گھڻو احترام ڪريان ٿو ۽ آئون عدم تشدد جو قائل آھيان، پر ھاڻ ڳالھه برداشت کان ٻاھر آھي!
ڪولمبس: (پيڊرو کي)، جھاز تنھنجي ھٿن ۾ آھي. آئون پنھنجي دوست معرفت ھر ماڻھوءَ سان ڳالھائيندس. (پيڊرو ھليو وڃي ٿو. ڪولمبس فرانسسڪو ڏانھن وري ٿو.) فرانسسڪو آئون توکي دليل ڏيان ٿو. اھڙا ماڻھو به آھن، جن کي خدا پنھنجي ارادي کي پورو ڪرڻ لاءِ چونڊيو آھي. آئون اھڙو ئي ماڻھو آھيان. مون کان وڌيڪ ھن جھاز تي ٻيو ڪير به نه آھي. اسان ٻئي خدا جو وسيلو آھيون! جيئن ته خدا مون کي چونڊيو آھي ته پوءِ منھنجي مخالفت ڪير ٿو ڪري سگھي؟ ڌرتيءَ جون چار ئي ڪنڊون سندن بچائيندڙ جي علم سان ڳنڍيل آھن. خدائي حڪمنامي تحت مون غيب جا ڍڪيل پردا ھٽايا آھن. مون اھو سکيو آهي ته ھن روءِ زمين تي ھيترن سارن انيڪ ماڻھن جي ھوندي خدا مون کي چونڊيو آھي ته آئون سمنڊن جي گھرائين کي چيري پريان عظيم دنيا کي دريافت ڪري وٺان ۽ اھڙي عظيم دنيا جي دريافت بابت مون کي ايتري پڪ آھي، جيتري بھشت بابت آھي.
فرانسسڪو: ته پوءِ ڇا توھان جي ان ڳالھ جي ڪري سادا ماڻھو ڀلي ڀوڳين!
ڪولمبس: سادن ماڻھن کي پنھنجي ڊيوٽي ھر حال ۾ ڪرڻ کپندي.
فرانسسڪو: ڊيوٽي ڪرڻ جون ڪجھه حدون به آھن. ماڻھو ڊيوٽي ۽ مفاد ڪارڻ ڪيتريون ئي شيون قربان ڪري ڇڏيندا آھن. توھان انھن کان گھڻي قرباني ڏيڻ جي ڳالھه ڪري رھيا آھيو. توھان پنھنجي تسڪين خاطر اسان کان پنھنجي وطن، خاندان، دوستن ويندي زندگيءَ جو دان گھري رھيا آھيو. اسان خدا طرفان نون رستن جي کوجنا لاءِ چونڊيا نه ويا آھيون. اسان سادا ۽ نماڻا ماڻھو آھيون. اسان کي گھرن ۽ ونين جي تانگھه ماري ٿي.
ڪولمبس: فرانسسڪو: تون گھڻو ڪجھه نه پيو چوين…
فرانسسڪو: نه، سائين. اھڙي ڳالھه ڪونھي. آئون توھان ڏي دوست طور آيو آھيان. ماڻھن جو صبر جواب ڏئي چڪو آھي ۽ اھي وڙھڻ جي تياري ۾ آھن. سخت رسي آخرڪار ٽٽي پوندي آھي!
(گيت ٻيھر گونجي ٿو. ڳالھايل لفظ ۽ گيت رلي ملي وڃن ٿا)
ڇا توھان مون کي ٻڌي رھيا آھيو، سائين؟
ڪولمبس: آئون ڪاوڙيل حيوانن جون چيخون ٻڌي رھيو آھيان.
فرانسسڪو: توھان ڪاوڙيل ماڻهن جون صرف شڪايتون ٻڌيون آھن، سائين. (ھاڻ فرانسسڪو جي آواز ۾ لرزش آھي. ڪولمبس لفظن کي جھٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.) ڇا توھان مون کي ٻڌو پيا، سائين؟
پيپي: (لڪي ڳالھيون ٻڌي پيو) ائين ھرگز نه ٿيندو! ائين ھرگز نه ٿيندو!
ڪولمبس: ڇوڪرا، ھيڏي اچ! تون اھو ڇا چئي رھيو ھئين؟
پيپي: (روئڻھارڪو ٿيندي) سانتا ماريا منھنجي لاش جي لاءِ مشعل ھوندي!
ڪولمبس: (غصي مان) ڇا واقعي ائين ٿيندو؟
فرانسسڪو: مون کي معاف ڪجو، سائين. آئون جذبات کي سمجھي سگھان ٿو.
ڪولمبس: (سگھه کي ميڙيندي) گليرمو کي مون ڏانھن موڪلج!
فرانسسڪو: سائين، مون کي معاف ڪجو، پر…
ڪولمبس: ضابطو پر ٻر نه ڄاڻندو آھي…
فرانسسڪو: (غصي مان) ضابطو ماضيءَ جي بات آھي، سائين.
ڪولمبس: (پيڊرو کي) پيڊرو، گليرمو کي مون ڏانھن موڪل. کيس خبر پئي ته لوھي ھٿ ڇا ھوندا آھن!
(پيڊرو گليرمو کي سڏڻ لاءِ وڃي ٿو ته اتي گليرمو ۽ ٻيا ملاح غصي مان جانورن جيان رڙيون ڪندي اڳتي ڪولمبس ڏانھن اچي رھيا آھن.)
ڪولمبس: (گجگوڙ واري آواز ۾) بيھي رھو! جھنگلي جانورن جيان رڙيون ۽ شور ڪرڻ جو ڪھڙو مقصد آھي؟ جيڪو به ماڻھو اڳتي وڌيو ته سندس برو حشر ڪيو ويندو.
(خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. ڪير به اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ڪونھي. اچانڪ ئي گليرمو ڪن ڦاڙ چيخ سان ميڙ مان نڪري نروار ٿئي ٿو.)
گليرمو: آھي ڪنھن ۾ ھمت ۽ طاقت جو مون کي قابو ڪري؟ اسان گھڻا آھيون.
ڪولمبس: جيڪڏهن ڪير به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي ته پوءِ آئون اڪيلي سر ڪم ڪريان ٿو. ھتان ٽري وڃو! وڌيڪ آئون ڪجھه به ٻڌڻ نٿو چاھيان!
گليرمو: (جوش مان) اسان گھڻو ئي اوھان جو ساٿ ڏنو آھي. اسان کي ٻالو ڀولو سمجھي ڏينھن رات ڪم ورتو ويو آھي. اسان کي عام انسانن جيان احساسات ۽ جذبات آھن. اسان کي به پنهنجا گھر ۽ ٻار ياد اچن ٿا. سانتا ماريا کي ھاڻ واپس اسپين ڏانھن مڙڻ کپي. ائين ٿو لڳي ته اسان انسان نه پر رڍون ھجون.
ڪولمبس: جھاز کي ڪير اڳتي ھلائيندو؟
گليرمو: ھتي ڪيترائي ماڻھو آھن، جيڪي اھو ڪم ڪري سگھن ٿا. شيطان اوھان سان گڏ آھي، پر اسان کي به سمنڊن بابت ٿوري گھڻي ڄاڻ آھي. جيڪڏهن اھو شيطاني رستو اسان کي ڪاڏي به وٺي نه ٿو وڃي ته پوءِ اسان کي واپس پنھنجي ڪکن ۾ وڃڻو پوندو.
(ائين ٿو لڳي ته سڄي عملي جي رضامندي گليرمو جي ڳالھه ۾ شامل آھي. ڪولمبس پنھنجو ھٿ ھوا ۾ لھرائي ٿو. سندس چھري جي رنگت معمول کان ھٽي ڪري ھيڊي ٿي چڪي آھي، پر تنھن ھوندي به ھو سانتيڪو آھي.)
ڪولمبس: ڪامريڊ گليرمو! تون ھڪ بھترين ناکئو آھين. تون نواڻ پسند ۽ جدت پسند ماڻھو آھين. ڪو ڏينھن ايندو- جيڪڏهن تنھنجو عقل ۽ زبان سلامت رھي- ته تون ڪامرانيون ۽ ڪاميابيون ماڻيندين! اڄ تون ھڪ صحتمند ملاح آھين ۽ آئون تنھنجو ڪئپٽن آھيان. تنھنجو فرض آھي ته تون منھنجي حڪمن جي ائين بجا آوري آڻ، جيئن آئون اسپين جي شاھي حاڪمن جو فرمانبردار آھيان، جن مون کي ھيڏانھن موڪليو آھي. اھا ڳالھه توھان ۽ اسان کي سمجھڻ گھرجي. ھاڻ توھان کي واپس پنھنجي ڊيوٽيءَ تي وڃڻ کپي.
(ٻيھر خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ڪولمبس جي ھشمت ۽ ڏيا واري فطرت انھن کي قابو ڪيو ويٺي آھي. ڊيگو ڳالھائي ٿو.)
ڊيگو: اھي ٻارن جي لاءِ لفظ آھن! اھو سنئون سڌو ڌوڪو ۽ فراڊ آھي. اسان بالغ انسان آھيون. اسان کي عقل ۽ دليلن سان قائل ڪر!
ڪولمبس: خاموش گستاخ!
(سڀ ماڻھو خاموش ٿي وڃن ٿا. ميڙ ۾ سس ڦس جاري آھي. ڪولمبس ڏاڪڻ تي چڙھي مٿاھينءَ کان ميڙ کي ڏسڻ لڳي ٿو.)
ڊيگو: تون پاڻ کي ڌرتيءَ تي خدا جو نائب ٿو سمجهين؟
آواز: (گڏيل آواز گونجي ٿو) لاھيوس ھيٺ! گھليوس! قابو ڪيوس! مرتد! شيطان جي پڇڙي!
(ماڻھو کيس پڪڙڻ لاءِ ڊوڙ پائين ٿا ته اتي پيپي ماڻھن جي اڳيان اچي وڃي ٿو. انھن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.)
پيپي: بزدلئو! ڊرپوڪ! توھان کي ڪولمبس تائين پھچڻ کان پھريان منھنجي لاش تان گذرڻو پوندو!
آواز: پري ٿي وڃ! شيطان جا ٻچا!
ڪولمبس: ڇا اھو ٻار منھنجي ۽ موت جي وچ ۾ بيھي رھيو آھي؟ (سندس ڳالھائڻ سان ٻيھر خاموشي ٿي وڃي ٿي) پيپي ھيڏانھن اچ ٻچڙا…!
پيپي: (ڏانھنس تڪڙو تڪڙو وڃي ٿو) جي، منھنجا ڪئپٽن!
ڪولمبس: ھي سفر دريافت جو سفر آھي. مون نئين دنيا کي دريافت ڪرڻ لاءِ اھو سفر شروع ڪيو (ماڻھو ڏند ڪرٽين ٿا)- نئين دنيا، جا ھنن اڻڄاتل سمنڊن کان پري آھي، جا قيمتي جانين جا نظرانا ڏئي ڪري به ڏاڍي دلچسپ ۽ دلڪش آھي. مون ھي سفر ان لاءِ شروع ڪيو ته جيئن پنھنجي بادشاهه ۽ راڻيءَ جي لاءِ دولت ۽ خزانا ۽ نئين زمين ھٿ ڪري سگھان. ھيستائين، مون ھڪ ئي شيءِ دريافت ڪئي آھي. اھا ھي آھي ته ماڻھوءَ وٽ جڏھن ڪو خواب ھجي ته کيس اڪيلي سر ان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. وفاداري گذرندڙ لھر تي سامونڊي گند گئونچر مثل آھي. دوستي ائين ٽٽي ٿي، جيئن بادبان جي ٿنڀي کي ڪيئان ٽوڙين ٿا. ضابطو، ڊيوٽي ۽ احترام اھي بوڻيا آھن، جيڪي پھرين ڇھاءُ سان ڦاٽي پون ٿا. سواءِ خودپڻي جي، باقي ٻيو ڪجھه به نٿو رھي. پيارا پيپي! مون صرف اھا ئي شيءِ دريافت ڪئي آھي!
پيپي: (سندس اکيون چمڪي رھيون آھن) آئون اوھان جو وفادار ۽ فرمانبردار آھيان. اڃان تائين اوھان جو خادم آھيان.
ڪولمبس: آباد ھجين ٻچڙا…!
پيڊرو: (پنھنجي ڳلي کي صاف ڪندي) مون کي اميد آھي ته منھنجي وفاداريءَ تي ڪڏھن به سواليه نشان نه ايندو، سائين!
(پيڊرو ڪولمبس کي سلامي ڏئي ٿو)
ڪولمبس: (موٽ ۾ سلامي ڏيندي) تون گھڻو ڪري خاموش رھندو آھين. پيڊرو، تنھنجي ٻن لفظن تنھنجي وفاداريءَ کي ظاھر ڪري ورتو آھي. آئون تنھنجو شڪرگذار آھيان.
(ڪولمبس سمنڊ ڏانھن مڙي ڏسي ٿو ۽ سندس ڌيان ان پاسي ٽڪي ٿو، جتي گھگھه انڌيرو آھي. ماڻھن ۾ ھر کر آھي. ھي مڙي ٿو.)
ھوان: اسان سادا ماڻھو آھيون، سائين!
ڪولمبس: ڇا سادا ماڻھو بھتر ماڻھن کان امتحان وٺندا آھن؟
گليرمو: (اعتماد مان) جي بلڪل وٺي سگھن ٿا. سڀاڻ تائين وڌيڪ انتظار ڪر.
ڪولمبس: برا عمل اونداھيءَ ۾ ئي ڪيا ويندا آھن.
(گليرمو غصي جي حالت ۾ ھليو وڃي ٿو، سندس پويان ڪجھه ملاح وڃن ٿا.)
فرانسسڪو: نااميد ماڻھن کي (سندن ۾ موجود) سٺائي نظر نه ايندي آھي، سائين!
ڪولمبس: (بيزاريءَ مان) مون کي ياد ڏيارڻ لاءِ اوھان جي وڏي مھرباني، فرانسسڪو. رات جو سلام.
(فرانسسڪو وڌيڪ ڳالھائڻ چاھي ٿو، پر خاموش ٿي وڃي ٿو. ھر طرف خاموشي آھي. ڪولمبس اتي ئي بيٺو آھي.)
ڪولمبس: ڇوڪرا، وڃ ھاڻي.
(پيپي ساڻس ھٿ ملائي، سندس ھٿ کي چمي ڏئي، ھليو وڃي ٿو)
ڪولمبس: (پيڊرو کي) ٻه منٽ پھريان مون کي ڪجھه نظر آيو… منھنجي خيال ۾ ڪا شيءِ مون کي نظر آئي!
پيڊرو: (خوشيءَ مان) ڇا نظر آيو، سائين؟
ڪولمبس: ھڪ روشني! مدھم روشني! ٻري ٿي ۽ وسامي وڃي ٿي! ھوڏانھن ڏس!
پيڊرو: واھ واھ! بلڪل، سائين. مون کي به نظر آئي!
(ان موقعي تي جھاز تي شور ھنگامو برپا ٿي وڃي ٿو)
آواز : روشني! روشني! ڌرتي! ڌرتي! نئين دنيا! نئين دنيا!
***

