هڪ ڪهاڻيڪار جا ٻه ناوليٽ
ناول لکڻ ڪو سهنجو ڪم ناهي، نه ئي اُهو ڪنهن ڪهاڻيءَ جيان مختصر هوندو آھي. ناول جيڪي لکن ٿا، اُنهن لاءِ ناول لکڻ ايڏو ڏکيو به ڪونهي، پر ڳالھ مختصرن ته وقت تمام گهڻو لڳي ٿو، ناول جي هر نئين موڙ تي، نئون رنگ، نئين ڳالھ نئون موضوع، نوان ڊائلاگ ۽ نوان چهرا ناول ۾ سمائڻا پوندا آھن، يعني ناول جيترو جاندار هوندو آھي اوترو ئي اُهو پڙھڻ ۾ به دلچسپي ڏيندو آھي ۽ خاص ڪري هٿ ٺوڪين ڪردارن کان جيڪڏهن ناول بچيل ۽ پري آھي ۽ گهڻي گفتگو واري ڊيگھ ۾ ناهي ته اُهو ناول ضرور پڙھڻ ۾ لطف ڏيندو آھي، ۽ اُن کان به وڌيڪ ته پڙهندي اُن ناول ۾ پڙهندڙ کي پنهنجو چٽو ڪردار نظر ايندو آھي. مون کي گهڻو ڪري جاسوسي، جنگي ۽ ڳوٺائي ڪردار تي لکيل ناول گهڻو پسند ايندا آھن، اُهي ناول ترجمي جي شڪل ۾ هجن يا سنڌي ٻولي ۾ لکيل هجن مون کي گهڻو پسند آھن، هاڻي اسان وٽ ڪجھ ناول نگار يونيورسٽيءَ جي موضوع تي گهڻو لکي رهيا آهن، پر مون کي يونيورسٽيءَ واري موضوع تي آڌاريل صرف هڪ ئي ناول وڻندو آھي، جيڪو ناول ”رهجي ويل منظر“ آھي. اُن کان علاوه يونيورسٽيءَ تي آڌاريل هٿ ٺوڪيا ڪردار ۽ ڪجھ ناول گهٽ پسند ايندا آھن.
ناول اُهو جنهن کي پڙھي پورو ڪرڻ کان پوءِ اوهان جي اک مان هڪ ڳوڙهو ڪِري اوهان کي تعجب ۾ وجهي ڇڏي، يا وري وڇڙيل جوڙي يا وڇڙيل ڪردار جي ملڻ تي ٽهڪ نڪري، حقيقت ۾ اُهو ئي ناول، ناول آھي. رات جي سانت ۾ جڏهن صرف چنڊ ئي آڪاس تي اڪيلو جاڳي رهيو آھي، اُن محل منهنجي اڳيان هڪ ڪهاڻيڪار جا ٻه ناوليٽ کُليا پيا آھن. جن ناوليٽن جا ڪردار منهنجي اکين ۾ تري ناول جو عڪس ڏيکاري رهيا آھن ۽ مان حيرت سان انهن ناوليٽن جي ليکڪ تي سوچي رهيو آھيان. ناول لکڻ ڪيڏو نه ڏکيو آھي، پر هي ناولَ، ناول نگار ڪيئن لکيا آھن؟ ناول، ناول، ناول، سي به ھهڙا ناول منهنجي ذهن ۾ بار بار هيءَ سوچ تري ٿي آئي. ٻه ناوليٽ ”محبت جي زنجير“ ۽ ”جيون رنگ هزار“. ٻن ناوليٽن جا نالا ٻڌايا آھن ته هاڻي ناول نگار جو نانءُ به ضرور ٻڌائڻ گهرجي، هنن ٻه ناوليٽن جو ليکڪ آھي دريا خان شنباڻي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي رنگن سان هڪ وڏو نانءُ ڪمائيندڙ دريا خان شنباڻي هڪ نهايت جاندار ۽ باصلاحيت ڪھاڻيڪار سان گڏ ناول نگار پڻ آھي. ڪهاڻي جي هلندڙ دور جو هو هڪ برجستو ڪهاڻيڪار آھي ۽ سندس ڪهاڻيون ڪنهن به تعريف جون محتاج ناهن. مون جڏهن دريا خان جا هي ناوليٽ پڙهيا ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته دريا خان ڄڻ ته آھي ئي ناول نگار، ڇاڪاڻ جو هُن جي ناوليٽن کي پڙهندي مون ڪاٿي به ٿڪ نه پٽيو، پر مسلسل پڙهندو رهيس ۽ سندس ناول نگاريءَ جي جوهرن مان لطف اندوز ٿيندو رهيس.
پهريون ناول ڳوٺائي ناول آھي، جنهن ۾ هڪ زميندار گهراڻي جي درد ڪٿا آھي. شروعات ته نهايت شاندار نموني آھي، پر آخر ۾ جيڪا درد جي ڪٿا شروع ٿئي ٿي. اُها بيحد ئي ڇرڪائيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ٻن زميندار ڀائرن جي پونيئرن جي ڏکن جي ڪهاڻي، جيڪا ناول ۾ سمايل آھي اُن کي پڙھي دريا خان جي ناول جي سٺي لکڻي جي خبر پوي ٿي. خان آباد جا ٻه وڏا زميندار شرافت علي خان ۽ ساعت علي خان جنھن ۾ شرافت علي خان وڏو ۽ ساعت علي خان ننڍو آھي، شرافت علي خان کي ٽي پٽ هڪ نياڻي آهي ۽ ساعت علي خان کي صرف هڪ نياڻي آھي، مظفر شرافت علي خان جو پٽ ۽ رضيه ساعت علي خان جي اڪيلي ڌيءَ، جن جو ننڍي لاءِ کان ئي رشتو ٿيل هوندو آهي. شرافت علي خان جي وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ مظفر کي وڏيون تڪليفون ڏسڻيون پونديون آھن، پر سڀ کان وڌيڪ تڪليف سندس مڱ رضيه جو ٻئي سان پيار ڪرڻ جو هوندو آھي. مظفر سان پيار ھوندي به پنھنجي ھاري جي پٽ ارشد سان پيار ڪري ويھندي آھي. بهرحال هي ناول هلندي هلندي مظفر ارشد اسلم سميت آخر رضيه کي به موت جي منهن ۾ وجهي ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ ناول ٻن لڙڪن سان پڄاڻيءَ تي پهچي ويندو آھي.
ٻيو ناول ”جيون رنگ هزار“ به اهڙو ئي دکدائڪ ناول آهي، پر هي ناول ڏک هوندي به آخر ۾ چهري تي هڪ مرڪ ضرور آڻي ڇڏي ٿو. هي ناول آصف ۽ سلميٰ جي درد جو داستان آھي. آصف پنهنجي پيءُ ماءُ جو اڪيلو پٽ هوندو آهي. سندس پيءُ علي محمد ۽ منصور پاڻ ۾ ڀائر هوندا آھن. علي محمد غريب ۽ منصور هڪ نوڪري وارو ماڻهو هوندو آھي، منصور جي ڌيءَ سلميٰ ۽ علي محمد جي پٽ آصف جي ننڍي هوندي کان ئي مڱڻي ٿيل هوندي آھي. نيٺ آصف جو پيءُ گذاري ويندو آھي ۽ آصف، منصور يعني پنهنجي چاچي وٽ پلجندو آھي. آصف شاعر ٿي ويندو آهي. سلميٰ آصف سان پيار ڪندي به پنهنجي يونيورسٽي جي شاگرد فهيم سان پيار ڪري ويهندي آهي. آصف لاءِ ڏکن جا ڏينهن شروع ٿيڻ لڳندا آھن ۽ اوچتو فهيم به سلميٰ سان بي وفائي ڪندو آهي. آصف ڏکن کي ڏسندي ڏسندي نيٺ سلميٰ جو پيار ماڻي ويهندو آهي ۽ سلميٰ به پنهنجي پراڻي پيارَ آصف کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ٿي ڪري. ائين ناول پڄاڻي تي پهچي ٿو.
دريا خان جا هي ٻه ناوليٽ ڪنهن به وڌاءُ جي ور ناهن چڙهيا. نه ئي ناول نگار ڪا گهڻي ڊيگھ ۽ وڌاءُ ڪيو آھي، پر درد جي داستان کي درد جو داستان ڪري ئي لکيو آھي، جيڪو پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿو.
دريا خان جي ناول نگاري جو فن ڪهاڻيءَ وانگر برجستو آھي. اميد ته دريا خان پنهنجي خوبصورت ڪهاڻين، سٺن ناوليٽن ۽ ناولن سان گڏ سنڌي ادب جي دنيا ۾ موجود رهندو.