تازو ئي مشهور پاڪستاني اداڪار ۽ پروڊيوسر فھد مصطفيٰ جي هڪ سچي، پر ڪساري بيان مون کي ھي سٽون لکڻ تي اتساھيو آهي. نامياري فنڪار فهد مصطفيٰ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍپڻ ۾ سنڌي ڊرامن سان ڪئي هئي، جتي هو پنهنجي والد، تجربيڪار اداڪار صلاح الدين تنيو سان گڏ ڪم ڪندو هو. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ هڪ مداح جي سوال تي ته ڇا هو مستقبل ۾ ڪو سنڌي ڊرامو به پروڊيوس ڪندو، فهد مصطفيٰ وڏي واڪ سنڌي ڊراما انڊسٽري تي تنقيد ڪئي ته اها “ڌاڙيل ڪلچر” تي وڌيڪ ڀاڙي ٿي. يعني سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي واقع ڪچي جي ڌاڙيلن، بندوقن جي ويڙهن، جاگيرداري پلاندن جي چڪرن ۽ لاقانونيت جي رومانوي تصويرڪشي تي. سندس چوڻ هو ته اهو محدود فوڪس سنڌي سڃاڻپ جي حقيقي دولت يعني آفاقي ادب ۽ شاعري، لوڪ روايتن، انسانيت پسندي ۽ روزمره جي حوصلامنديءَ کي پيش نٿو ڪري سگهي. سندس لفظن مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن سنڌي چينلز انھيءَ تنگ دائري مان نڪري معياري ۽ متنوع ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ته هو به سنڌي ڊرامو پروڊيوس ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿو. ساڳئي قسم جي راءِ نامور فنڪاره سڪينھ سمون پڻ ڏني هئي. هن چيو هو ته هوءَ گهڻو ڪري ٻاهرين ملڪن يا معياري پروڊڪشنز ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌي چينل اعليٰ معيار اختيار ڪري ته هوءَ سنڌي ڊرامن تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيتوڻيڪ ڌاڙيلن جون ڪهاڻيون ڦل ماڇيءَ کان وٺي پرو چانڊيو تائين سنڌ جي ڪن علائقن جي حقيقي تاريخي ۽ سماجي حقيقتن مان ڦُٽن ٿيون، پر انهن جي ھڪ ھٽي هڪ گهڻ رخي ثقافت کي هڪ ئي اڪثر سنسني خيز اسٽيريو ٽائپ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.