بلاگنئون

ڪاٺ جو هڪ ڍانچو دريافت ٿيو آهي، جيڪو هوموسيپينس کان لڳ ڀڳ ٽي لک سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو

قديم آثارن جي ماهر اتر زيمبيا جي ڪلامبو فالس واري علائقي مان جيڪو تنزانيا جي سرحد جي ويجهو آهي ڪاٺ جا ٻه وڏا بنڊ/پڃر/شھتير دريافت ڪيا آهن جيڪي تاريخ کان به تمام گهڻو اڳ واري دور ۾ اتان جا رھاڪو استعمال ڪندا ھئا. ھي بنڊ/پڃر/شھتير ڪنهن ٺھيل ڍانچي جو حصو هئا. ھنن بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي دريافت ڪلامبو فالس جي علائقي ۽ سندس ڀر پاسي ۾ رھندڙ Homonins (ابتدائي/قديم ماڻھن) ڪيئن پنهنجي تعميراتي فن جي ذريعي پنهنجي رھائشي ماحول کي ڪاٺ جي بناوٽ سان ٻيھر تبديل ڪري زندگي بھتر انداز ۾ گذارڻ کي ظاهر ڪري رهي آهي.

هڪ تازي اڀياس محفوظ ٿيل ڪاٺ جي تاريخ تقريبن 476,000 سال اڳ جي ٻڌائي آهي جيڪا،Homo Sapiens  (اڄ جي نسل وارو انسان) جي ظاهر ٿيڻ کان سوين هزارين سال اڳ جي آباديءَ جي آهي.

اھو وقت ڏيکاري ٿو ته اھي ماڻهو ڪاٺ مان اوزار/سامان ٺاهڻ جي بدران کوڙڻ وارا بنڊ/پڃر/شھتير ٺاھيندا ھئا يا وري ڪاٺيءَ کي باهه جي لاءِ استعمال ڪندا ھئا.

ڪلامبو فالس ۾ بنڊ/پڃر/شھتير جي بناوٽ:

يونيورسٽي آف لورپول ۾ تحقيق ڪندڙن جي اڳواڻ قديم آثارن جي ماھر ليري برهام پنهنجي دريافت جي باري ۾ ٻڌايو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيئن تاريخ کان به تمام گهڻو اڳ واري دور ۾ آفريڪا ۾ ابتدائي ٽيڪنالاجيون استعمال ٿي رھيون ھيون جن انهن جي پنهنجي ۽ ٻين قديم گروھن جي روزاني زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو ھو.

ڪلامبو فالس ۾ موجود آبشار 770 فوٽ مٿان کان ھيٺ ڪري ٿو ۽ ھي ھڪ خوبصورت ۽ گهمڻ جھڙو علائقو آهي، پر يونيسڪو ھن کي ورلڊ ھيريٽيج جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ٓآهي.

ٽڪرين جي هيٺان، ڪلامبو نديءَ جي ڪنارن تي واريءَ ۽ مٽيءَ جا گهرا ته پيل آهن جيڪي سڄو سال سم سان ڀريل ھوندا آهن. هن ماڳ ۾ لڳاتار گھم ھجڻ جي ڪري ڪاٺ جو زوال سست ٿي ويو آهي، تنهنڪري ڪاٺ ۽ ٻوٽا ٽٽڻ جي بدران بچي ويا آهن، جيئن اڪثر ڪري قديم ماڳن ۾ ٿيندا آهن.

ھيءَ دريافت ڊيپ روٽس آف هيومنٽي ريسرچ پراجيڪٽ جي ماتحت ٿي آهي جيڪا کوجنا ڪري ٿي ته ڪيئن ڏکڻ مرڪزي آفريڪا ۾ ٽيڪنالاجي تخليق ٿي ۽ ايڏي وڏي تبديلي آئي.

ھن پراجيڪٽ جي تحت ڪم ڪندڙ ٽيم جو فوڪس 500,000 ۽ 300,000 سال اڳ جي وچ واري دور تي ھو، جڏهن اوزار/سامان ٺاهڻ ۽ انهن کي ملائڻ/ گڏ ڪرڻ جا نوان طريقا تخليق ڪيا ويا ھئا.

هڪ قديم پليٽ فارم کي ٻيھر ٺاهڻ، دريافت ڪرڻ واري مرڪز ۾ هڪ بنڊ/پڃر/شھتير ٻئي جي مٿان ڪراس واري نشان ۾ رکيل مليا آهن، پر جتي اهي ملن ٿا اتي ڳنڍ ڏنل آهي.

تحقيق ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻ ليري برهام ٻڌايو ته ھنن بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي ھيءَ شڪل شايدHominin  (ابتدائي انسان) يا انهن جي ويجهي ارتقائي نسل ڏني ھوندي جنهن ۾ ھنن تکا/تيز ڌار وارن پٿرن جا اوزار استعمال ڪيا ھوندا. ڪاٺ جو خوردبيني اڀياس بنڊن/پڃرن/شھتيرن ۾ سڌي ڪٽڻ جي نشانن، ڇڪڻ جي نشانن ۽ گھڙيل/لسن پاسن کي ظاهر ڪري ٿو ته جن کي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي ته فقط پاڻي انهيءَ ڪاٺ ۾ نشان ٺاهيا يا ان کي نقصان ڏنو آهي.

جنهن طريقي سان بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي ڪنارن کي ڇلي سطحون برابر ڪيون ويون ھيون، تنهن مان انهن جي عمدي ڊکاڻڪو/تعميراتي فن ظاهر ٿئي ٿو نه ڪي درياءَ جي ڀرسان ھجڻ ڪري انهن جي ڪاٺ کي پاٻيءَ جي ڪري سنڌا پئجي ويا ھئا.

قديم آثارن جي ماهرن پڻ بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي ڀرسان ھڪ چھنب واري ڇيڻي، ھڪ کوٽڻ واري ڪاٺي ۽ ٻيا ڪاٺ جا تبديل ٿيل ٽڪرا ڳولهي لڌا آهن جيڪي ھڪ ننڍڙي سامان واري پيتيءَ ۾ رکيل پيا ھئا.

هي اوزار وڻن ۽ بنڊن کي ڪٽڻ ۽ ٽوڙڻ کانسواءِ زمين ۽ ٻيلي مان حاصل ڪندڙ ڪاٺ کي جڳهين ٺاهڻ ۾ استعمال ڪندا ھئا.

جنهن طريقي سان بنڊن/پڃرن/شھتيرن کي گڏ ڪري ڳنڍيو ويو هو، تنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته درياءَ جي ڪناري جي ڀرسان ھي ڪاٺ جا کوڙ بي ترتيب نه رکيل ھئا، پر هڪ پليٽ فارم يا ڪم ڪندڙ مٿاڇري جي ٺاھڻ جي لاءِ جمع ڪيا ويا ھئا.

ڪالمبو فالس لاءِ بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي Dating ۽ ڍانچن جي عمر تي ڪم ڪرڻ ڪو ايترو سادو نه هو، ڇاڪاڻ ته عام ٽيڪنڪس جهڙوڪ:Radiocarbon dating  وڌ ۾ وڌ 60 ھزار سال اڳ واري وقت تائين ٻڌائيندي آهي.

تحقيق ڪندڙنLuminescence dating  ڏي اچڻ جي بدران هڪ ٽيڪنڪ استعمال ڪئي جيڪا ماپ ڪري ٿي ته ڪيترو وقت معدنيات واريءَ ۾ ڊارڪ/ڪاري رهي.

تحقيق ڪندڙن ڪلامبو فالس جي ڀر پاسي واري پٿريلي زمين ۽ چيڪي مٽيءَ مانQuartz  (سخت سليڪان) ۽Feldspar Aluminosilicates of potassium, sodium, and calcium جا بي رنگ ڪرسٽل، جا داڻا حاصل ڪري ورتا ته جيئن ڪابه نئين روشني انهن جي اندرونيClocks  (گھڙيال) کي ٻيھر سيٽ نه ڪري سگهي.

ليبارٽريءَ ۾، سائنسداننQuartz  ۽Feldspar  جي داڻن کي متحرڪ ڪري انهن مان نڪرندڙ مرجھايل روشنيءَ کي ماپي اندازو لڳايو ته انهن کي ڪيترو وقت اڳ دفن ڪيو ويو هو.

ايبريسٽ وائيٿ يونيورسٽيءَ ۾ دريافت ٿيل قديم آثارن مان ملندڙ شين جي عمر ماپڻ جي ماھر جيوف ڊلر ٻڌايو ته هن وڏي دور جي دريافت جي حقيقي تاريخ ٻڌائڻ ھڪ وڏي چيلينج وارو ڪم آهي. ھن جي ٽيم انهن طريقن کي ڪاٺ جي مٿين ۽ هيٺين حصن تي ھي طريقا لاڳو ڪيا ته تاريخون اڪيلي عدد جي بدران هڪ نمونو ٺاهي ڏنو. نتيجاThree time bands  ۾ ورھائجي ويا بنڊن/پڃرن/شھتيرن جي قديمBand  کيInterlocking logs  (پاڻ ۾ جوڙڻ) سان ۽ ٻين ڪاٺ جي اوزارن کي ھلڪن ننڍن تھن ۾ ۾ شامل ڪيو ويو.

***