بلاگنئون

شيخ اياز صدين جون صدائون!

سڄي عالم جو ادب ۽ ان لاءِ ڪيون ويندڙ خدمتون، پوري انسان ذات جي وٿ ۽ ميڙي چونڊي آهي. ڏات ڌڻي محافظ هوندا آهن، پنهنجي ڌرتيءَ جا پنهنجي سرحدن جا، پنهنجي ٻولي جا رکوالا هوندا آهن. انهن عظيم ۽ يگانن انسانن مان اياز به ھڪ آفاقي شاعر آهي، سنڌو ماءُ جي ڪک مان جنم وٺندڙ شيخ مبارڪ (شيخ اياز) ايشيا جي پئرس شڪارپور ۾ جنم ورتو. لکي در ۽ هاٿي در جي اھا شڪارپور جنھن جا وڻجارا لطيف سرڪار جي لفظن ۾ لنڪا لوپي آيا شڪارپور جي انھن وڻجارن تي لطيف سرڪار ھڪ سڄو سر، سر سامونڊي تحرير ڪيو آھي.

چمڪيو چوڌار، ڌڄون

ڌاڙيچن جون

کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،

سودو ڪن نه سون جو، وڏا وھائو،

موتي جي مھراڻ جا، تن جا طاماعو،

سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا.

انھيءَ شڪارپور ۾ لطيف کان ٻه ٽي صديون پوءِ جنھن ٻار جنم ورتو، تاريخ ان کي شيخ اياز جو نالو ڏنو. لطيف سنڌي شاعري جو سرتاج آھي، اياز ان تاج جو ڪوھ نور آھي. اياز ھڪ دور جو اھو سورج آھي، جنھن جا ڪرڻا سنڌ ديس جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا آزادي انقلاب ۽ رومانس جا نوان ديپ جلايا.

جنهن چيو،

ھيء سين نه ڏيندي چين

اٿ ڏس ڪوئي آيو آ پيارا

هي شايد ساڳيو رمتو آ

– – –

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،

ستي ساھ جاڳي، وڃي دور دور،

ستارا لتاڙي اسان جو شعور.

لڳ ڀڳ ستٽيھ ڪتابن تي مشتمل اياز جي شاعري ۽ نثر جا ڪتاب پنهنجي وقت ۽ دور جا شاھڪار آهن. اياز جي شاعري ۽ فن تي رسول بخش پليجي انڌا اونڌا ويڄ جهڙو لازوال ڪتاب تحرير ڪيو. ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، سندس فن ۽ فڪر تي قلم کنيو. اياز جي قلم مان سرجيل ۽ رچيل رچنائون سنڌي ادب جي سينڌ جو سندور بڻيل آهن.

اچو ته ڏسون، شيخ اياز بابت ڏات ڌڻين ۽ ساڃاھ وندن ڇا چيو آهي!

هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالھ آھي، جڏهن مون کي ڪافرن ۽ شاعرن لاءِ سخت نفرت ھوندي ھئي. ڪافرن لاءِ نفرت ڏيپلائيءَ جي اسلامي ڪتابن سيکاري ۽ شاعرن لاءِ اسڪولن جي ڪتابن.

سال گذري ويا. 1950 ع جي هڪڙي دلفريب شام هئي. ڪاليج ۾ وئڪيشن هئي، اسين سڀ پنهنجي ڳوٺ، گهر جي ڪشادي ۽ وائکي اڱڻ ۾ ويٺا هئاسين. آسمان ۾ ستارا پئي ٽمڪيا، ٿڌڙي هير پئي لڳي، اهڙي هير جا شايد فقط اسان جي ڳوٺ جنگشاهي ۾ لڳندي آهي. مون پنهنجي سئوٽ محمد خان کي چيو ته ڪجھ ٻڌائي. هن نهايت ئي پرسوز آواز ۾ ناقص جو ڪلام ٻڌايو. ياد ناهي ته ڪهڙو هو، پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالرحمان جو وارو آيو. هن نئون نئون ڳائڻ شروع ڪيو ھو. سندس آواز مون کي بيحد وڻندو هو. مون لاءِ چونڊي چونڊي نيون نيون شيون ياد ڪري ايندو هو. ان ڏينهن هن هڪ بلڪل نرالي نموني جو ڪلام ٻڌايو. مون کي ٻول ۽ ڌن اڄ به ياد آهي:

رات انڌيري واءُ ٿڌيري،

اڀ تي تارا ڇايا هاءِ پرين ياد آيا!

گيت جا ٻول سادا، مٺڙا ۽ موقعي آهر هئا. مون ان وقت تائين ڪوبه اهڙو پيارو ۽ اثرائتو گيت نه ٻڌو هو. ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. “شاعر ڪير آهي؟” مون عبدالرحمان کان پڇيو.

“ڪو نئون شاعر آهي، شيخ مبارڪ اياز نالو اٿس.”

پوءِ مون هن شاعر جا ڪيترا گيت پڙهيا:

“ڳاءِ انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ”، “آءُ سرنهن گل ڪيا، آءُ پرين آءُ”، “آھ پريان ته نه گھاٽ، هوريان هوريان ونجھ هلاء.”

هر دفعي مون کي ائين محسوس ٿيندو هو، جيئن ڪنھن ويران رڻ پٽ مان هلندي هلندي ماڻهو اوچتو ڪنهن اکين ۽ دل کي ٺاريندڙ سرسبز سدا بهار باغ ۾ اچي نڪري!

هي اهو دور هو جڏهن اياز جي شاعريءَ ۾ قدرتي چشمن مڌر موسيقي ۽ نرم رفتاري هوندي هئي. پوءِ ان ۾ جابلو نين جو اجهل ڇوھ، اڇل ۽ مستي آئي ۽ “آءُ پل هان، آءُ پل هان، مان ئي مئي هان، مان ئي مستي، مان ئي جام” ۽ “سرمست هان! سرمست هان!” جھڙا آتشين نظم وجود ۾ آيا. اڄ اياز جي شاعري بي انت سمنڊ آهي، جنهن ۾ لفظن ۽ معنائن جا بي انداز ماڻڪ موتي، هڪٻئي مٿان، هڪٻئي سان گڏ خواھ هڪ ٻئي جي مخالف وهندڙ ڪئين احساسن جا وهڪرا، جذبن جون لهندڙ، چڙهندڙ لهرون ۽ مختلف شعوري سطحن تي ڌار ڌار رنگن روپن ۽ ڪيفيتن وارا سوين رنگ برنگي ۽ حيرت انگيز ٻيٽ آهن.

اياز ذاتي طرح ابتڙ ڳالهين جو مجموعو آهي. ڪامياب وڪالت ۽ عظيم شاعري، ٻه ويراڻيون، ٻه پهاڄون وٽس هڪ هڪ گهر ۾ گڏ رهن ٿيون ۽ وڏي ٺٺ سان رهن ٿيون. ھي سڄي سنسار سان نه سرچندڙ هٺيلو، سرڪش ۽ آتش بيان شاعر ذاتي طرح ماٺيڻو، نهٺو بلڪه لڄارو آهي. سندس اپٽوڊيٽ انگريزي لباس ۾ ملبوس نهايت دلڪش ۽ باوقار شخصيت ڏسي ڪوبه اندازو لڳائي نه سگهندو ته هي ڪو شاعر آهي.

هو مغربي توڙي مشرقي ثقافتن ۽ ادبن جو زبردست ڄاڻو ۽ وڏو مداح آهي، پر سندس لافاني فن جو ازلي پيچ سنڌڙيءَ جي تهذيب تمدن ۽ ماڻهن سان پاتل آهي. هو سورنهن آنا شهري آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ هڪ عام سنڌي جهوپڙين ۾ رهندڙ جهانگيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي. اياز ادب جو صحيح معنيٰ ۾ هر فن مولا آهي. هو ساڳئي وقت شاعر، افسانه نويس، مضمون نگار انشاءَ پرداز ۽ نقاد آهي. شعر جي ڪابه مغربي توڙي مشرقي، قديم توڙي جديد صنف ناهي، جنهن ۾ هن کي ڪمال حاصل نه هجي. ان کانسواءِ هو فلسفي، تاريخ، نفسيات، علم سياست ۽ ٻين ڪيترن علمن تي ڪافي دسترس رکي ٿو. سندس دماغ هڪ عالم ۽ مفڪر جو ۽ دل هڪ عاشق ۽ شاعر جي آهي. ھو اردو جو به مڃيل شاعر آهي. سندس شاھ جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي کي اردو ادب جي دنيا ۾ شاندار ڪارنامو تسليم ڪيو ويو آهي.

اياز هڪ جيئرو جاڳندو ادبي ڪرشمو آهي. هن عجيب ۽ غريب سمجھ ۾ نه ايندڙ ڌرتيءَ جو، جا پنهنجي، خاموش، ماٺيڻي ۽ لتاڙيل مٿاڇري مٿان الائي ڪيترا ٻرندڙ جبل لڪايو ويٺي آهي! صدين جون صديون گونگ ٻوڙ ڪري صبر سان سهڻ کانپوءِ اوچتو ئي اوچتو وٺيو ڦاٽ کائي ۽ ڪڏهن ڪو دودو، ڪو درياھ خان، ڪو هوشو ته ڪڏهن ڪو شاھ، ڪو سچل، ڪو اياز نڪريو نروار ٿئي!

“هيءَ ڌرتي آهي عجب ڌرتي!”

اياز هن ڌرتيءَ جي سيني ۾ لڪل ڪن اهڙين نامعلوم قديم ذهني ۽ جذباتي، فني ۽ فڪري قوتن جي پيدائش آهي. جي فقط صدين کانپوءِ تحرڪ ۾ اينديون آهن. سندس شعرن ۾ اسان کي دودي، درياھ خان، شاھ بلاول ۽ هوشو جي اڻ موٽ ۽ ارڏن، آزادي پسند جذبن جي گونج ۽ نادر شاھ ۽ مدد خان جي وحشي، فاتحانه للڪارن جو جواب ملي ٿو. (رسول بخش پليجو.)

اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي، هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو. “ڀونر ڀري آڪاس” جي ڪجهھ اوائلي نظمن ۽ غزلن کانسواءِ، هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽ ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي ۽ شعري خيالن ۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، ان مان هن جي شعر ۾ بنھه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت پيدا ٿئي ٿي. ايتري قدر جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري مواد ڏانهن پهرئين ڀيري ڌيان ئي نٿو وڃي. حقيقت ۾ هر فن جو ڪمال پڻ ان جي اها معصوميت، جا ساڳي وقت بي انتها پيچيده جذبات ۽ گهري فڪري ولوڙ جو اظهار ٿئي ٿي ۽ اها پنهنجائپ، جنهن کي پڙهڻ سان ائين سمجهبو ۽ ائين دل ٿيندي ته اهڙو شعر آءُ به ٺاهي سگهندس ۽ اجهو ٺاهي ٿو وٺان! (ابراهيم جويو.)

ھيءَ حقيقت آھي ته جھڙي طريقي سان مولانا آزاد جي نثر جي خصوصيت اھا آھي ھن ۾ ھر ڄڳھه تي ايگو آھي. اھڙي طريقي سان اياز به ايگو جي بلنديءَ تي پھتل ھو. ھن جي ڪا سٽ لڪل يا ظاھري ايگو کان خالي نه آھي، ان جي باوجود ھو پاڻ کان ننڍي ليکڪن ۽ شاعرن جو بي پناھه قدر ۽ عزت افزائي ڪندو ھو. مون کي ياد آھي ته مارشل لا دور ۾ ھڪ دفعو مون کي سکر بار طرفان بار کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي. اھا خبر جڏھن شيخ اياز کي پھتي ته ھن مون ڏانھن نياپو موڪليو ته: “آءُ شڪارپور وڃي رھيو آھيان، اتي منھنجا ڪيس رکيل آھن. آءُ ڪوشش ڪري، ڪيسن جون سنوايون وٺي جلد موٽي ايندس، تون مهرباني ڪري منھنجي موٽڻ کان اڳ ۾ تقرير نه ڪجان.” ۽ جڏھن ھو موٽي آيو ته ان کانپوءِ مون تقرير ڪئي.

مون تقرير ۾ چيو ته “ممڪن آھي ته اسان جي سياسي فيصلن ۾ غلطي ٿي ھجي، عملي طرح ڪٿي اسان  دوکو کاڌو ھجي، پر اي اياز جي لازوال شاعري! اي معصوم شاھه جا منارا! اي کرڙي جي شھيدن جا مقدس رت! اي ھيمون ڪالاڻي جي ڦاسيءَ جا ڦندا! اوھين سڀ شاھد رھجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنواري جي ٿڻن جو تقدس ھميشه رھيو آھي.” اتي ئي مون چيو ھو ته:

“ھتي اڄ ويھين صديءَ جو دنيا جو وڏو شاعر ويٺو آھي، جنھن جي سربراھيءَ ۾ موجوده وقت جي چئن وڏن شاعرن: محمود درويش، ابراهيم آفيقي ۽ سردار جعفري تي مشتمل ڪورٽ قائم ڪئي وڃي، جيڪا فيصلو ڪري ته سنڌ بيٺڪيت آھي يا نه؟” ۽ مون ڏٺو ته سنڌ جو ھماليه کان بلند قد رکندڙ شاعر، مسلسل عقاب وانگر منھنجي منھن ۾ گھوري رھيو جو ۽ پوءِ ھن مون کي چيو ته: “تو تقرير صرف مون کي سامھون ڏسي ڪئي آھي، جڏھن ته بار ۾ ويٺل جاھل سڀ اياز ڪونه ھئا.” ھن کي جيتوڻيڪ ڪڏھن ڪڏهن اھو احساس ٿيندو ھو ته جنھن ٻوليءَ کي آءُ پنھنجي شاعري ذريعي ڪھڪشان ۽ انڊلٺ جا روپ پيو بخشيان ۽ جنھن شاعري جي ذريعي آءُ سنڌي تھذيب ۽ سنڌ جي جاگرافي جي چوڌاري ‘ديوار چين’ تعمير پيو ڪريان، تنھن کي سنڌي ماڻهو اڃان نه پيو سمجھي. اھا شڪايت ھر جينيئس ماڻهو کي پنھنجي دور ۾ رھندي آھي ۽ خصوصن اھو جينيئس جنھن ۾ فنڪارانه احساس، سڀني احساسن تي غالب ھجي. (آريسر)

“شيخ اياز شعر ۽ ادب ۾ اوچي شخصيت جو نالو آهي.” (حسام الدين راشدي.)

“شاھه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي کانپوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر اياز آهي.” (جي ايم مهڪري.)

“شاھه جو نمبر هڪ آهي، ٻن کان ڏهن نمبرن ۾ ڪوبه نه آهي، يارهين ۽ ٻارهين نمبر ۾ نارائڻ شيام يا شيخ اياز آهي، مان سمجهان ٿو ته يارهون نمبر شايد شيخ اياز جو آهي.” (موهن ڪلپنا.)

“شيخ اياز لطيف جو ثاني آهي.” (رشيد ڀٽي.)

“شروعاتي شاعر اياز ۾ جذبات جو سيلاب جان تان تک سان وهي ٿو. هاڻوڪو شاعر اياز پڪل ميوي جي ڳڀ ۽ رس آهي… ائين پيو لڳي، ٽئگور سنڌيءَ ۾ پيو ڪوتا چوي… هڪ سناتني رشي يا مست صوفي جئين آکي تيئن ئي اياز چوي ٿو.” (پوپٽي هير ننداڻي.)

“اياز جي ڪوتا ڌرتيءَ جو دين آهي. اياز جي مهانتا اها آهي ته هو مهان ڌرتيءَ جو قوي آهي.” (سحر امداد.)

هيءَ حقيقت آهي ته جتي اياز سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين تازگي پيدا ڪئي، اتي سندس نثر به ڪمال جو اثر ڇڏيو. (عبدالقادر جوڻيجو.)

ان حقيقت کان مان ته ڇا ڪوبه ايماندار ۽ سڄاڻ ماڻهو انڪاري ڪري نه سگهندو ته اياز هن ڌرتيءَ تي فن ۽ ويچار شڪتي جو اهو آڪاش آهي جنھن جي فني وسعت ۽ فڪري وشالتا کي هي دور اڃان پوريءَ طرح پروڙي نه سگهيو آهي، پر پوءِ به اياز جيئري امرتا ماڻي چڪو آهي. هو هن دور جو ايڏو وڏو فنڪار ۽ ويچارڪ آهي، جو هن جي عظمت ۽ انفراديت کان انڪار خود فريبي ۽ اياڻپ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ به نه ٿيندو. ممبئي ۾ جڏھن سنڌي شاعر نند جويري (جنهن جي ڪتاب “چو واٽي تي” جو مهاڳ اياز لکيو آهي) اسان جي سامهون اياز کي عظيم شاعر مڃڻ کان لنوايو ٿي، تڏهن مون ساڻس زبردست بحث ڪيو هو ۽ منهنجو اهو بحث ٻڌي سنڌي ڪهاڻيڪار شيام جئسنگهاڻي (جنهن کي شيخ اياز نوبل انعام يافته ڪهاڻيڪار هينرڪ بول سان تشبيهھ ڏيندو آهي) اچرج مان مون کي ڏسي چيو هو: “توهان سنڌ جا ليکڪ اياز سان ايترو پيار ڪيو ٿا جو مٿس ڪک به سهي نٿا سگهو؟” تنهن تي مون شيام کي چيو: “اسان اياز سان انڌو پيار نٿا ڪريون ۽ نه ئي سندس تقليد ڪريون ٿا. اسان کي شيخ مبارڪ وڪيل سان نه، پر هن دور جي هڪ وڏي شاعر جي لطيف فن ۽ ڪلاتمڪ سونهن سان پيار آهي.” اهو فن جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ڳاڙهي مٽيءَ جي هٻڪار ۽ ٿري ڪولهياڻي کي پهريل چنري جا رنگ آهن، جنهن ۾ ٽڪ جي رلي جهڙي سونهن ۽ ٿر جي تتل واريءَ تي اڃايل مورن جي ڪيفيتن جا گيت چيل آهن. گيت جن ۾ سنڌ جي صدين جي اتهاس جو ڪرب اوتيل آهي. وايون ۽ بيت جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن جو سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي. اهو اياز جنھن جو نظم مور جيان نچندو آهي ته سندس نثر تترن ۽ آڙين جيان اڏامندو آهي. جڏهن ڪوبه فنڪار فطرت جي سڄي سونهن پنهنجي اندر اوتي ٿو ۽ ان کي عظيم فنڪارانه سگھه ۽ غير معمولي احساساتي گهرائي سان پنهنجي تاريخ ۽ دور جي ڏکن، سکن، خوشين، پيڙائن، مرڪن ۽ آدرشن سان سلهاڙي ٿو. تڏهن اهو عظيم فنڪار ٿي پوي ٿو. تڏهن ڪو اياز سرجي پوي ٿو. (جامي چانڊيو.)

جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته شيخ اياز سان ملي، سندس نثر توڙي نظم پڙهي، منهنجي ذهن ۾ ڪهڙو تاثر اڀري ٿو ته آءُ جيڪر پنهنجي مڪمل راءِ کي فقط ھڪ لفظ ذريعي بيان ڪرڻ جي سگھه ساريان ۽ اهو لفظ هجي “پيار” ائين ئي، جيئن اوڊيسس جا حملا، هيلن جا داستان، ٽراءِ جو گهيرو ۽ اسپارٽا جي وار پڙهي، هومر لاءِ زبان تي ھڪ ئي لفظ چڙهي ٿو “جنگ” ۽ ائين جيئن سسئي جو رائو ريلڻ، سهڻي جو وسندي مينهن ميهر پار اولجڻ، گهاتن جو گهر گهاٽ ڇڏي ڪنن ۾ گهڙڻ ۽ کاهوڙين جو ڌوڙ ٿيل ڌڙ سان، پرانهين پنڌ هلڻ پڙهي، لطيف متعلق ذهن جي اسڪرين تي ھڪ ئي لفظ چمڪڻ لڳي ٿو “جدوجهد” بلڪل ساڳيءَ ريت، سنڌ جي فڪر ۽ فن جي باغ جي هن سرهي گل شيخ اياز جي گيتن، نظمن، بيتن ۽ واين کي حال سارو پڙهي ۽ پروڙي، آءُ ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته اياز جي شاعريءَ جو ڳر سندس فڪر جو نچوڙ، صرف ۽ صرف پيار آهي. پوءِ اهو پيار ڪنهن نرالي، حسين ۽ لاجواب فرد سان به ٿي سگهي ٿو ته ڪنھن سرمست ۽ سرويچ قوم سان به، ڪارونجهر جي ڪنهن مور يا کير ٿر جي ڪنهن گڊ سان به ٿي سگھي ٿو ته دودي، ڇولي ۽ رني ڪوٽ جي ڪردارن ۽ ڀڳت سنگهھ جي ساٿين سان به. (اياز لطيف پليجو.)

ساڄي هٿ ۾ قلم جهلي شاعري ڪندڙ لاءِ نثر کاٻي هٿ جو کيل آهي. هڪ شاعر لاءِ نثر ائين آهي جيئن ٻار، جنهن کي سامهون ويهاري ڳالهائڻ سيکاري ٿو، لفظ سيکاري ٿو ۽ جملن ۾ لفظن جو استعمال ٻڌائي ٿو. شاعر جون ٽجوڙيون لفظن سان سٿيل هونديون آهن، شيخ اياز املتاس جو وڻ، سنجها ويل سوجهري ۽ اوندھه جي وچ تان وقت کي چيريندڙ ڪوئل جي ڪوڪ، رڻ ۾ پوريل نهٺا نيڻ جن جي ڳوڙهن جي لوڻاٺ کوهن کي کارو ڪري ٿي. اياز اسان جي وقت جو معجزو هو ۽ اهو معجزو اکين سان ڏسڻ کانپوءِ يقين ٿئي ٿو ته مايوسين جي هيڊي وڻ تي اميدن جا ڳاڙها گل ڦٽن ٿا. ھن جو نثر شاعريءَ جي وڻ مان ڇڻيل پاروٿا ڪيسو ڦل آهن. چون ٿا ته صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي ۽ مان چوان ٿو پاروٿو پڻ، ڇو جو پاروٿي ڦل جي رس شراب ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ ڪيسو ڦل واس ئي تڏهن ڏيندا آهن جڏهن پاروٿا ٿين. اياز جو نثر پڙهجي ٿو ته خبر پوي ٿي اهو ڪنهن شاعر جو آهي. لفظ شاعر جون رڍون هوندا آهن ۽ ڌڻ کي لڪڻ سان نه، پر قلم جي اشاري سان قابو ڪندو آهي. ڌڻ جو مالڪ ڌڻي آهي، جيئن وڻيس تيئن ڪري، ڪهل اچيس ته ڪهين، وڻيس ته وڍي. شاعر اڳيان لفظ بيوس ۽ لاچار آهن. وڻيس ته تجريدي بنائي بگاڙي وجھي. وڻيس ته حقيقت کي شوڪارو هڻي خواب بنائي وجهي. سرئلزم جي اڏندڙ کٽولي تي ويهاري ان جا چار پاوا ڪڍي وجهي، انڌو بڻائي ڪنهن جادو نگريءَ ۾ طلسم اندر ڀٽڪائي وجهي. اياز جو نثر ٽاڪ منجهند جو گهاٽي بڙ جهڙي شاعريءَ مان ڇڻندڙ اس جي تيز ترورن جيان موجودگي جو احساس ڏياري ٿو. هن جي ڇانيل شاعري هر شئي تي غالب آهي، سندس ٻيون صنفون تخليق جي قافلي جا پويان ايندڙ اٺ آهن، جن جا پاکڙا وزندار تخليقن جي بار کان ڪڏهن نٿا ٿڪجن.

شيخ اياز جي ڪهاڻين جي مجموعو “پنهل کانپوءِ جڳ مڙيو ئي سپنو” ان ساڳي دور سان تعلق رکي ٿو، جڏهن سنڌي ڪهاڻي سرجي رهي هئي، پر سنڌي ڪهاڻيءَ جي تجزئي وقت هن عظيم شاعر جي ڪهاڻين جو تذڪرو گهٽ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن جون ڪهاڻيون جدت ۽ موضوع جي لحاظ کان وڏو درجو ماڻين ٿيون. سفيد وحشي، کلڻي ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته سندس شاعريءَ جي انبار هيٺان هن جون املھه ڪهاڻيون اوجهل آهن، شيخ اياز جي ڪهاڻين کي ڳولهڻو پوندو. سنڌ جي هن عظيم شاعر جي ڪوري ڪاغذ تي پاتل ٺلهي ليڪ به وڏي اهميت رکي ٿي. (رسول ميمڻ.)

مون کي لڳندو آهي ته جيئن راجا ڀرتري ھريءَ شرنگهار شتڪ (عشق مزاجي) کان وئراڳ شتڪ (ترڪ ۽ تياڳ) تائين شاعراڻو ۽ زندگيءَ جو سفر ڪيو آهي، تيئن شيخ اياز پڻ هن جي پويان پنڌ ڪيو آهي. عمر جي پوئين پهر ۾ اياز جون لکيل ‘دعائون’ پوريءَ ريت ڀرتري ھريءَ جي وئراڳ شتڪ جو پرتو ۽ پاڇو آهن. شيخ اياز اسان جي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي سونهن ۽ سينگار هو، پر هن جو مسئلو اهو هو ته هن هڪ ئي وقت ٻيجل به ٿيڻ ٿي چاهيو ته راءِ ڏياچ پڻ ۽ گڏوگڏ ان ڳالهھ جو به خيال رکيو ته جيئن ڪنڌ به بچي تند به بچي. مان سمجهان ٿو ته اياز پنهنجي تند ته بچائي ويو، پر ڪنڌ بچائي نه سگهيو. جيتوڻيڪ پنهنجو ڪنڌ بچائڻ لاءِ هن پوئينءَ عمر ۾ دعائن جو سهارو به ورتو. (لڇمڻ ڪومل.)

اياز ڏاڍو وڏو انسان آهي، پر ان کان به وڏو ۽ اوچو شاعر آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ سندس عظمت جي ڪٿ ڪري ئي نٿا سگهون. هيءُ معجزو ايترو ته ويجھو وجود ۾ آيو آهي ۽ ان جو مشاهدو ڪرڻ وارا ايترو ته حيرت زده آهن، جو ان مهما کي سمجهڻ لاءِ کين گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ ٻي به صدي گهرجي. وقت ٻڌائيندو ته شاھه لطيف کانپوءِ عالمي ادب جي افق تي شيخ اياز جو ظاهر ٿيڻ، نظام شمسي ۾ ڪنهن نئين ۽ روشن ستاري جي دريافت کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ واقعو ڪين آهي ۽ اهو به ته اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آھيون، جن کي اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏسڻ نصيب ٿيو. (قمر شهباز.)

منھنجو اھو وشواس آھي ته اسان جي پيڙھي تاريخ جي ھڪ شاندار ۽ ولولي خيز دور مان گذري. شيخ اياز به انھيءَ دور جي پيدائش آھي. اھو ڄڻ ھڪ يگ جو بدلاءُ ھو. قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي انساني تاريخ ۾ اھي ڌماڪا ٿيا، جن تاريخ جا وھڪرا ڦيري ڇڏيا، قومن جون قسمتون ئي بدلي ڇڏيون. پراڻا عقيده، قدر ۽ مڃتائون اچي پٽ پيا. شيخ اياز جي تخليقي قوت به ھڪ حيرت ڀريو ڪارنامو آھي. ھيل تائين ڇويهھ ڪتاب ڇپائي چڪو آھي. ايڏي مقدار ۽ معيار جي شاعري جي خير ڀيٽ ڪرڻ ته اگرو ڪم آھي، دنيا جي ادب ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا اھڙا مثال ملندا. شيخ اياز ھڪ اعليٰ وطن پرست شاعر آھي، پنھنجي ڌرتيءَ جو شاعر آھي. ورھاڱي کانپوءِ سندس شاعري اڀرڪو ڏيئي آڪاس اڏاڻي. اھو ڪو اتفاق نه آھي جو سندس پھرين وڏي شاعري جي مجموعي جو نالو ئي ھو “ڀونر ڀري آڪاس” سندس اندر ٻوليو پئي ته ھاڻي سندس شاعري اڏام جي منزل تي پھچي چڪي آھي. اھو ھڪ ڪتاب ئي اياز کي زنده رکڻ لاءِ ڪافي ھو، پر نه اھا ته اڃان پھرين پرواز ھئي. (ڪيرت ٻاٻاڻي.)

“ڀؤنر ڀري آڪاس” کان وٺي “ڪونجون ڪرڪن روھه تي” تائين ھڪ سفر آھي ھڪ ڪهاڻي آھي، ھڪ درد آھي، ھڪ دنيا آھي، جنھن ۾ اسان سڀ اکين ۽ دلين جي وچ جا مسافر چئن انچن جي کيسي جون خرچيون پنھنجي خواھشن جي تڪميل تي خرچ ڪندا آيا آھيون ۽ اياز جا ڪتاب پنھنجي دل جي شيلف ۾ ڌڙڪنن سان گڏ سجائيندا آيا آھيون ۽ انھيءَ جو احساس شايد اياز کي به ايترو ئي ھجي، جو اسان سندس شاعري جي داد تي دلين جا دان ڏنا آھن. اھا سنڌ جي جواني جي سخاوت آھي، اھا سنڌ جي جوڀن جي محبت آھي، جيڪا ھن پنھنجي ھن صديءَ جي محبوب تخليقڪار جي پيرن جي ترين ھيٺان وڇائي ڇڏي. چون ٿا ته داس ڪئپيٽل ۽ ووڊڪا کان وٺي ديني دعائن تائين اياز جو ھڪ ڪردار آھي، جنھن کي سدائين تنقيد جي اڏيءَ تي سنڌ جي دانشوري ڪاسائي وانگر قيمو ڪندي آئي آھي، پر انھن نقادن کان پري ھڪ ٻي دنيا به آباد رھي آھي، ھڪ ٻيو دلين جو ديوداس نگر آباد رھيو آھي، جتي محبتون گوپين جيان بنسري وڄائينديون رھيون آھن ۽ درد آڪاس جي تارن وانگر کڙندا رھيا آھن ۽ ھڪڙي اھا به ميران ۽ تلسيءَ جي دنيا آھي جنھن ۾ اياز ڪرشن جيان پوڄيو ويو آھي ۽ انھن عشق جي مسلڪ جي مسافر جواني اياز کي اديبن ۽ دانشورن جي ڪوروئن ۽ پانڊوئن واري جنگ کان پري ڪري، پنھنجي لڙڪن سان آلن وھاڻن جي ھيٺان لڪائي رکيو آھي. (سردار شاھه.)

ڪي ڏينهن هيا، جو نينھن هيا،

۽ ڪنهن جي سونهن ورونهن هئي

نه رهي نه رهي نه رهي او لا!

گذري به ويئي، گذري به ويئي.

اي دوست بهار وري گل ڪيا، جهڙ ڇايا پيمانا ڇلڪيا

هوءَ باد خزان به رهي نه سدا، گذري به ويئي گذري به ويئي!

سک ڏيئي، ڏک ورتا هئا، ڪنهن پياري جا جڳ ساري جا

پڇ ئي نه اياز اهي ڏکڙا، گذري به ويئي گذري به ويئي!

***