ڪيفي خانا بدوش خالي ڪرائڻ جو نوٽيس جاري
سنڌ جي ثقافت کاتي ڪيفي خانا بدوش کي خالي ڪرائڻ لاءِ قانوني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪيفي خانا بدوش کي چار سال اڳ سول سوسائٽي کي ڪرائي تي ڏنو ويو هو. جڏهن ته چئن سالن کان ڪيفي جو ڪرايو ادا نه ڪيو ويو آهي. جنهن بعد ساڍا 44 لک ڪرائي جي رقم جي صورت ۾ ڪيفي ڏانهن واجب الادا آهن. هن کان پهرين به ڪيفي جي اونر امر سنڌو کي واجبات جي ادائگي نه ڪرڻ تي نوٽيس موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ ڪرايو، بجلي سميت ٻيا واجبات به شامل آهن جيڪي ادا ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته فيبروري 2015 ۾ امر سنڌو کي خانا بدوش ڪيفي ڪرائي تي ڏنو ويو هو جنهن جو مقصد هو ته هن ڪيفي ذريعي ثقافتي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکي سگهبيون. حڪومت جي هن فيصلي خلاف سنڌ جي اديبن احتجاج ڪندي چيو آهي ته حڪومت صوبي ۾ ادب ۽ ثقافت جي سرگرمين جي حوصلا شڪني بجاءِ ان جي سرپرستي ڪري ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي معاملو ڪرائي جو نه پر هتي ايندڙ ترقي پسند ۽ روشن خيال فنڪارن جي اچڻ جو آهي جيڪي حيدرآباد ۾ علم، فڪر ۽ جمهوري روين جون ڳالهيون ڪندا آهن.