ادب

ريڊ ربن

جلد پونم بي صبريءَ سان ساحل جي انتظار ۾ هال ۾ چهل قدمي ڪري رهي هئي.

”ايتري دير ٿي وئي آهي اڃان تائين آيا ناهن، ايتري دير ئي ڪرڻي هئن ته اڳواٽ ئي فون ڪري ڇو چيائون ته منهنجي لاءِ سرپرائيز ٿا وٺي اچن“

ايتري ۾ ڊور بيل وڳي، در کوليندي ئي پونم ساحل کان سوال ڪيو ”ڇا سرپرائيز آهي منهنجي لاءِ؟“

”هي وٺ تنهنجو سرپرائيز“

”هي! هي سرپرائيز آهي؟“ پونم وائڙي ٿي وئي ”هي طوطو منهنجو سرپرائيز آهي؟“

”ها! هي طوطو تنهنجي لاءِ سرپرائيز آهي.“

”پر هن جو مان ڇا ڪيان؟“

”توکي سدائين شڪايت هوندي آهي نه ته مان بزنس جي ڪري توکي ٽائيم گهٽ ٿو ڏيان ۽ تون سڄو ڏينهن اڪيلي گهر ۾ ڇا ڪرين، ڪنهن سان ڳالهائين ته هي وٺ هن سان تنهنجو سٺو ٽائيم پاس ٿي ويندو.“

”مان هن سان ويهي ڳالهايان!؟“ پونم وائڙي ٿي وئي.

”ها… هي ڏس هن جي ڳچيءَ ۾ توکي هيءَ ڳاڙهي لڪير ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟ هيءَ آهي هن جي ڪنٺي ۽ ڪنٺيءَ وارا طوطا جلد ڳالهائيندا آهن، هنن سان وڌيڪ مغز نه هڻڻو پوندو آهي، هي پاڻمرادو جلدي هري مري ويندا آهن. ان ڪري تون هن کي ڳالهائڻ سيکاري هن سان پنهنجي سڪ پوري ڪر.“

”مان هن طوطي سان پنهنجي سڪ پوري ڪريان؟“ پونم سوالي نظرن سان ساحل ڏانهن نهارڻ لڳي.

”ڏس پونم! مون کي جيڪو سمجھ ۾ آيو مون ڪيو، هاڻي توکي جيئن وڻي تيئن ڪر ۽ ها منهنجو هڪ امپورٽنٽ ڪلائينٽ ٻاهران آيو آهي، مون کي هن کي اڄ ماني کارائڻ ٻاهر وٺي وڃڻو آهي، ان ڪري مون کي اچڻ ۾ دير ٿيندي، تون ماني کائي سمهي پئو ۽ بک تي نه سمھه جانءِ، ”چئي ساحل هليو ويو.“

پونم طوطي کي کڻي هن ڏانهن نهارڻ لڳي، ”مان توسان پنهنجي سڪ پوري ڪريان! ڇا رڳو ڳالهائڻ ئي منهنجي سڪ هئي.“

پونم جا لفظ ٻڌي طوطي دهرايو ”سڪ… سڪ“

”اڙي واھ!! تون ته گهڻو هوشيار آهين، پر حالي هتي ويھ، اڄ واقعي مون کي گهڻي سڪ ٿي آهي، مان اچان ٿي“ چوندي پونم طوطي کي اتي ئي رکي پاڻ ڪمري ۾ هلي وئي.

ڪجهه ئي دير ۾ هوءَ پنهنجي ڪمري مان تيار ٿي نڪتي. لکنوي ڪم ڪيل زيڊ بليڪ رنگ جو ڪڙتو، جنهن تي سلور ڪلر جون ننڍڙيون سپيون ڀريل ايئن پيون لڳن ڄڻ ڪاري آسمان ۾ ننڍڙا ننڍڙا ستارا پيا جرڪن، ان تي ساڳئي رنگ جي ليگ ان ۽ رئو، نرڙ تي ڪاري بندي ڄڻ چنڊ کي نظر کان بچائڻ لاءِ نظر جو ٽڪو لڳل هجي، ڪنن ۾ سلور ڪلر جا وڏا والا، اکين ۾ ڪريني سان لڳل ڪجل، ڳاڙهي لپ اسٽڪ ۽ ڪنڌ تائين ايندڙ کليل وار سندس خوبصورتيءَ کي وڌائي رهيا هئا. ھوءَ اچي طوطي جي اڳيان بيٺي، کيس ڏسي طوطو چوڻ لڳو ”سڪ… سڪ“

ٻڌي پونم کي کل اچي وئي ”نه مٺو! توسان منهنجي سڪ نه لهندي، پر ٺيڪ آهي سرپرائيز جو ڪجهه مان رکون ٿا، اچ ته ڪجهه ڳالهايون. ساحل چيو ته تنهنجي ڳچيءَ ۾ هيءَ ڳاڙهي ڪنٺي آهي، پر توکي خبر ٿئي ته هيءَ ڪنٺي ناهي، اصل ۾ هيءَ ريڊ ربن آهي، جيڪا ڀڳوان توکي پارائي موڪليو آهي ته وڃ تون ٻين عام طوطن کان الڳ ٿي پنهنجي زندگي پنهنجي خوشيءَ سان جيءُ ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي هن ريڊ ربن سان موهي پنهنجو ڪر، پر هي انسان ڇا سمجهن هن ريڊ ربن جو مطلب. هنن کي لڳي ٿو ته هيءَ ڳالهائڻ واري ڪنٺي آهي، نه دراصل هيءَ ريڊ ربن آهي آزاديءَ واري، پنهنجي خوشيءَ سان جيئڻ واري، هيءَ ريڊ ربن ئي توکي ٻين کان الڳ ثابت ڪري ٿي.“

پونم جي ڳالھ پوري ٿيڻ تي طوطي ورجايو ”ريڊ ربن… ريڊ ربن“

”ها ريڊ ربن مطلب خوشيءَ جو پرتيڪ ۽ هي ڏس مون وٽ به آهي ريڊ ربن“ چوندي پونم پنهنجي پرس مان ريڊ ربن ڪڍي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌي. ”بس فرق ايترو آهي ته تنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي ۽ منهنجي ٻانهن ۾“

طوطي وري ورجايو ”ريڊ ربن… ريڊ ربن“

پونم پڃرو کڻي اچي دريءَ تي بيٺي ۽ پڃري جو در کوليندي چيائين ”وڃ پنهنجي ريڊ ربن سان گڏ آزاديءَ واري زندگي جيءُ، هڪ ريڊ ربن وارو ٻئي ريڊ ربن واري کي قيد ڪري ڪيئن ٿو رکي سگهي!“

ساحل ڪلائينٽ کي وٺي هڪ هوٽل ۾ وڃي پهتو، شراب جو دور هليو، ڪجهه گلاس خالي ٿي چڪا هئا ۽ شايد ڪجهه خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ هئا.

”اشوڪ سر! توهان سان بزنس ڪرڻ جو مزو ئي الڳ آهي، بزنس جو بزنس ۽ موج مستي الڳ، توهان جي بهاني مون کي به ٻاهر رهڻ جو موقعو ملي ويندو آهي نه ته زال ڪٿي نڪرڻ ڏئي.“

”مسٽر ساحل! زالن جو ته ڪم ئي هوندو آهي مردن کي روڪڻ، هنن کي ڪهڙي خبر ته نشي جو مزو ڇا هوندو آهي.“

”سهي ٿا چئو، زالن کي ڪهڙي خبر.“

”بلڪل، نه هنن کي هن نشي جي خبر ھوندي آھي نه وري هُن نشي جو احساس.“

”توهان اهو نشو به ڪندا آهيو؟“

”يار! سنڌين ۾ چوڻي آهي مرد ته ڦڏو، نه ته مرد ئي جڏو.“ چوندي اشوڪ اک هئين ۽ ٻنهي ڄڻن وٺي زور سان ٽهڪ ڏنو.

”مسٽر ساحل! توهان جي ڳالهين وري موڊ بڻائي ڇڏيو آهي، هلو ته اڄ هتي هلون ٿا.“

”پر سر! منهنجي ڊيل باري ۾ ته ڳالھايوسين ئي نه.“

”توهان فڪر نه ڪيو، ڊيل توهان جي پڪي آهي.“

اهو ٻڌي ساحل جي چپن تي جيت جي مرڪ هئي.

”ته پوءِ ويٽ ڇا جو؟ هلو ته هلون ٿا، اپسرائن جي نگريءَ ڏي.“

”نه يار! اڄ انهن اپسرائن جو نشو نه کپي“

”ته باقي ڪنهن جو کپي؟“ ساحل اشوڪ ڏانهن سوالي نظرن سان نهارڻ لڳو.

”هل مان توکي هڪ ٻي جڳهه تي ٿو وٺي هلان.“

ٻئي ڄڻا ان هوٽل مان اٿي نڪتا، گاڏي اشوڪ هلائي رهيو هو، هو ايئن رستن کي پار ڪري رهيو هو ڄڻ هو انهن رستن کان چڱي طرح واقف هجي. ريڊ سگنل اچڻ تي هو ڄڻ بيچين ٿي پئي ويو، ڄڻ ته ريڊ سگنل هن جو دشمن هجي ۽ هن کي منزل تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ وجهي رهيو هجي.

”اهڙي بيچيني ڇو اشوڪ سر!؟، هلون ٿا، پهچي وينداسين،“

جواب ۾ اشوڪ صرف ساحل ڏانهن سکڻي نگاهه وڌي.

”پر اهو ته ٻڌايو اسان هلون ڪٿي ٿا؟“

”اڄ اسان وڪامجڻ ٿا هلون“

”وڪامجڻ!؟“ ساحل حيران ٿي ويو.

”ها وڪامجڻ، توهان جي ممبئيءَ ۾ هڪ علائقو اهڙو به آهي جتي مايون مردن کي خريد ڪنديون آهن.“

”ڇا!؟“ ساحل جون اکيون اچرج منجهان ڦهلجي ويون.

”ها جيڪي مايون نيڊي هونديون آهن، ڪنهن ڪارڻ جن جي نيڊ پوري نه ٿيندي آهي، اهي اتان مردن کي خريد ڪري پنهنجي نيڊ پوري ڪنديون آهن. جيئن اسان اپسرائن جي نگريءَ ۾ ھلي هنن جي سونهن سوڀيا ڏسي هنن سان رات گذارڻ طئي ڪندا آھيون، تيئن هو به سمارٽنيس ۽ باڊي اسٽرڪچر ڏسي اتان مردن کي پسند ڪري وٺي وينديون آهن ۽ پنهنجي نيڊ پوري ڪنديون آهن.“ سڄي جملي ۾ اشوڪ نيڊ اکر وڌيڪ زور ڏئي چپي چٿي اچاريو.

ساحل آواڪ رهجي ويو ”ڇا! ايئن به ٿيندو آهي؟“

”ها بلڪل، ڏس هوءَ ايريا پاسي ۾ آهي، اسان اتي ڪار سميت نٿا هلي سگهون، ان ڪري ڪار هتي ڪٿي ئي پارڪ ڪري اوڏانهن پنڌ هلنداسين ۽ صبح اچي واپس ڪار هتان کڻنداسين.“ چئي اشوڪ ڪار پارڪ ڪئي ۽ پنڌ هن ايريا طرف وڌڻ لڳا.

”پر سر! توهان کي ان ايريا جي ڪيئن خبر پئي؟“

”منهنجي ڊرائيور ٻڌايو هو. هو اڳ ۾ ممبئيءَ ۾ ڊرائيونگ ڪندو هو، ضرورت پوڻ تي کيس هتان مايون وٺي وينديون هيون.“

”پر اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته ڪهڙي مائي نيڊي آهي ۽ ڪهڙي نه! ۽ اسان کين چونداسين ڇا! اسان کي خريد ڪيو؟“

”سمپل آهي، جنهن مائيءَ کي ٻانهن ۾ ريڊ ربن ٻڌل هجي، مطلب هوءَ نيڊي آهي ۽ بس هن جي ڀرسان وڃي چوڻو آهي،

if you are needy, I’m ready

ڳالهائيندي ڳالهائيندي هو ان ايريا ۾ وڃي پهتا.

”هو ڏس جيڪا مائي بليڪ ڊريس ۾ بيٺي آهي، جنهن جي ڊريس تي سلور ڪلر جون سپيون ايئن ٿيون چمڪن جيئن ڪاري آسمان ۾ ستارا ۽ هن جي هٿ تي ٻڌل ريڊ ربن ڄڻ اسان کي سڏي رهي آهي، تون ڏس ۽ سک ڪيئن ڳالهائڻو آهي، پوءِ توکي جيڪا پسند اچي تون ان سان هليو وڃجانءِ“

اشوڪ ۽ ساحل هن جي ويجهو آيا، اشوڪ چيو

if you are needy, I’m ready

آواز ٻڌي بليڪ ڊريس پهريل عورت پلٽي ۽ هن جي نظر سڌو ساحل سان ٽڪرائي. ساحل ان کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو هوءَ پڻ ساحل ڏانهن حيرت مان نهارڻ لڳي، ڪا گھڙي هو ايئن ئي هڪٻئي ڏانهن حيرت وچان نهاريندا رهيا.

اوچتو اشوڪ ڀڻڪيو ”اوھ! لڳي ٿو توهان هڪٻئي کي پسند اچي ويا آهيو، ڪا ڳالهه ناهي، مان ٻي ڪا ٿو ڳولهي وٺان.“ چئي اشوڪ اڳتي وڌي ويو.

***