ساهتي پرڳڻي يا درٻيلي جو مختصر تعارف ۽ تاريخي پسمنظر ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي اپريل 2022
”ساهتي پرڳڻو“ ٻن لفظن ’ساهتي‘ ۽ ’پرڳڻي‘ جي مرڪبي صورت آهي، جا انتظامي ۽ جاگرافيائي، جاءِ وقوع، ڪنهن علاقائي صورتحال جي فهم جي لحاظ کان مخصوص ڪيل حدن اندر قائم ڪيل سرڪاري ۽ انتظامي شهر، صوبي يا آبادي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ رکيل نالو آهي. ”ساهتي پرڳڻي“ جو لغوي لحاظ کان جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته ساهتي: اسم خاص سنڌ جي وچ واري ڀاڱي جو ادبي نالو- نوابشاهه ضلعي واري اَراضي.“ (بلوچ: 1985ع ص، 1554)
’پرڳڻو‘ فارسي زبان جو لفظ آهي، جو ويا ڪرڻي لحاظ کان اسم مذڪر آهي ۽ معنيٰ جي لحاظ کان صوبو، (پرگنه) علائقو- پرانت، ملڪ جو وڏو حصو ۽ خطو چئي سگهجي ٿو.“ (بلوچ:1981ع ص، 801)
لغوي لحاظ کان اهو چٽو ٿي آڏو آيو ته، ”سنڌ جي وچ واري ڀاڱي جو ادبي نالو“ ان ادبي نالي پوڻ جا سبب معلوم ڪجن ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته هي علائقو علم ۽ عرفان جو گهوارو هو. ساهتي پرڳڻي جي چپي چپي تي خانقاهون، مدرسا، مسجدون ۽ الله وارن جا آستان هئا. ساهتيءَ جي انهن مدرسن ۾ اڪثر ايران، عربستان، بخارا ۽ سمر قند کان ڪيترائي طالب العلم علمي تحصيل واسطي ايندا هئا، جن جي وسندي 1780ع تائين رهندي آئي.“ (قريشي:1987ع، ص، 25)
ساهتي پرڳڻو نوابشاهه جي اترئين ڀاڱي ۾ ڪنڊياري، نوشهروفيروز ۽ موري تعلقن تائين پکڙيل هو. جنهن ۾ اڪثريتي آبادي ’سهتا‘ ذات وارن جي هئي. ڊاڪٽر خانائي لکي ٿو ته ان ذات وارن جو آباديءَ ڪري ئي هن ايراضيءَ کي ساهتي ڪري سڏيو ويو.“ (قريشي:1987ع، ص، 9)
مٿين ڳالهين مان اسان کي هن پرڳڻي تي پيل نالي جا ٻيا به سبب نظر آيا، هڪ هن خطي جو علمي، ادبي ۽ تعليمي پسمنظر ۽ ٻيو سهتا ذات جي اڪثريتي آبادي. ٻنهي ڳالهين جي روشنيءَ ۾ هن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته هن خطي جو تاريخي تعلق عربن جي دور کان اڳ ڪيئن واضح ٿيندو هجي؟ البته سنڌ ۾ انتظامي لحاظ کان پرڳڻن جو زمانو سترهين صديءَ ۾ رهيو. ان انتظامي جوڙجڪ موجب بکر سرڪار اٺن پرڳڻن ۾ ورهايل هئي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي پرڳڻا هرهڪ جتوئي پرڳڻو، چانڊڪو پرڳڻو ۽ ٽڪر پرڳڻو. اهڙيءَ ريت کاٻي ڪپ تي پنج پرڳڻا ماٿيلو، اروڙ، فتح پور، ڪڪڙي ۽ درٻيلو.
درٻيلو:
درٻيلي پرڳڻي ۾ درٻيلو ۽ ڪڪڙي مشهور شهر هئا هي پرڳڻو درياهه جي ٻئي ڪپ تي چانڊڪا پرڳڻي جي سامهون هوندو هو. اُهي ٽيئي علائقا چانڊڪا، درٻيلو ۽ ڪڪڙي مير معصوم جي جاگير ۾ اچي ٿي ويا. هتي سهتا، راڄپر ۽ بهڻ قبيلا رهندا هئا. (يوسف ميرڪ، نياز همايوني:“ 1979ع ص، ص، 11، 12.)
ايم. ايڇ پنهور جي جوڙيل 1700-1608ع تائين سنڌ جي انتظامي نقشي ۾ ڪٿي به ساهتي پرڳڻو واضح ٿيل ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ٿي سگهي ٿو ته مٿئين انتظامي جوڙجڪ ۾ رد و بدل ٿيڻ کانپوءِ ميان نصير محمد خان جي دور 1068 هه ڌاري ساهتي پرڳڻو جوڙيو ويو هجي، جنهن جو اهڃاڻ تحفته الڪرام (ص 259) ۾ پڻ ملي ٿو.
قريشي حامد علي خانائي وڏو عرصو ”ساهتي پرڳڻي“ جي تاريخ تي خرچ ڪيو، تنهن پڻ ڪي ٺوس نتيجا حاصل ڪونه ڪيا، پر ان جي محنت ۽ جذبي سان ڪيل تحقيقي ڪم کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي. دراصل ساهتي پرڳڻي وارن علائقن ۾ ”درٻيلو پرڳڻو“ موجود هو، جنهن جي ايراضي 121146 چورس ميلن تي مشتمل هئي. جنهن ۾ حفاظت خاطر 2 سئو سوار ۽ پنج سئو سپاهي موجود هئا. اهو پرڳڻو محالڪاري جي حيثيت ۾ بکر سرڪار جي ماتحت هو. محالڪاري مان مراد موجوده انتظامي لحاظ کان تعلقي واري چئي سگهجي ٿي.“ (ابوالفضل: 2007ع، ص، 1045)
مٿئين بحث کانپوءِ آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته سرڪاري ۽ انتظامي لحاظ کان بکر سرڪار جي ماتحت درٻيلي پرڳڻي کي محالڪاري حيثيت حاصل هوندي، جنهن کي علمي ۽ تعليمي پذيرائيءَ سبب عالم ۽ اڪابر عرف عام ۾ ”ساهتي پرڳڻو“ به سڏيندا هوندا، جو سرڪاري نالو ٿي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪتب ڪونه آيو هجي.
تاريخ مظهر شاهجهاني جو بيان واضح آهي ته: ”پنجون پرڳڻو درٻيلو آهي، جتي سهتن کان علاوه سميجن مان هڪڙا راڄپر ٻيا بهڻ رهن ٿا. سندن ڌنڌو پوکي راهي آهي. شروعات ۾ اهي به ڏاڍا سرڪش هئا ۽ بکر جي حاڪم سان ٺهي نٿي هليا. جڏهن سيد بايزيد بخاري 1025 هه مطابق 1615ع ۾ بکر جو فوجدار ٿي آيو ته ان جا پٽ عيد جي ڏينهن، موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان گهوڙا ڪاهي وڃي مٿن ڪڙڪيا. بروقت ٻنهي قومن سهتن ۽ سميجن جا ڪيئي ماڻهو قتل ٿي ويا. پوءِ سندن ٻارن ٻچن کي قيد ڪري بکر آندو ويو. انهن جا پونير اڄ تائين رعيت واري روش سان هلي سرڪاري ڏن ڀريندا رهن ٿا. ان کان اڳ 999 هه ڌاري اهو علائقو اڪبري درٻار مان عبدالرحيم خان جي صلاح سان مير معصوم بکريءَ کي جاگير طور عطا ٿيو هو.“ (يوسف ميرڪ، 1044 هه ص، 116). مير معصوم جي سهڻي سلوڪ سبب پهرين سال ئي اتي ماڻهن پنج سئو جريب زمين جي اپت کنئي جو ان مهل مثال قائم ٿيو.
ڊاڪٽر خانائي لکي ٿو ته: ”ڪلهوڙن درٻيلي جي بجاءِ هالاڻي کي محالڪاري جو درجو ڏنو ۽ محراب خان جتوئي کي حاڪم مقرر ڪيو. مدد خان پٺاڻ جي لٽ ڦر کانپوءِ ان جو اوج ختم ٿي ويو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ اهو علائقو خيرپور وارن ميرن جي ماتحت هو.“ (قريشي: 1987ع، ص، ص، 118، 119.)
ميرن جي دور کانپوءِ انگريزن جي دور ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. اهو سمورو علائقو جو ”درٻيلي پرڳڻي“ يا ”ساهتي پرڳڻي“ طور تاريخ ۾ نشانبر آهي، سو مختلف تعلقن ۽ ضلعن جي جوڙجڪ سبب مختلف ضلعن ۾ ورهائجي ويو آهي. البته تاريخي لحاظ کان ان علائقي جي تاريخ، سماجيات، اقتصاديات تعليم ۽ علم- ادب کانسواءِ واپار ۽ آمد رفت جا وسيلا پنهنجي علائقائي رسمن ۽ روايتن سبب منفرد ماحول جي ڏِکَ ڏيڻ سبب هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ علائقي طور ڄاتو ويو. ان ماحول جي همه گير وصفن ۽ علائقائي صورتحال جي سموري تاريخ ۽ تاريخي پسمنظر کي محفوظ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ ڪيترن ئي گوشن کي نروار ڪرڻ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي قيمتي زندگي وقف ڪري ”ساهتي پرڳڻي“ جي اونداهين کي روشنين ۾ آڻڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، سا بيشڪ اسان جي مطالعي ۾ آسانيون پيدا ڪري ٿي ۽ سنڌ جي وچولي واري علائقي جي تاريخي تسلسل کي نروار ڪري سموري سنڌ جي تاريخ جي گهڻ پاسائن سلسلن کي ملائي مسلسل نوعيت عطا ڪري ٿي. قريشي حامد علي خانائي رقم ٿو ڪري ته: ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به تاريخدان تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار هو. چچ نامي جي احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم هندو دور ۾ ساهتي پرڳڻو موجود هو. لوهاڻو ان قديم هندو دور ۾ سنڌ جو هڪ صوبو هو. ان صوبي جو حاڪم راءِ گهراڻي جي زوال وقت ’اگهم‘ هو. انهيءَ ’لوهاڻي‘ صوبي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا قوم جون قديم بستيون هيون. لوهاڻو صوبو مکيه ٽن ننڍن صوبن ۾ ورهايل هو جهڙوڪ: لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي وغيره. هرهڪ پرڳڻي مٿان ان قوم جو سردار حڪومت ڪندو هو.“ (قريشي: 1979ع، ص، 8)
آخر ۾ آئون اهو اظهار لازمي ٿو سمجهان ته ”ساهتي پرڳڻي“ جي علم، تعليمي ۽ ادبي ماحول جو اثر ايڏو ديرپا ثابت ٿيو، جو علاقائي صورتحال جي ڊانوان ڊول ٿيڻ کانپوءِ به ان ادبي ماحول جا اثر ڊاڪٽر خانائي کي متاثر ڪري، ان سموري ذوق ۽ جدوجهد لاءِ آمادگيءَ طرف وٺي آيا.
ساهتي پرڳڻي جو احوال آڻڻ ان لاءِ ضروري آهي، جو هن موضوع جو تعلق ساهتي پرڳڻي جي عالم ڊاڪٽر قريشي حامد علي جو اباڻو خطو آهي، تنهنڪري هن تحقيقي اڀياس ۾ ساهتي پرڳڻي جو احوال شامل ڪرڻ ضروري آهي.
”نوابشاهه ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ سڏيو ويندو آهي. ساهتي پرڳڻو ڪنڊياري، نوشهروفيروز ۽ موري تعلقي تي مشتمل آهي.“ (قريشي: 2006ع، ص، ص، ص، 157، 154، 150)
”ان پرڳڻي ۾”سهتا قوم“ گهڻائي سان آباد آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي هن ايراضي کي ساهتي ڪري سڏيو ويو آهي. ساهتي تي نالو پوڻ متعلق پڻ تاريخدانن جو اختلاف پئي رهيو آهي، جن مختلف رايا ۽ نظريا پئي ڏنا آهن. ساهتي پرڳڻي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ اها ڳالھ ان بنياد تي ڪئي وڃي ٿي ته پراڻي زماني کان وٺي ان پرڳڻي ۾ سهتا قبيلي جي تمام گهڻي آبادي آهي، انهيءَ ڪري ساهتي پرڳڻي مٿان انهي مناسبت سان ساهتي نالو پيو آهي.“ (قريشي: 1987ع ص، 12)
حدن ۽ سرحدن جي اندازي مطابق ساهتيءَ جو سڄو علائقو، ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي، بهلاڻي، محرابپور، خانواهڻ، جلباڻي، ديهات، خشڪ، تنيا، آگرا، ڀوئنور، بکري، محبت ديرو جتوئي، محبت ديرو سيال، موسا ديرو، ڪمال ديرو، ڪنڊيارو، ڊڀرو، نوشهروفيروز، ٺارو شاهه، جتوئي، مٺياڻي، ڌيرڻ، ڪوريجا، مورو، بهڻ، گچيرو، ويندي دولتپور صفن تائين سمورو دريائي پٽ وڏي تاريخي اهميت وارو علائقو رهيو آهي.
حامد علي خانائي لکي ٿو ته:
”هاڪڙي درياھ جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتي مان وهندو هو، جنهن کي ساهتيءَ ۾”لوهاڻو درياھ“ به ڪري سڏيندا هئا. اهوئي درياھ ساهتي دريا جو وچ ڏيندو ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي، بهلاڻي، گهيڙگجو، ڀائي خان جي ٻنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، رحمڪي بازار کان ٿيندو وڃي، سمنڊ ۾ پوندو هو ”راوڙ“ وارو قديم رستو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ اڪثر وڏي عمر وارا ماڻهو انگريزن جي دور ۾ تار وارو رستو موجوده قومي شاهراهه چوندا آهن.“ (قريشي:1987ع، ص، 12)
”سهتا قبيلي وارو پرڳڻو درياھ جي کاٻي طرف موجوده نوابشاھ (شهيد بينظير آباد) نوشهروفيروز ۽ ڪجھه خيرپور ضلعن تي مشتمل هو. سهتن عربن سان جنگ نه ڪئي، پر ٺاھ ڪيو.“ (ڪوريجو: 2011ع ص، 702)
”ڏهين صدي هجري يا سورهين صدي عيسويءَ ۾ سهتن جي مرڪزي پرڳڻي جو حڪمران عمر شاهه بن دائود هو. جنهن جو مکيه شهر درٻيلو هو. مٿي طرف بکر کان ميرپورماٿيلي تائين ٻيو وڏو قبيلو ڌاريجا طاقتور هو. ان وقت سهتا ۽ ڌاريجا همت ٻڌي سنڌ ۾ ارغونن جي طاقت سان ٽڪريا، پر هارايائون سن 927ھ ۾ شاھ بيگ ارغون جي حملي وقت، روهڙيءَ وارو پاسو ڌاريجن جو هو ۽ اتان لشڪر گڏ ڪري بکر جي قلعي تي حملو ڪيائون، ڌاريجا شاهه بيگ ارغون سان ٽڪريا، جنهن جو فائدو مهرن جي سردار ”لالي مهر“ کي ٿيو ۽ ماٿيلي طرف ڌاريجن جو زور ٽٽو، درٻيلي وارا سهتا شاھ بيگ ارغون جي پٽ شاھ حسن جي مقابلي ۾ آيا، پر مارجي ويا.“ (ڪوريجو: 2011ع ص، 703)
”مرزا عيسيٰ خان ترخان جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ مرزا محمد باقي سلطنت جي گادي تي ويٺو. مرزا محمد باقي تيرهن سالن جي ظلم ۽ ستم جي حڪومت ڪندي سن 993 هجري ۾ هڪ رات پاڻ کي گهات ڪيو، کانئس پوءِ سنڌ جي گادي تي مرزا جاني بيگ ويٺو. انهيءَ زماني ۾ مغل شهنشاھ، اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو. سن 998ھ 1599ع ۾خان خانان ٺٽي ويندي، ساهتيءَ جي علائقي کان لنگهندي اچي درٻيلي ۾ رهيو. درٻيلي جي وڏي جيد عالم مخدوم محمد عثمان کان سنڌ جي فتح جي دعا گهرايائين. سنڌ جي فتح کانپوءِ اڪبر بادشاھ ”ساهتيءَ جو پرڳڻو“ مير معصوم کي جاگير ۾ ڏنو هو.“ (قريشي:1987ع، ص، ص، ص، 20، 16،17)
هن تاريخي علائقي جو تاريخي توڙي علمي پسمنظر به اوترو ئي وسيع ۽ اهميت وارو آهي، جنهن ۾ تعليم ۽ تدريس ادارا ۽ شخصيتون به بيحد اهم آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ هن مقالي ۾ مناسب ناهي. انهيءَ ڪري اسان هن کي مختصر طور بيان ڪيو آهي.
تاريخي لحاظ کان عربن جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين هن پرڳڻي جي مختلف حصن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهي ادارا ۽ شخصيتون اچي وڃن ٿيون. ان زماني جون علمي ادبي خدمتون عربي، فارسي کان علاوه سنڌيءَ ۾ به ملن ٿيون، جن کي مختلف ڪتابن توڙي مقالن ۾ خانائي مرحوم ٻين عالمن ۽ تاريخدانن به بيان ڪيو آهي ته هي پرڳڻو ڪيترين ئي خوبين ۽ خاصيتن سان مالا مال آهي. هن خطي جي لڪل ۽ پوشيده آثارن مان حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي.
حوالا:
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)-جامع سنڌي لغات-(جلد چوٿون)-ڇاپو پهريون، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1981ع)-جامع سنڌي لغات-(جلد ٻيو)-ڇاپو پهريون، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، ڊاڪٽر، (1987ع)-نوابشاھ ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون-(ڇاپو پهريون)، سنڌ نوابشاھ، ڊسٽرڪٽ نوابشاھ ڪلچرل سوسائٽي.
- ايضاً.
- يوسف ميرڪ، (1979ع)-تاريخ مظهر شاجهاني-(سنڌي ترجمو) نياز همايوني-سنڌ جا پرڳڻا-(پهريون ڇاپو)، پنهور ايم. ايڇ-ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.
- ابوالفضل عَلامه، (2007ع)-آئين اڪبري-مولوي محمد فدا علي طالب (اردو مترجم)، لاهور: سنگ ميل پبليڪيشن چوڪ اردو بازار.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، ڊاڪٽر، (1987ع)-نوابشاھ ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون-(ڇاپو پهريون)، سنڌ نوابشاھ، ڊسٽرڪٽ نوابشاھ ڪلچرل سوسائٽي.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، (1979ع)، ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)-ماهوار ”پيغام“، ايڊيٽر: ڪريم بخش خالد، جلد 3، شمارو 12، اپريل، سنڌ اطلاعات کاتو، بلاڪ 96، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، ڊاڪٽر، (2006ع)، ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)-ٽماهي، ”مهراڻ“ (2 ۽ 3) (گولڊن جوبلي نمبر) ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، ڊاڪٽر، (1987ع)-نوابشاھ ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون-(ڇاپو پهريون)، نوابشاھ، ڊسٽرڪٽ نوابشاھ ڪلچرل سوسائٽي.
- ايضاً.
- ڪوريجو، عبدالستار، حافظ، (2011ع)-سنڌ جون رياستون ۽ شهر-(ڇاپو پهريون)، لاڙڪاڻو: روپا ڪوريجا پبليڪيشن.
- ايضاً.
- قريشي، ’خانائي‘ حامد علي، ڊاڪٽر، (1987ع)-نوابشاھ ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون-(ڇاپو پهريون)، سنڌ نوابشاھ، ڊسٽرڪٽ نوابشاھ ڪلچرل سوسائٽي.
***

