بجيٽ جون تياريون، وفاقي ادارن ۽ وزارتن کي خرچ گھٽائڻ جي ھدايت

ناڻي بابت خاص مددگار عبد الحفيظ شيخ وفاقي ادارن ۽ وزارتن کي خرچ گھٽائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. تفصيل موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جون تياريون تيز ڪيون ويون آھن. بجيٽ آئوٽ لڪ بابت ناڻي واري صلاحڪار عبد الحفيظ شيخ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو. ناڻي واري وزارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ ۽ ڪورونا اثرن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته معيشت تي پوندڙ اثرن کي نظر ۾ رکي مالياتي ذميوارين جو مظاھرو ڪيو ويندو. سمورا ادارا ۽ وزارتون معيشت تي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين بجيٽ، موجود وسيلن جي استعمال ۽ خرچ ۾ گھٽتائي بابت تجويزون ڏين. عبد الحفيظ شيخ جو چوڻ ھو ته شرعي بانڊ جاري ڪرڻ جي پھلوئن تي به غور ڪرڻ گھرجي. پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي سان قرض ادا ڪرڻ جي مد ۾ 50 ارب رپين جي بچت ٿيندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي جي مقابلي ۾ قرضن جو حجم معيشت جي سيڪٽر ۾ متاثر ٿيو. عبد الحفيظ شيخ وفاقي ادارن ۽ وزارتن کي خرچ گھٽائڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته سرپلس فنڊن کي ڪورونا بابت ضرورتن ۽ سماجي تحفظ لاءِ استعمال ڪيو ويندو