ڪراچي جي تاجرن 10 لک ڏنڊ جي سزا کي بليڪ ميلنگ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي جي تاجرن ايس او پين جي خلاف ورزي تي 10 لک ڏنڊ جي سزا کي رد ڪندي ان کي بليڪ ميلنگ قرار ڏئي ڇڏيو. آل پاڪستان آرگنائزيشن آف سمال ٽريڊرس اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جي صدر محمود حامد ٻين عھديدارن سان گڏ ڪالھ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ننڍن تاجرن ايس او پين جي ذميداري قبول ڪندي پنھنجي اسٽاف کي ان جو پابند ڪيو آھي پر عيد جي خريداري ۽ وقت جي گھٽتائي سبب مارڪيٽن ۾ اچڻ وارن لکين ماڻھن جي رش آھي، جنھن لاءِ انتظاميه کي تاجرن سان تعاون ڪرڻ گھرجي. مارڪيٽن کي سيل ڪري وڏو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ بليڪ ميلنگ آھي. ان کي ختم ڪيو وڃي، تاجرن کي ڪاروبار جو موقعو فراھم ڪيو وڃي، عيد الفطر ۾ ڪجھ ڏينھن باقي آھن تنھنڪري ڪاروباري وقتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ھفتي ۾ ٽن ڏينھن جو وقفو ختم ڪيو وڃي. چنڊ رات تائين بازارن کي مسلسل کولڻ جي اجازت ڏني وڃي