ملڪ اندر اڏامون شروع، ٽڪيٽ 10 ھزار رپيا مھانگي

ملڪي ھوائي آپريشن جي بحالي کان پوءِ ملڪ اندر مسافرن جو لوڊ گھٽ ھجڻ سبب وڌيڪ ڪراين کي منھن ڏيڻو پوندو. قومي ايئرلائن سميت اجازت جي تحت ملڪي اڏامون آپريٽ ڪرڻ واري نجي ايئرلائن پاران ڪراين ۾ في ٽڪيٽ تي 10 ھزار رپين جو اضافو ڪيو ويو آھي. اسلام آباد، ڪراچي، لاھور ۽ پشاور لاءِ ٻه طرفه ٽڪيٽون 50 کان 55 ھزار رپين ۾ وڪرو ٿينديون. موجوده صورتحال ۾ ملڪ اندر اڏامن تي سماجي فاصلي کي نظر ۾ رکندي 40 سيڪڙو مسافرن جو لوڊ گھٽ ڪيو ويو آھي ۽ جھاز جي گنجائش کان اڌ مسافرن کي اڏامن ۾ ويھاريو پيو وڃي. 16 مئي کان 5 مخصوص ايئرپورٽن تي اندرون ملڪ مسافرن کي ھفتي ۾ 4 ڏينھن سفري سھولتون فراھم ڪيون وينديون. ڪراچي، لاھور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا لاءِ مسافرن ۽ ھوائي ميزبانن کي جاري ايس او پين تي عمل ڪرڻو ھوندو. ڄاڻايل معاملي تي پي آءِ اي جي ترجمان عبد الله خان جو چوڻ آھي ته ڪراچي کان اسلام آباد يا لاھور ھڪ طرف ڪرايو ساڻ ٽيڪس 22826 رپين کان شروع ٿيندو آھي، ڪراچي کان پشاور ھڪ طرف ڪرايو ساڻ ٽيڪس 22108 رپين کان شروع ٿي رھيو آھي. ڪراچي کان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا کان لاھور يا اسلام آباد ھڪ طرف ڪرايو ساڻ ٽيڪس 14448 رپين کان شروع ٿي رھيو آھي. حڪومت سان مشوري کان پوءِ سمورين ايئرلائنن عوام جي سھولت لاءِ ڪرايا برابر رکيا آھن
