پاڪستان ۾ مهانگائي هڪ مستقل مسئلو بڻجي چڪي آهي. کنڊ، چانور، پيٽروليم مصنوعات، ابتدائي طبي امداد ۽ دوائن جهڙين بنيادي شين جون قيمتون مسلسل وڌي رهيون آهن، جنهن عام شهري جي زندگي کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي حڪومت مهانگائي گهٽائڻ لاءِ غير حقيقي سبب ڏئي رهي آهي، جيڪي عوامي مسئلن ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ نظر اچن ٿا. جڏهن ته حڪمران طبقي ۽ عوام ۾ کليل دشمني وارو ماحول جڙيل آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. کاڌي، پاڻي، زندگي بچائيندڙ دوائن ۽ تعليمي خرچن جون قيمتون آسمان کي ڇُهي رهيون آهن. جڏهن ته کاڌو، پاڻي، طبي علاج، تعليم ۽ رهائش بنيادي ضرورتون آهن، جن جي کوٽ ڪنهن به انساني سماج کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ملڪ ۾ مزدور اڪثريت ۾ غريب طبقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو هن وقت انتهائي ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ڏينهن رات ڪم ڪرڻ کانپوءِ به هو گهر جو گاڏو هلائڻ کان قاصر آهي، بجلي ۽ گئس جي اضافي اگهن سندن چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي ان حوالي سان پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف پڻ بار بار اعتراف ڪيو آهي ته هو موجوده صورتحال کان واقف آهي ۽ مهانگي بجلي جو مسئلو پاڪستان ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا نه رڳو عوام تي، پر ملڪ جي معيشت ۽ صنعتن تي به منفي اثر پئجي رهيا آهن. هن وقت غريب طبقي جي حالت ڏاڍي خراب آهي. زرعي شعبو ۽ صنعتي ادارا اضافي توانائي جي قيمتن جي ڪري پيداوار جي اضافي قيمت ۽ مارڪيٽ کي متوازن ڪرڻ ۾ بُري طرح ناڪام ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ماڻهو حڪومت ۾ اهو آسرو رکيو ويٺا هوندا آهن ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ مهانگائي ختم ٿيندي، پر حڪومت جي ڪارڪردگي ڏينهون ڏينهن مايوس ڪندڙ آهي. عوام جي زندگيءَ کي جهنم بڻايو ويو آهي. هن وقت ٻيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي، پر عوام کي بجلي ۽ گئس جي وڌندڙ قيمتن ۽ لوڊشيڊنگ به عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ٿوري نظر آئي پي پيز تي وجهنداسين ته آئي پي پيز جو مطلب آهي ڇا؟ هي آزاد پاور بجلي خريد ڪرڻ جو ادارو آهي. هن اداري ذريعي پاڪستان جي عوام سان وڏي ٺڳي ڪئي پئي وڃي. پنجاب سان واسطو رکندڙ جن شخصيتن جا بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانا بند پيل آهن، انهن کي به هر مهيني ڪروڙين رپين جون ادائگيون اماڻيون پيون وڃن. جنهن ۾ ڪيترائي سياستدان شامل آهن. پاڪستان جي عوام کي هن وقت 48 رپيا في يونٽ بجلي ملي رهي آهي. جڏهن ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي 5 رپيا في يونٽ ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي عوام آخرڪار ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ حڪومت جي ناڪامي سامهون آئي آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي حڪومت 200 رپين تي خريد ڪري رهي آهي ۽ آءِ پي پيز کي 950 ارب جون ادائگيون ڪيون ويون آهن. حڪومت هڪ پاور پلانٽ کي 15 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 140 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. جيڪا ڪرپشن جي انتها آهي. ٻئي طرف پنجاب جي پاور پلانٽ کي 17 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 120 ارب رپيا غير قانوني طور ڏنا ويا آهن. ٻئي پاور پلانٽ کي 22 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 100 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. اهڙي ٽنهي پنجاب جي پاور پلانٽن کي 370 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. مطلب ته ان بجلي مان عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿي رهيو آهي. گيلپ پاڪستان سروي موجب سموريون ڪمپنيون پيداوار جي صلاحيت کي محدود ڪن پيون، تنهنڪري ڪاروبار مهانگي بجلي جي ڪري بند ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا، ته روزگار جا موقعا گهٽجڻ فطرتي عمل آهي. سروي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته “پاڪستاني معيشت جي صحيح رخ ۾ واضح ترقي جي مطابق، پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد بتدريج وڌيو آهي. سروي جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، 55 سيڪڙو پاڪستاني ڪاروبار تي اميد رکن ٿا ته گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪاروباري اعتماد 10 سيڪڙو وڌي ويندو.” رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته “پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد مستقبل بابت آهي.” ان سروي موجب، “پاڪستان لاءِ بهتريءَ جي رپورٽنگ” آهي، پر عملي طور حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. رپورٽ اهو ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري غير يقيني واري صورتحال جو تصور 7 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. ڪاروباري اعتماد ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪو ڪاروباري برادري لاءِ هڪ مثبت نشاني آهي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ ناڻي جي پکيڙ ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪاروباري اعتماد ۾ واڌ جي پويان مکيه عنصر آهن. ڪاروباري برادري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جي رپورٽ ڏني آهي. جڏهن ته 56 سيڪڙو لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ جي رپورٽ ڏني آهي، سروي مان ظاهر ٿئي ٿو ته تجارتي شعبي ۾ ڪاروباري اعتماد بحال ٿيو آهي.