بلاگخاص

اي پي سي ۾ نواز شريف جو آن لائين خطاب

اي پي سي ۾ نواز شريف جو آن لائين خطاب

اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ سنگين ڏوهه آهي، عوام جي حق حڪمراني کي تسليم ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ آپوزيشن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز شريف لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته آئون وطن کان ڏور رهندي به ڄاڻان ٿو ته وطن عزيز ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هن چيو ته آئون هن اي پي سي کي فيصلا ڪن موڙ سمجهان ٿو. هڪ جمهوري رياست ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين مصلحت ڇڏي فيصلا ڪريون، پاڪستان کي هميشه جمهوري نظام کان مسلسل محروم رکيو ويو آهي. جمهوريت جي روح عوام جي راءِ هوندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ جو نظام اهي ماڻهو هلائين جن کي ماڻهو ووٽ ذريعي حق ڏين. ڊڪٽيٽر کي وڏي کان وڏي جرم تي ڪوبه ڇُهي نٿو سگهي. ليگي قائد جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين جي مطابق جمهوري نظام جو بنياد عوام جي راءِ آهي، جڏهن ووٽ جي عزت کي پائمال ڪيو ٿو وڃي ته جمهوري عمل بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، چونڊ عمل کان پهرين اهو طئي ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن کي هارائڻو ۽ ڪنهن کي کٽرائڻو آهي، ڪهڙي ڪهڙي طرح عوام کي دوکو ڏنو وڃي ٿو، مينڊيٽ چوري ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي اهڙن تجربن جي ليبارٽري بڻائي رکيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪا حڪومت ٺهي به وئي ته ان کي پهرين بي اثر ۽ پوءِ فارغ ڪيو وڃي ٿو، ٻار ٻار جي زبان تي اها ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري به چونڊيل وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. نواز شريف جو چوڻ هو ته آئين تي عمل ڪرڻ وارا اڃان تائين جيلن ۽ عدالت جي ڪٽهڙن ۾ آهن ڪنهن ڊڪٽيٽر کي اڄ ڏينهن تائين سزا ملي آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته ڊڪٽيٽر کي وڏي کان وڏي ڏوهه ۾ به ڇُهي نٿو سگهجي، هڪ ڊڪٽيٽر تي ڪيس هليو خصوصي عدالت بڻي، ڪارروائي ٿي، سزا ٻڌائي وئي پر ڇا ٿيو؟ هن جو چوڻ هو ته ووٽ جي بنياد تي آيل وزيراعظم ڪو قتل ٿيو، ڪنهن کي ڦاسي چاڙهيو ويو، ڪنهن کي غدار قرار ڏنو ويو، چونڊيل وزيراعظم جي سزا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، حقيقت ۾ هيءَ سزا عوام کي ملي رهي آهي. چونڊون هاءِ جيڪ ڪرڻ آئين ٽوڙڻ آهي مسلم ليگ جي قائد چيو ته هتي مارشل لا هوندو آهي ته متوازي حڪومت قائم ڪئي ويندي آهي. يوسف رضا گيلاني هڪ ڀيري چيو هو ته هتي رياست جي اندر رياست قائم آهي، پر معاملو ان کان گهڻو اڳيان نڪري چڪو آهي هاڻي رياست جي اندر کان نڪري رياست جي مٿان رياست هلي رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۾ اسان جي ساک ختم ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن نتيجا هٿرادو تبديل نه ڪيا وڃن ها ته بيساکي جي بنياد تي بيٺل حڪومت وجود ۾ نه اچي ها. چونڊن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ آئين ٽوڙڻ آهي ۽ عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ آهي. نواز شريف سوال ڪيو ته ڇا 2018 جي عام چونڊن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ آر ٽي ايس بند ڇو رهي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن ڪئي، ان جو جواب اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري کي ڏيڻو پوندو جيڪي ان ڌانڌلي جا ذميدار آهن انهن کي حساب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته هن نا اهل حڪومت پاڪستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. هڪ ڪروڙ نوڪرين جو دلاسو ڏيڻ وارن ماڻهن جو روزگار ڦري ورتو آهي. هڪ ڪروڙ نوڪرين جو جهانسو ڏئي هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، سي پيڪ مونجهاري جو شڪار آهي، ڪو هڪ به ترقياتي منصوبو شروع نه ٿي سگهيو جيڪڏهن پاڪستان ۾ ووٽ کي عزت نه ملي ته ملڪ اپاهج ئي رهندو. پتلي تماشا حڪومت کي ڏسي ڀارت ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ بي امني ۽ افرا تفريح جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. پاڪستان جي خارجه پاليسي ٺاهڻ جو اختيار عوامي نمائندن وٽ هجڻ گهرجي. اسان ڪڏهن ايف اي پي ايف ته ڪڏهن ٻئي فورم تي بيٺي جواب ڏيئي رهيا هوندا آهيون. ڇو اڄ دنيا اسان جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي؟ ڇا لاءِ اڄ اسان تنهائي جو شڪار آهيون؟ هن چيو ته وزير خارجه شاهه محمود قريشي جيڪي بيان ڏنا ان سان سعودي ارب جي دل کي رنج پهتو، اسان کي او آءِ سي کي مضبوط ڪرڻ کپي. هن جاويد اقبال جي لاءِ چيو ته جاويد اقبال عهدي جو نازيبا استعمال ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو، پر ان خلاف ڪوبه ايڪشن نٿو ٿئي، قومي احتساب بيورو (نيب) جي حوالي سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته نيب جي ڪردار جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، اها ڳالهه سچ آهي ته نيب جي قانونن کي ختم نه ڪرڻ اسان جي غلطي هئي، پر اهو به سچ آهي ته اسان کي ان ڳالهه جو قطعي اندازو نه هو ته هي ادارو انتقام جو آلهءَ ڪار بڻجي ويندو، جاويد اقبال جهڙو شخص منهن پڪو ڪيو پنهنجي عهدي تي ويٺو آهي تمام جلد سڀني جو يوم حساب اچڻ وارو آهي. هن چيو ته نيب پنهنجي وجود جو جواز وڃائي چڪو آهي صرف اپوزيشن سندس نشانو بڻيل آهي، جيڪو نيب کان بچي ٿو ان کي ايف آءِ اي جي سپرد ڪيو ٿو وڃي. جيڪو ايف آءِ کان بچي ٿو وڃي ان کي اينٽي نارڪوٽڪس پڪڙي ٿي وٺي ۽ جيڪو اتان بچي ٿو وڃي ان کي ڪنهن  ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ٿو وڃي، عمران خان وٽ زمان پارڪ گهر لاءِ پئسن جو ڪوبه  نٿو پڇي. اڳوڻ وزيراعظم الزام مڙهيو ته کنڊ جي قيمت وڌائڻ ۾ عمران خان جي ذات ملوث هئي ڇا نيب  کيس گرفتار نه ڪندو. هن سوال ڪيو ته ڇا نيب عليما خان جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو، بني گالا گهر غير قانوني طور اڏيو ويو ان جي فائل بند ڪيئن ٿي؟ سندس چوڻ هو ته ڇا اليڪشن ڪميشن غير ملڪي فنڊنگ تي فيصلو نه ڪندي؟ ڇا انهن سڀني تي ڪو فوجداري مقدمون قائم نه ڪيو ويندو؟ نواز شريف چيو ته نواز شريف چيو ته بني گالا جي ايتري وڏي جائيداد ڪيئن جڙي، ڇا ان جي لاءِ ڪا جي آءِ ٽي نه ٺهندي؟ نواز شريف چيو ته اي پي سي روايت کان هٽي ڪري حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جون تجويزون ڏئي. اڄ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته قومي مفاد جي خاطر اسين سڀ هڪ آهيون، جيڪڏهن اسان روايت کان هٽي ڪري مضبوط فيصلو ڪيو ته هيءَ ڪانفرنس ڪامياب هوندي. مسلم ليگ ن جي طرفان اي پي سي ۾ پارٽي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت ٻين رهنمائن پڻ شرڪت ڪئي.