TED Talks خيال ونڊڻ جو سگهارو پليٽ فارم
دنيا جي ھر وڏي ڏاھي، مفڪر، ليکڪ، فلاسافر، تاريخدان، سائنسدان، سياستدان، موسيقار، بزنس مين ۽ پروفيسر جي اھا خواھش ضرور ھوندي آھي ته کيس ڪنھن وڏي فورم يا عالمي پليٽ فارم تي ھڪ دفعو ڳالھائڻ جو موقعو ضرور ملي. ھن وقت دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اھڙا پليٽ فارم آھن، جتي وقت جا ذھين ماڻھو پنھنجا خيال دنيا سان ونڊڻ ايندا آھن. اھڙن پليٽ فارمن ۾ ٽيڊ ٽاڪس(TED Talks) به ھڪ آھي، جيڪو ھن وقت مختلف خيال ونڊڻ وارن جو سگھارو پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي.
ٺيڪ اڄ کان اٺٽيھ سال پھرين ٽيڊ جو بنياد آمريڪا سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ ڊزائينر رچرڊ سئول ورمين رکيو. ٽيڊ جي پھرين ڪانفرنس 1984ع ۾ ڪيليفورنيا ۾ ٿي، جيڪا رچرڊ سئول ورمين جي ڪوشش ۽ ھيري مارڪس ۽ فرانڪ اسٽنٽن جي تعاون سان ممڪن ٿي سگهي ھئي. ان ڪانفرنس ۾ تقريبن 30 ماڻھن شرڪت ڪئي. ٻين ڪانفرنس ڇھن سالن جي وِٿي کانپوءِ 1990ع ۾ ٿي. سئول ورمين نوي واري ڏھاڪي ۾ ٽيڊ کي اوج ڏياريو.
شروع ۾ ان پليٽ فارم جي قيام جو مقصد ٽيڪنالاجي، انٽرٽينمينٽ ۽ ڊزائين سان واسطو رکندڙ(TED: Technology, Entertainment & Design) ماڻھن کي ان پليٽ فارم تي آڻڻ ھو، پر بعد ۾ ٽيڪنالاجي، انٽرٽينمينٽ ۽ ڊزائين سان گڏ سائنس، ثقافت، تاريخ، تعليم، ماحوليات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماھرن کي ان پليٽ فارم ذريعي خيال ونڊڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو ته جيئن اھي دنيا کي حقيقي ۽ اھم مسئلن کان پنھنجي علم، مشاھدي ۽ تجربي آڌار آگاھ ڪري سگھن ۽ انھن جا جوڳا حل به ٻڌائين.
ٽيڊ جي پھرين ڪانفرنس ۾ مينڊل بروٽ، ھينڪاڪ، نڪولس نيگرو پوائنٽ جھڙن ماھرن شرڪت ڪئي. ھي اھي ماڻھو ھئا جنMIT ۾ ميڊيا ليب جو بنياد رکيو ھو. انھن کان علاوه اسٽيوارٽ ايپل جي ميڪنٽاش ڪمپيوٽرن تي ڳالھايو. ليوڪس فلڪس ٿري ڊي گرافڪس تي ڳالھايو. دلچسپ ڳالھ اھا آھي ته نڪولس نيگرو پوائنٽ پنھنجي تقرير ۾ اٺٽيھ سال اڳ ٽچ اسڪرين، ٽيلي ڪانفرنسنگ ۽ برقي ڪتابن(e-books) جي اڳڪٿي ڪئي هئي.
نوي واري ڏهاڪي ۾ بل گيٽس، ايڊوب جي ڪو فائونڊر وارناڪ، ايم آءِ ٽي جي پروفيسر ۽ مصنوعي ذھانت جي ماھر مارون منسڪي جھڙن ماڻھن کي رچرڊ سئول ورمين ٽيڊ جي پليٽ فارم تي گھرايو ۽ سندن خيالن کان دنيا کي آگاھ ڪرايو. نيويارڪ مئگزين ورمين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيڊ پليٽ فارم جي اڀار کي سندس ڪاميابي قرار ڏيندي سندس صلاحيتن جو پڻ اعتراف ڪيو. ورمين ڪافي عرصي تائين ٽيڊ جو ڊائريڪٽر رھيو ۽ 2001ع ۾ ٽيڊ کي ڪرس اينڊرسن کي وڪرو ڪيو. ان کان اڳ ڪرس اينڊرسن ھڪ ڇاپ خاني جي ڪمپنيءَ جو مالڪ هو. ڪرس اينڊرسن ٽيڊ جون ذميواريون سنڀالڻ شرط پليٽ فارم کي ترقي وٺرائيندي مٿي کڻي آيو. ھن اُتساھيندڙ فارميٽ رکيو، مضمونن جي چونڊ بھترين ڪئي ۽ دنيا جي ذھين ماڻھن کي ٽيڊ جي پليٽ فارم تي آندو. ھن سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ شروع ڪيو. اينڊرسن جي ڪري ھر سال ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي تعداد ۾ ٻيڻ، ٽيڻ تي اضافو ٿيو. سندس طرفان پليٽ فارم جي حوالي سان بھترين پاليسيون ۽ پروگرامن ۾ نواڻ ۽ جدت آڻڻ ڪري ٽيڊ جي چڱي ڀلي ناماچاري ٿيڻ لڳي. ان سان اھو ٿيو جو ٽيڊ جي پليٽ فارم تان اظھاريل خيالن جو اثر دنيا ۾ ڪنھن حد تائين محسوس ٿيڻ لڳو.
2007ع ۾ ٽيڊ جي سربراھ ڪرس اينڊرسن ڊجيٽل دنيا کي نظر ۾ رکندي، اھو سوچيو ته ڇو نه ٽيڊ جي پليٽ فارم تان ڪيل تقريرن کي ٽيليويزن چئنلز تي ڏيکاريو وڃي. ان حوالي سان ھُو مختلف ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان مليو، کين ٽيڊ ليڪچرس تي مشتمل ڪو پروگرام آن ايئر ڪرڻ جو چيو، پر ڪٿان به ڪو مثبت جواب نه ملندي، نيٺ ھن Ted.com جي نالي سان پنھنجي ويب سائيٽ کولڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن ۾ ھن ٽيڊ جا وڊيو ٽاڪس رکڻ جو سوچيو. ويب سائيٽ لانچ ٿيڻ شرط ئي ٽيڊ جي مقبوليت ۾ بيحد اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ کان ھڪ سال اڳ ھن ٽيڊ ٽاڪس جي نالي سان ڪجھ تقريرون آن لائين رکيون، جن کي ڪافي ماڻھن ڏٺو ۽ ساراھيو ھو.
ھن وقت سالياني ٽيڊ ڪانفرنس ۾ 70 کان وڌيڪ اسپيڪرز شرڪت ڪندا آھن، ھر اسپيڪر کي وڌ مان وڌ 18 منٽن جو وقت ڏنل ھوندو آھي. جنھن دوران کيس پنھنجي پريزنٽيشن ملٽي ميڊيا تي ڏيڻي ھوندي آھي. اھا ڪانفرنس چار ڏينهن ھلندي آھي. انھن پريزنٽيشنس ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، ماحوليات، تعليم، غربت، وبائي بيماريون، صحت، مصنوعي ذھانت، خلائي مشن، صنعتڪاري، شھرڪاري، انفو ٽيڪ، بائيو ٽيڪ، آٽوميشن، رينيوئيبل انرجي، گلوبل وارمنگ، نيو ڪليئر جنگ، بائيو وار فيئر، بک بدحالي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۽ موضوعن تي ڳالھايو ويندو آهي. ان ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد 1200 کان 1500 جي وچ ۾ ھوندو آھي. ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جي ٽڪيٽ في رکيل ھوندي آھي. بھترين اسپيڪر کي لکين ڊالرز انعام طور ڏنا ويندا آهن.
ڏٺو وڃي ته ٽيڊ جو پليٽ فارم سکڻ جي حوالي سان نھايت ئي ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. جيڪڏھن اوھان جي انٽرنيٽ تائين پھچ آھي ته پوءِ اوھان مفت ۾ ڪافي شيون ان پليٽ فارم تي پيل وڊيوز مان سکي سگھو ٿا ۽ دنيا جي اھم مسئلن کي سمجھڻ ۾ مدد پڻ ملندي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي اسڪولن جا استاد ٽيڊ وارن جون وڊيوز ڏسي پنھنجن روين ۾ تبديلي آڻي رھيا آھن، انھن وڊيوز مان رھنمائي وٺندي پنھنجن شاگردن کي اتساھي رھيا آھن ۽ مختلف موضوعن بابت ڄاڻ شاگردن ڏانهن منتقل ڪري رھيا آھن. ھن وقت نفسا نفسي جو دور آهي، ماڻھن وٽ وقت بلڪل به گھٽ آھي، ڪو سٺو ڪتاب پڙھڻ يا ڪا تاريخي ڊاڪيومينٽري ڏسڻ به ماڻھن لاءِ مشڪل بڻجيو وڃي ته اتي ٽيڊ وارن جون 18 منٽ يا ان کان به گھٽ منٽن جون وڊيوز ڏٺيون ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون. وائرڊ مئگزين وارن 2010ع ۾ لکيو ھو ته ”ٽيڊ جي تقريرن وارين وڊيوز ٽيڊ کي ھڪ ڪانفرنس ڪمپنيءَ مان ڦيرائي ميڊيا انٽرپرائيز بڻائي ڇڏيو آهي“
ٽيڊ جي تاريخ ۾ سڀ کان گھڻو سر ڪين رابنسن کي ٻڌو ويو آھي. سندس 2006ع ۾ ڪيل تقرير ڇا اسڪول تخليقيت کي ختم ڪري ڇڏيندا آھن؟(Do Schools kill Creativity?) کي آن لائين ڪروڙين ماڻھو ڏسي ۽ پسند ڪري چڪا آهن. ان پريزنٽيشن ۾ ھو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه اسان جا تعليمي ادارا تخليقي ذھن کي گھٽو ڏيندا آهن. عقليت پسندي ۽ جدت پسنديءَ جي ڪيئن نه رستا روڪ ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه اسٽيون جانسن طرفان لنڊن ۾ آيل ڪالرا جي وبا بابت به زبردست پريزنٽيشن پيل آهي، جنھن ۾ ھُو ٻڌائي ٿو ته ان وبا کانپوءِ ڪيئن نه سڄي دنيا تبديل ٿي وئي. يووال نوح ھراري ۽ ٻين ماھرن جون وڊيوز به ڏسڻ وٽان آهن. ويجھڙ ۾ سنڌ جي نياڻي ادي شميم مري به ٽيڊ جي پليٽ فارم تي پريزنٽيشن ڏني ھئي، جنھن ۾ ھن پنھنجي تعليمي سفر ۽ جدوجهد بابت ٻڌايو. اسان جھڙن پدر شاھي سماجن ۾ اھڙين نياڻين طرفان سماجي پابندين ۽ فرسوده ريتن رسمن کان بغاوت ڪندي اڳتي اچڻ ۽ اھڙن عالمي فورمن تي پنھنجو آواز بلند ڪرڻ يقينن سنڌ جي ھزارين نياڻين لاءِ اُتساھ جو سبب پڻ بڻجندو.
ٽيڊ وارن جو ٿيم چٽو آهي ته ”خيالن کي وڏي طاقت ھوندي آھي، اھي ڪنھن جي ورتاءُ، زندگي ۽ دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيندا آھن“ انھيءَ ڪري ئي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻھن کي ھڪ جاءِ تي گڏجڻ ۽ ھڪٻئي سان خيال ونڊڻ جو موقعو فراھم ڪيو ويندو آھي. ان حوالي سان برطانيه جي مشھور اخبار گارجين کي به لکڻو پيو ته ”مفڪرن کي پنھنجن خيالن کي ونڊڻ جو ھڪ بھترين پليٽ فارم مليو آهي“ جڏھن ته ڪجھ ماڻھو ٽيڊ تي تنقيد ڪندي اھو به چون ٿا ته اھو فورم مٿئين ڪلاس جي ماڻھن جو آھي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ مھانگيون ٽڪيٽون رکيون وڃن ٿيون. جڏھن ته مقامي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ من پسند اسپيڪرز کي گھرايو وڃي ٿو. اھا تنقيد پنھنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته ھن پليٽ فارم پنھنجن منفرد خيالن سان ڪافي ماڻھن جو ڌيان ضرور ڇڪرايو آهي. ٽيڊ جي آمدني ڪانفرنس جي ٽڪيٽن، اسپانسرشپ، اشتھارن ۽ نجي ڊونيشن مان ٿئي ٿي. سندن ايپل ۽ نيٽ فلڪس جھڙن برانڊز سان ڀائيواري آھي. ان کان علاوه ھو ڪيترائي پروگرام پڻ آفر ڪن ٿا، جيئن ٽيڊ گلوبل(TED Global) جيڪو سڄي دنيا ۾ مقامي سطح تي شھرن ۾ ٿئي ٿو. ٽيڊ اسپيشل ايونٽس(TED Special Events) اهي پروگرام ڪنھن مخصوص ڏھاڙن يا وقت تي ٿين ٿا، جنھن ۾ ٽيڊ يوٿ (TED Youths)، ٽيڊ وومين (TED Women)، ٽيڊ فيلوز (TED Fellows)، ٽيڊ ريڊيو، ٽيڊ ايجوڪيشن وغيره اچي وڃن ٿا. 2009ع ۾ ٽيڊ وارن انھن ماڻھن کي اجازت ناما جاري ڪيا، جيڪي مقامي ليول تي ٽيڊ ٽاڪس جي طرز تي پروگرام ڪرائڻ چاھين پيا. مقامي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن کيTEDx جو نالو ڏنو ويو. دنيا ۾ ٽيڊ ايڪس جي پليٽ فارم تان ھر سال مقامي ليول تي 3500 کان وڌيڪ پروگرام ٿين ٿا. ھن وقت ٽيڊ وارن جي پنھنجي ويب سائيٽ ۽ يوٽيوب تي ھزارين وڊيوز پيل آھن، جن ۾ مقامي ليول تي ٿيندڙ پروگرامن جون اسي ھزار کان وڌيڪ وڊيوز پڻ شامل آهن. ھن وقت ٽيڊ وارن جون وڊيو ٽاڪس ڪروڙين ماڻھو ڏسن ٿا. ان پليٽ فارم تان صارفين کي نيون شيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. ٽيڪنالاجي ۾ جدت کان ويندي ميڊيڪل سائنس جي ڪارنامن ۽ روبوٽن تائين اوھان کي سٺيون تقريرون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملنديون، جن تي ڪافي بحث مباحثو ڪري سگھجي ٿو. عالمگيريت(Globalization) جي دور ۾ جڏھن ڊجيٽل دنيا ھڪ ننڍڙي عالمي ڳوٺ جو ڏيک ڏئي ٿي، اتي ماڻھن کي گڏجڻ، خيالن جو اظهار ڪرڻ، نيون شيون ونڊڻ ۽ مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ جي حوالي سان اھڙا پليٽ فارم ڪارگر ثابت ٿي رھيا آھن. بقول ٽيڊ جي سربراھ ڪرس اينڊرسن جي ”ٽيڊ ھڪ ڄاڻ جو خزانو آهي ۽ ان خزاني جي ڪنجي اسان سڀني وٽ آھي. ٽيڊ جو صرف ۽ صرف مقصد به اهو آھي ته علم جو ڏيئو روشن رکجي، خيالن کي ونڊجي، تخليقيت کي مٿي کڻي اچجي ۽ روشن ذھنن کي مان ڏجي. جيتوڻيڪ ڏکين شين کي آسان ڪري صرف 18 منٽن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ٽيڊ جا اسپيڪرز ھر سال انھن شين کي سولو ڪري پيش ڪن ٿا.“

