بلاگ

”هي ريڊيو پاڪستان آهي“

اسڪول ۾ پڙهڻ دوران دوستن سان گڏجي هڪ ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ”ٻارڙن جي ٻاري“ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃڻ ٿيو هو. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ”ٻارڙن جي ٻاري“ پروگرام جو انچارج مصطفيٰ قريشي (هاڻوڪو مشهور فلمي اداڪار) ٻارن کان ٿوري پڇا ڳاڇا ڪئي ته اوهين پروگرام ۾ ڇا ٻڌائي سگهو ٿا، ڪو نظم، لطيفو يا عام معلومات وغيره. اهڙي پڇا ڪرڻ بعد اسان کي اسٽوڊيو ۾ گهرائي ويهاريو ويو ۽ نظم و ضبط جي مظاهري جي تلقين ڪئي وئي. ٿوري دير بعد حيدرآباد جي مشهور شخصيت ايڊووڪيٽ قاضي محمد اعظم کي مصطفيٰ قريشي صاحب اسٽوڊيو ۾ اندر وٺي آيو جو پروگرام دوران کين ٻارن سان مختصر ڳالهائڻو هو ۽ اهڙيءَ طرح مقرر وقت تي مصطفيٰ قريشي صاحب چيو: پيارا ٻارو اسلام عليڪم ۽ اهڙيءَ طرح حيدرآباد ريڊيو تي اسان جي پهرين اينٽري ٿي هئي. ڪاليج واري دور ۾ منير احمد سومرو پروڊيوسر ريڊيو تي اسان کي يونيورسٽي مئگزين پروگرام ۾ حصو وٺرايو. مشهور براڊ ڪاسٽر ۽ پروڊيوسر سرور بلوچ ۽ اقبال جعفري سان به ويجهڙائپ ٿي. 80 واري ڏهاڪي ۾ ڪوئيٽا ۾ نوڪري دوران پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ شاگردن جي تقريري مقابلي جنهن ۾ ان وقت جي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راجا ظفر الحق خاص مهمان هو. تنهن دعوت ۾ آئون به شريڪ ٿيو هئس. ان تقريب ۾ پروڊيوسر اقبال جعفري سان ملاقات ٿي، جيڪو تازو حيدرآباد ريڊيو کان ٽرانسفر ٿي آيو هو. کيس ان ڏهاڙي وفاقي وزير جي مصروفيتن کي ڪور ڪرڻ جي ذميداري مليل هئي.

ڪجهه عرصي بعد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمت حاصل ٿي ۽ اهڙيءَ طرح حيدرآباد ريڊيو تي وڃڻ جو موقعو ملندو هو جتي نصير مرزا ۽ گل حسن قريشي سان دوستي ٿي وئي. 30 سال اڳ جو اهو خوبصورت دور هميشه ياد آهي جڏهن اتي وڃڻ سان مرحوم پروانو ڀٽي، صالح محمد شاهه، امداد حسيني، نياز حسين ۽ ٻين ڪيترن ئي نامور اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دوستن سان ميل ملاقاتون ٿينديون هيون. هر ملندڙ ماڻهوءَ جي منهن تي مرڪ ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي. يونيورسٽي جي ملازمت کان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ خانگي ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ پنهنجن شاگردن جي مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ حيدرآباد ريڊيو تي وڃڻ ٿيو. شاگردن جي هن دوري ڪرائڻ ۾ انجنيئر حاجي محمد کوکر جو تعاون شامل هو جيڪو اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب هنڱورجو صاحب منظور ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مين گيٽ تي حاجي محمد کوکر صاحب اسان سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو، جتي اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب ۽ ٻين پروڊيوسرن هرهڪ ياسين جوڻيجو ۽ محمد عارف خان سان ملاقات ٿي. چانهه جي پيالي پيئڻ بعد ريڊيو حيدرآباد جو تفصيلي دورو ڪيوسين. مون کي الائي ڇو محسوس ٿيو ته 60 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسڪولي شاگرد هئاسين ۽ پوءِ ڪاليج جا شاگرد بڻياسين ۽ پنهنجو ناتو ٿورو يا گهڻو ريڊيو حيدرآباد سان هڪ ٻڌندڙ جي حيثيت ۾ يا ڪجهه ريڊيو جي دوستن جي مامري رهندو آيو آهي، سو هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي. اسٽوڊيو ۾ پراڻو هارمونيم ۽ طبلو، پراڻا مائيڪ توڙي ساز و سامان ڏسي دل کي ڏاڍو رنج پهتو ته سنڌ جي ٻئي نمبر شهر جي مشهور ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ اها رونق نظر ڇو نٿي اچي. ڪو شڪ ناهي ته موجوده ڪم ڪندڙ عملو پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيو آهي، پر وسوارن جو ڌيان گهٽ آهي. ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي اديبن، فنڪارن ۽ گهڻ گهرن پاران ريڊيو جي عمارت کي منتقل ڪرڻ جي فيصلي خلاف احتجاج به ڪيو ويو هو. منهنجي وسوارن خاص طرح چونڊيل صوبائي ۽ مرڪزي نمائندن کي گذارش آهي ته هن تاريخي عمارت جون رونقون واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ مناسب فنڊ فراهم ڪري ان جي معيار کي ماضيءَ مطابق عروج وٺرائين.

***