سنڌ پوليس باڊي ڪئمرائون گهرائي ورتيون، سڀني جي نگراني ٿيندي
سنڌ پوليس ڪراچي ۾ ٽريفڪ چالان ڪرڻ ۽ موبائل پيٽرولنگ آفيسرن لاءِ 800 باڊي ڪئمرائون لڳائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. شهري هجي يا پوليس وارو، هاڻ هر ڪنهن جي رويي جي نگراني ڪئي ويندي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس انفارميشن ٽيڪنالاجي سنڌ پرويز احمد چانڊيو جي ڪوششن بعد پوليس آفيسرن لاءِ باڊي ڪئمرائون گهرايون ويون آهن. پوليس اهلڪارن کي باڊي ڪيمرائن جي استعمال بابت تربيت ڏني وئي آهي. ڪنٽرول روم، ورڪ ۽ ڊاڪنگ اسٽيشن پڻ قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باڊي ڪئميرا جو جلد ئي افتتاح ڪيو ويندو.