خاص

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي. ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته جاچ آفيسر واقعي جي رپورٽ سميت پيش ٿين، پوليس اجتماعي لڄالٽ واقعي ۾ 7 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي. 7 ئي جوابدارن جا ڊي اين اي جزا وٺي چڪاس لاءِ ليب اماڻيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدار غلام شبير کي ڊفينس مان گرفتار ڪيو ويو. واقعي بعد فرار ٿي ويل ٻئي جوابدار خالد لنڊ کي ٽنڊوالهيار مان گرفتار ڪيو ويو. ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آهي ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي، اڄ سموري معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪري تفصيل ٻڌائينداسين.