خاص

ٻارن کي آزادي سان کيڏڻ ڏيو نه ته سندن دماغي صحت متاثر ٿي سگهي ٿي

آمريڪا ۾ اسڪول جي ٻارن ۾ هن وقت ڊپريشن ۽ دماغي بيماريون پنهنجي بلند ترين درجي تي آهن. سائنسدانن مطابق هاڻ ضروري آهي ته ٻارن تي غير ضروري پابنديون نه لڳايون وڃن بلڪه کين آزادي سان کيڏڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ضرور ڏيڻ گهرجي. جرنل آف پيڊيا ٽرڪس ۾ شايع هڪ رپورٽ مطابق آمريڪي والدين ٻارن کي هر وقت پنهنجي نظرن سامهون رکندا آهن ۽ انهن تي مختلف پابنديون لڳائندا آهن. جيڪڏهن اهو عمل سخت ۽ ڊگهو هوندو ته نوجوان ۽ ننڍن ٻارن ڊپريشن، پريشاني ۽ ايستائين جو خودڪشي جا خيال به پيدا ٿي سگهن ٿا.