حقيقت ۾ سموري دنيا اندر غير مناسب ۽ تبديل ٿيندڙ موسمياتي حالتون هڪ ڊگهي مدي واري پريشاني پيدا ڪري رهيون آهن، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسقل طور تي صبر ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ ان ڳالھه جي به ضرورت آهي ته وقت سِر اهڙا اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن ماڻهن جو مال متاع، گهر گهاٽ بچائي سگهجن. اها ڳالھه ترقي يافتا ملڪن ۾ ته ٿي سگهي ته اهي ايڏن زبردست نظامن جا مالڪ هجن ٿا جنهن جي ڪري اهي نظام وري بحال ڪري ٿا وڃن، ان جو مثال ماضيءَ جي بارشن جو وٺي سگهون ٿا، جيئن دبئي ۾ زبردست شهري ٻوڏ آئي، پر انهن جا نظام ايترا زبردست ۽ ادارا ايترا ته فعال هئا جو انهن دير ئي نه ڪئي ۽ پاڻي وهي سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ روڊ رستا سُڪي صاف ٿي ويا، ڄڻ مينهن وسيو ئي ڪو نه هو.
اسان جي شهرن وانگي ناهن جتي 2023 وارو مينهن ته وسيو ته تباهي ڪري پوءِ نڪتو جو بيٺو ته به تباهي ۽ نڪري ويو ته به تباهي، ان ڪري زرعي سيڪٽر وارن ملڪن کي پنهنجا نظام ايترا ته مضبوط ڪرڻا پوندا جو بارشن ۽ طوفانن کي منهن ڏئي سگهن نه ته جيتريون تباهيون ٿين ٿيون انهن جو ازالو هن سرڪار جي وس جي ڳالھه ناهي، پوءِ اهو ضروري آهي ته موسمياتي ڳڻتين کي مهل سان اڪلائجي. جيتوڻيڪ دنيا جون ڪامياب ڪانفرنسون ۽ موسمياتي ڏمرن جي ذمري ۾ ڪيل گڏجاڻيون بهترين موسمياتي اپائن کڻڻ جا سبب پيدا ڪن ٿيون، پر غريب ملڪ رڳو ڳالهين جي حد تائين رهجي ٿا وڃن، انهن وٽ نه پئسو نه پائي، نه نظام، نه ڪا پلاننگ، ان ڪري جيتريون بارشون ٿين ٿيون، اوتري ڳڻتي ڪنهن کي به ناهي ته نظام کي بهتر ڪجي، جو اسان جهڙا ملڪ وري به ٻاهرين ملڪن ڏي واجهائين ٿا ته ٻيلي ڪجھه مدد ڪيو باقي هن سرڪار جو الله واهي آهي.
ٻيو ته اسان کي پاڪستان جي آبهوا جي شدت ۽ ان موسمي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ سخت نقصانن کي ڏسڻ گهرجي، جيڪو اسان جي معيشت کي مسلسل پهچندو رهي ٿو. پاڪستان لاءِ اهو مناسب وقت آهي ته هو پنهنجا ايڪشن پلان بيروني ملڪن سان ونڊي ته آخر رياست ان ڏمر کي جهڪو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهي ٿي. خاص ڪري تازو ترقي جي نالي ڪيل قومي موسمياتي پروگرامن جي لچڪ ۽ موافقت جا منصوبا جيڪي 2023-2030 تائين طئي ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ قومي ادارا کڻي جيتري پلاننگ به ڪن، پر رڳو سکڻيون گڏجاڻيون ٿي سگهن ٿيون يا اميد ڪيون ته اهي شل بين الاقومي پٺڀرائي جي سطح تي يا ترقي يافتا ملڪن جي اميدن ۽ آسرن تي پورا لهندا.
توڙي جو ٻاهريون امدادون اسان جي نقصان جي سطح کان گهٽ آهن يا اسان جي موسمياتي نقصانن جي شدت سان طئي ناهن ڪيون وينديون، پر اسان جي آبهوا جي شدت کي منهن ڏيڻ جو عزم رياستي سطح تي ڪجھه گهٽ آهي. دنيا اهو ڄاڻڻ جي خواهشمند آهي ته پاڪستان جدت جي حوالي سان، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ رڳو پرائيويٽ سيڪٽر جي سيڙپن سان ڪيترو سلهاڙيل آهي، رياستي ادارا نوجوانن ۽ عورتن جي حوالي سان ڪيترا جوابده آهن؟ ته رياست انهن طبقن کي ڪيئن محفوظ ۽ مصروف رکي ٿي يا رکڻ جي خواهشمند به آهي يا نه. بين الاقوامي برادري کي اسان کان ڪجھه سوالن جا جواب ٻڌڻ جي اميد آهي ته اسان کي ڀلا وڌيڪ موثر وسيلن ۽ ذريعن جي ضرورت ڇو آهي؟ ٽيون ته مدد ۽ موافقت واري ڳالھه ۽ پارٽنرشپ رڳو ٻوڏ تائين محدود ناهي، پر ان جو تعلق هلندڙ موسمي واقعن جي هڪ سلسلي سان به آهي، جيڪي 2023 ۾ اسان وٽ آيا ۽ شايد ايندڙ سالن ۾ غريب ملڪ ٻيهر اهڙو تجربو ڪن ۽ مصيبت اها به آهي ته انهن ملڪن جي معيشت به موسمي قهرن جي ڪري متاثر رهي ٿي.
هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته ملڪ ماحولياتي دهشتگرديءَ کي نروار ڪري ۽ پنهنجين عالمي لاڳاپن کي عالمي امداد جي تناظر ۾ وڌيڪ فعال بڻائي ته جيئن وصول ٿيندڙ امدادون بهتري طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجن ۽ عملي ڪم ڪري پنهنجي حيثيت هڪ سرگرم رياست جي طور تي مڃائي سگهجي. پاڪستان جي ماحولياتي خرابي ۽ ان ڏس ۾ عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ وڌيڪ حصيداري رکندڙ ملڪن سان ڳالهيون ڪري ۽ هڪ قوم جي حيثيت سان ان موسمياتي لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏئي ۽ ان جي شدت ۽ نقصان جي ڪري پاڻ ڀرو ٿئي. عالمي سطح تي ڪاربان جي اخراج جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ملڪ ماحولياتي آفتن جي خطرناڪ واڌ جي ڪري خراب حالتن جو تجربو ڪندو اچي جهڙوڪ: فليش فلڊ، وڌيل زميني خشڪي ۽ شديد گرمي جي لهر وغيره.
ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ تازي موسمياتي آفتن جن ۾ هِيٽ وَيوَ ۽ تباهي واري ٻوڏ شامل آهي، جنهن ۾ گذريل سالن کان وٺي 1700 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. گذريل بارشن ۽ ٻوڏن ۾ 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ان کان علاوه بارشن سان لاڳاپيل واقعن جي ڪري ۽ ايندڙ ماحولياتي تباهين ۽ فضائي آلودگيءَ جي گڏيل خطرن جي انديشي تحت 2050 تائين پاڪستان جي “جي ڊي پي” ۾ 18 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو تائين گھٽتائي اچي سگهي ٿي. اهي واقعا پاڪستان جي آبهوائي خطرن کي وڌيڪ وڌائيندا رهندا ۽ ان سان مطابقت رکندڙ اثرن کي گھٽائڻ جي لاءِ رياست تي زور ٿا ڀرن ته اها هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ۽ ترت اپاءَ به وٺي، جنهن جي تڪڙي ضرورت به آهي.
ٻي ڳالھه اها به آهي ته بين الاقوامي موسمياتي امداد تي ڀروسو ڪجي، پر اهي گهڻي امداد نه ٿا ڪن، اهي امدادون اڪثر ڪري رڳو سيمينارن، اجلاسن، گڏجاڻين ۽ بين الاقومي ڪانفرنسن تائين محدود هجن ٿيون. ان ڪري جو عالمي ڊونرز گذريل سالن جي بارشي تباهين جي ڪري ۽ ٻوڏ واري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد لاءِ 9 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو واعدو ڪيو هيو پر بدقسمتي سان اهو فنڊ ڪڏهن ملي نه سگهيو ۽ امدادي رقمون ڪاڳرن ۾ رهجي ويون. اين ڊي سي 2018 کان 2030 جي وچ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج ۾ 280 سيڪڙو واڌ جو اندازو لڳايو آهي. ورلڊ بئنڪ تازو ئي موسمياتي آفتن جي ڪري 7 سيڪڙو کان 9 سيڪڙو ”جي ڊي پي“ ۽ 20 سيڪڙو تائين معاشي نقصانن جو اندازو به لڳايو آهي. دنيا جي اداران کي اها به ڳڻتي آهي ته 2050 تائين ڪاربان جي اخراج ۾ واڌ ٿيندي، ان ڪري ان تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري دنيا کي اهڙن صنعتن تائين پهچ ۾ هڪ برتري ڏئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ ڪاربان تي ضابطو آڻي سگهجي. ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ مخصوص اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ گڏوگڏ گذريل سالن کان ملڪن جي معاشي ترقيءَ جي دٻايل شرح کي ٻيهر ساهي پٽرائجي ۽ ممڪن ڪجي ته دنيا جون صنعتون ٻيهر اُسرن ۽ ڪاربان جي اخراج جي شرح کي اڌ کان به گهٽ ڪن، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالھ ته پاڪستان کي پنهنجي واپار ۽ معيشت جي لاءِ موافقت ۽ ڦهلاءَ جا گڏيل ڪارڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي. خاص ڪري زرعي سيڪٽر جيڪو موسمياتي ڏمر واري درديلي ڪهاڻيءَ جو اهم جُز آهي، جيڪو شديد متاثر رهي ٿو. پاڪستان جي ڪل آمدني ۽ ”جي ڊي پي“ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو ۽ ان جي سالياني ترقي جي شرح ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.
ساڳي جاءِ تي اها ڳالهھ به حيران ڪندڙ آهي ته رياست ملڪي معاشيات جي پاليسين کي ٽن وڏين غلطين جي ذريعي هلائي رهي آهي. پهريون ته هي ملڪ هڪ ترقي پذير ملڪ آهي، جنهن کي سياسي موافقت کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ ترقي يافته ملڪن لاءِ ڪا پريشاني پيدا نه ڪري، ان ڪري جو سياسي اڻبڻت سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڃائي ٿي ۽ ملڪ سياسي موافقت کانسواءِ ڪا به غير ملڪي حمايت ۽ مدد حاصل نٿو ڪري سگهي، ٻيو ته پاليسين جي منصوبابندي غير مناسب سياسي رويا ۽ ٽيون وسيلن جي تعصباڻي ورهاست ۽ عام ماڻهن تائين مرڪز جي غير مرڪزيت رياست کي ناڪام بڻائي رهي آهي جنهن سبب عالمي برادريءَ مان گڏيل فائدا حاصل نٿا ڪري سگهن، جيڪي سياسي غيرموافقت کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ هڪٻئي جي لاءِ غير يقيني ماحول بڻائي رهيا آهن، جيڪي مامرا معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ پڻ انتهائي نقصانده آهن. ان ڪري نظامن جي بحالي ۽ ناانصافين کي گهٽائڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته بنيادي ڍانچي کي سڌاريو وڃي، ممڪن ۽ آسان رستا ڳولهي ۽ ٺاهيا وڃن. رياست کي گهرجي ته اها موسمياتي سائنس کي مهل سان سمجهي.
ڇو ته سياست جي غيرمناسب روين جي ڪري ۽ ٽيڪنالاجي اڻ هوند جي ڪري رياست گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي انتها پذيري ۾ هلي وئي آهي ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ جي بجاءِ وڃي ٿو پوئتي ڌڪبو، جنهن سان موسماتي ڏمرن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، ۽ ان جا اپاءُ رڳو ان سياسي اڻبڻت جي ڪري نااهليءَ جو شڪار رهندا آيا آهن ۽ واپار جا آيل موقعا به وڃائبا رهيا آهن. ان ڪري رياست جي لاءِ وقت اچي ويو آهي ته اهو ادارن جي بهتري تي ڪم ڪري ۽ ماحولياتي نظامن جي نقصان جي انديشي کي گهٽائي ته جيئن گڏيل ۽ ديرپا عملن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.