بلاگنئون

حاميءَ جي شاعري هڪ اڀياس

سِنڌي شاعريءَ ۽ نثر ۾ پنهنجي هڪ اهم سڃاڻپ رکندڙ محترم امر اقبال پنهنجي ڳوٺ ضلعي، پر پوري سنڌ جي باڪمال هڪ وڏي شاعر، هڪ وڏي استاد، ھڪ وڏي تحقيق نگار سائين ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي شاعريءَ تي لکيل ڪتاب ”حاميءَ جي شاعري هڪ اڀياس“ جي نالي سان سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي تاريخ جي نئين باب کي زنده ڪيو آھي. سائين عطا محمد حامي صرف هڪ ضلعي، هڪ تعلقي، هڪ ڳوٺ تائين محدود شاعر نه هو، پر هو پوري سنڌ جو هڪ هاڪاري ۽ مڃايل شاعر ٿي گذريو آھي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي ويھين صديءَ جي انهن ناميارن شاعرن، تحقيق نگارن، تنقيد نگارن ۽ استادن مان هڪ هو جنهن پنهنجي پوري زندگي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي گذاري، جنھن جون نثر توڙي نظم ۾ لکڻيون ۽ خدمتون وسارڻ کان تمام گهڻيون مٿانهون آھن. محترم امر اقبال هن ڪتاب ۾ حامي صاحب جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جي بيحد معلوماتي ڄاڻ سان گڏ سندس مواد جي ڇنڊڇاڻ ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف جهلڪ ڪتاب ۾ سهيڙي آھي ۽ ٻين مختلف ڳالهين جن جو واسطو حامي صاحب جي ادبي ڪمن سان آھي، ان کي بيحد ئي محنت ۽ محبت سان اُجاڳر ڪيو آھي.

هن پوري ڪتاب ۾ امر اقبال صاحب حاميءَ جي زندگي جي احوال کان وٺي سندس خدمتن تي عالمن ۽ اديبن جي راين تائين هڪ تجسس ڀريو جهان جوڙي رکيو آھي. آئون حامي صاحب جي زندگيءَ يا مختلف رخن يعني جنم تاريخ، پيدا ٿيندڙ ڳوٺ، يا سندس حاصل ڪيل تعليم بابت نه ٿو ٻڌائي سگهان، ڇو ته محترم امر اقبال هن ڪتاب کي سهيڙي ان ڪري به تاريخ جو هڪ نئون باب قائم ڪيو آھي، جو هن ۾ حامي صاحب جي زندگي، تعليم، حامي جي ذات، پيدائشي ڳوٺ، سميت سموري معلومات ڄاڻايل آھي، جنهن جي ڪري هتي لکڻ جي گنجائش ناهي. امر اقبال جي شخصيت تي ڳالهائجي ته هو شاعريءَ ۾ ته پاڻ هڪ خوبصورت نانءُ آھي ئي، پر نثر ۾ به سندس هڪ جيءُ جوڙيندڙ جهان جوڙيل پڻ آھي، امر اقبال جي نثر جي ڳالھ ڪجي ته اها ڳالھ اسان جي سامهون اچي ويندي ته سندس نثر به سندس شاعريءَ جيان خوبصورت ۽ وسيع آھي، ڪتاب جي مهاڳ ۾ سنڌ جو نالي وارو محقق شاعر محترم اختر درگاهي لکي ٿو ته ”امر اقبال بنيادي طور تي هڪ سڄاڻ شاعر آھي انهيءَ ڪري ئي سندس خوبصورت ۽ جديد شاعريءَ جيان سندس نثر به تخليقي حسناڪين سان ڀرپور آھي“. محترم اختر درگاهي پاڻ به سنڌي ادب جو هڪ وڏو نانءُ آھي، پر تنهن به امر اقبال جي نثر کي حسناڪين سان ڀرپور ڪوٺيو آھي، ڇو ته امر اقبال واقعي شاعري سان گڏ نثر جي آويءَ مان به پچي نڪتل آھي.

هاڻي ڪتاب جي سونهن کي نروار ڪرڻ لاءِ حاميءَ جي شاعريءَ جو اڀياس اوهان جي اڳيان رکون ٿا. ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي شاعريءَ جو جيڪو موضوع آھي، اهو گهڻو ڪري پيار، اتحاد، محبت، سچائيءَ وحدت الوجود مزاحمت، جهڙن موضوعن تي سنواريل آھي. خاص ڪري حاميءَ جي شاعري ۾ سچائي ۽ پيار ۽ پنهنجي ديس سان محبت جو اظهار گهڻو ملي ٿو، سندس وٽ نفرت ڪُلفت لاءِ ڌڪار آھي، هن کي پيار، سچائي ۽ وطن جي حُب جو شاعر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اوهان سندس هن شعر مان انهيءَ محبت ۽ سچائي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.

ڪنهن سان به ڪائنات ۾، ڪلفت نه ٿا رکئون

مذھب اسان جو آھي، محبت خدا گواھ! حامي

حامي صاحب جي شاعريءَ جي هن اڀياس ۾ جيڪو مطالعو اسان تائين امر اقبال پهچايو آھي، آئون سمجهان ٿو ته هڪ اڻ وسرندڙ ۽ ڄاڻ ڀريو اڀياس آھي، حامي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو به رنگ سمايو آھي اُهو حقيقي آھي، اصل ۾ سندس سموري شاعريءَ ۾ هو حقيقت جو حامي ۽ محبت، سچائي، پيار، محنت جو درس ڏيندڙ آھي.

جيئن هي شعر آھي ته:

محبت ۾ مصيبت جا هزارين مرحلا ايندا 

ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڏورڻا پوندا

ڏٺو وڃي ته حامي صاحب جي شاعري رُومان جي پهلوءَ جو ڏيک پڻ ڏئي ٿي، پر گهڻي تعداد ۾ حامي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ سچائي، محنت، محبت ۽ الفت، جهڙن موضوعن کي ڀرپور ۽ سهڻي نموني سجايو آھي، هر جاءِ تي هنن موضوعن تي شعر حامي جي ڪلام مان ملن ٿا.

پارس به آھي وقت ۽ وقت ڪيميا

غافل! نه پنهنجو قيمتي وڃاءِ وقت…

حامي صاحب هڪ املھ هيرو آھي سنڌي ادب جو، جيڪو سدائين چمڪندو رهندو، پر هتي ڳالھ حامي صاحب جي شاعريءَ جي هلي ٿي ته اُن منابست سان سندس شروعاتي شاعري کي مدي نظر رکندي. اهو چئي سگهجي ٿو ته حامي صاحب جي شروعاتي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جا لفظ گهڻا استعمال ٿيل آھن. حامي جي شروعاتي شاعريءَ واري دور بابت امر اقبال لکي ٿو ته ”عطا محمد حاميءَ جي هيءَ شروعاتي دؤر واري شاعري موضوعاتي حوالي سان پڻ هڪ مخصوص خول ۾ بند نظر اچي ٿي. انهيءَ ۾ زميني حقيقتون ڌرتيءَ جي خوشبوءَ مشاهدي جي وسعت فطرت جا رنگ ڳوليا ڪو نه ٿا لڀن“.. حقيقت ۾ ته فارسي ٻولي سنڌي شاعريءَ جي سونهن کي خار جيان روڙي ٿي، رڌم چس ۽ سونهن جيڪا سنڌي شاعري جي سنڌي ٻوليءَ ۾ بيھندي آھي. اُها ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان آيل خيال ۽ ترڪيبن سان ناهي بيھي سگهندي، ۽ حامي صاحب جي شروعاتي شاعريءَ کان بعد واري شاعري ڇو ته اڳتي هلي حامي صاحب فارسيءَ جي ڄار مان نڪتو هو، ان ڏس ۾ اختر درگاهي جي لکيل مهاڳ جي صفحي ايڪويھ تي لکيل آهي ته ”حاميءَ جي شاعري جو ٽيون دؤر 1962 ڌاري شروع ٿيو. جڏهن هن غزل جو فارسي زده نمونو ڇڏي سليس سنڌيءَ ۾ غزل چوڻ شروع ڪيو“. هي لفظ سنڌ جي برک شاعر محقق سائين تنوير عباسي جا سندس ڪتاب حامي جو ڪلام ۾ لکيل آھن. جنهن کان پوءِ حامي صاحب جي شاعري هڪ حقيقت جي منظرنگاري کي ڇهڻ لڳي. جيئن شعر ۾ نصيحت ڪري ٿو نج سنڌي جي سليس ٻوليءَ ۾:

بيسود نه ڪٿ بڪواس ڪجي چپ آھي چڱي چپ چورڻ کان

جا دل ۾ جڳھ جـــوڙي نه سگــهي سا ڪين ڪجي تقرير ڪٿي

آئون حقيقت ۾ هن ڪتاب کان ڪجھ وقت پرڀرو ئي رهجي ويو هئس، ڇو ته هي ڪتاب ڪو دوست ڏسندي ئي هٿو هٿ وٺي ويو هو، تحقيق جي ميدان ۾ ڪتاب نه ڇپڻ جيترا ڇپجن ٿا، ائين به ناهي ته معياري ڪتاب نه ٿا ڇپجن، پر گهٽ، معياري هوندي به تحقيق جا ڪتاب اسان تائين ايترا نه ٿا، پھچن جيترا پهچڻ گهرجن. آئون سمجهان ٿو حاميءَ جي لازوال شاعريءَ تي محنت ۽ محبت سان امر اقبال جو ڪيل ڪم جيڪو هن هڪ گهڻ رخي شخصيت جي زندگي ۽ شاعري تي خاص ڪري جيڪا محنت ڪئي آھي. جنهن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هن لازوال محنت مشقت ڪئي آھي. اهو تمام گهڻو ساراھ جوڳو آھي، جنهن جو ڪريڊٽ پڻ امر اقبال جھڙي جاکوڙي ڪردار ڏي وڃي ٿو. هونءَ به ڏٺو وڃي ته تاريخ کي سهيڙڻ ۽ ڪنهن جي شاعري جو اڀياس ڪرڻ، يا لکڻ ايتري قدر مشڪل آھي جو تحقيق نگار کي راتين جون راتيون جاڳڻو پوندو آهي، ۽ تحقيق ۽ اڀياس جي مختلف پهلوئن جي جاچ ۽ ڇنڊڇاڻ سان گڏ مطالعو جاري رکڻو پوندو آهي. ڊاڪٽر حامي صاحب هڪ بهادر جيان به پنهنجي شعرن ۾ اسان کي ملي ٿو، سندس اڳيان سچ سڀ کان مٿانهون آھي، هر جاءِ تي حق سچ جي ڳالھ کي حامي صاحب ورجايو آھي. حامي صاحب هڪ اڏول ڪردار جيان خوبصورت صنف رُباعيءَ ۾ نروار بيٺو آھي، جيڪو بزدل کي بهادر نه ٿو چوي، جيڪو سادو سٻاجهو هوندي به غيرن سان سور سلڻ کان انڪاري آھي رُباعيءَ آھي ته:

جهرڪيءَ کي ڪڏهن باز سڏيندا ناهيون

گدڙن کي ببر شير مڃيندا ناهيون

سادا ۽ سٻاجهڙا ته برابر آھيون

غيرن سان مگر سور سليندا ناهيون

محترم امر اقبال شعر جي سونهن کي هيئن ٿو ظاهر ڪري. ”هن رُباعيءَ ۾ ”جهرڪيءَ“ کي ڪمزوريءَ ۽ باز کي طاقت جي علامت طور استعمال ڪيو ويو آھي، ساڳي نموني گدڙ کي بزدليءَ ۽ ببر شير کي بهادريءَ جي علامت طور اظهاريو آھي“

(ص107)..

ورد وظيفا نفل نمازون درد بنان ڪجھ ڪم نه ڪندا

دل جي حضور جو هڪڙو سجدو سارا مطلب پائي ٿو

حامي صاحب هھڙن شعرن ۾ جيڪي ڪتاب جي مختلف هنڌن تي ملن ٿا، انهن ۾ حامي صاحب اسان کي وحدت الوجودي شاعر محسوس ٿئي ٿو، محترم امر اقبال لکي ٿو ته ”حاميءَ جي عشق جي سجدي جي ڳالھ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئي آھي“ (ص124)

وحدت الوجودي شاعر هجڻ جي ڳالھ بابت وضاحت ڪندي ”محترم اختر درگاهي لکي ٿو ته حامي صاحب هڪ عام شاعر نه بلڪه هڪ انقلابي ۽ وحدت الوجودي شاعر هو، جيئن شاھ لطيف هو سچل هو بيدل هو روحل هو ۽ سامي هو. عطا محمد حاميءَ جي وحدت الوجودي شاعري به انهن بزرگن ۽ عظيم شاعرن جي فڪر جو ئي تسلسل آھي“

هاڻي وري اچون ٿا حامي صاحب جي مزاحمتي شاعريءَ جي رنگ تي، حامي صاحب جيئن ته مزاحمتي رنگ سان سرشار شاعري پڻ ڪئي آھي، جنهن جي موضوع تي ڪتاب ۾ حاميءَ جي مزاحمتي شاعري جي لکيل ليک ۾ امر اقبال صاحب لکي ٿو ته ”مزاحمت ۽ انڪار ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي ضمير ۽ خمير جو حصو رهيا آھن. عطا محمد حامي جي مزاحمتي شاعري مختلف دؤرن ۾ مختلف رنگ ۽ احساس رکي ٿي. اُها ڳالھ طئه آھي ته ڏاڍ، جبر، مذهبي، سياسي، منافقتن، جي خلاف مزاحمت حاميءَ وٽ هر دؤر ۾ ملي ٿي. حاميءَ جي شاعري پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ ڪٿي به ڪنهن به موڙ تي مصلحت ۽ ميسڻائپ جو شڪار نه ٿي رهي. حاميءَ جو مزاحمت سان سرشار هڪ نظم ”ڪيئن چوان غلاميءَ کان آزاد ٿيو آ وطن“ جيڪو ڪتاب ۾ پورو ڏنل آھي جنهن جون سٽون هتي ڇڏجن ٿيون.

آھي حسرتناڪ حالت ۾ وطن جو قافلو

دور منزل کان مصيبت ۾ وطن جو قافلو

ڇا ڪري اڄ دشت غربت ۾ وطن جو قافلو

جنهن جا آھن راهرو گمراھ رهبر راهزن

ڪيئن چوان غلاميءَ کان آزاد ٿيو آ وطن؟

سائين تنوير عباسي هن نظم کي ان دؤر جو شاهڪار نظم سڏيو آھي، حسرتناڪ حالت ۾ وطن جو قافلو ۽ هلندڙ دور منزل کان مصيبت ۾ قافلو ڇا ڪري اڄ دشت غربت ۾ وطن جو قافلو جنهن جا راهرو رهبر گمراھ ۽ رهزن آھن، ڪيئن چوان پوءِ آئون ته غلاميءَ کان وطن آزاد آھي. سائين تنوير عباسي جي ڳالھ بلڪل درست اُن ڪري به آھي ته ان وقت جي شايد رهبرن ۽ رهزن ۾ ڪو فرق نه هو، ڇاڪاڻ ته نظم ۾ هڪ للڪار آھي ذهنن تي جلد اثر ڪندڙ هڪ بيمثال نظم آھي. حامي صاحب جو حقيقت ڀري منظرنگاري ڪندڙ مزاحمت سان سرشار نظم چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ هيءُ نظم جي مقطع واري سٽ آهي.

جسم جا آزاد آھيون پر ضميرن جا غلام

رشوتين زانين شرابين جا ڪيون ٿا احترام

اهڙي آزاديءَ ۾ ”حامي“ زندگي آھي حرام

اهڙي آزاديءَ تي اهل دل ته لعنت ٿا وجهن

ڪيئن چوان غلاميءَ کان آزاد ٿيو آھي وطن؟

ڪتاب جي سمورن پاسن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان ته واقعي آئون رهجي ويو آھيان، پر پوءِ به ڪتاب جي حسناڪيءَ جو اظهار دل وٽان ڪيو آھي. حاميءَ جي شاعريءَ کي سهيڙڻ سان گڏ سندس فن فڪر کي به اُن لڳاءُ سان سهيڙڻ جي ضرورت آھي، جهڙي طرح محترم امر اقبال صاحب پنهنجي محبت ۽ محنت کي سهيڙيو آھي. آئون محترم امر اقبال جو ۽ ان جي محنت ۽ محبت (جيڪا حامي صاحب سان سندس ننڍپڻ کان وٺي رهي آھي)، کي ان ڪري به ساراهيان ٿو، جو هن سنڌ جي هڪ عظيم شخص جي زندگي، شاعري، سندس محنتن خدمتن سميت سڀني رخن کي فن فڪر ۽ مهارت سان قلمبند ڪيو آھي، ۽ هڪ تاريخي ڪتاب اسان تائين پهچايو آهي.

جي گهڙيا سي ئي چڙهيا لهرون لتاڙي ويا هليا

لـعل مقــصد جا لـــڌا تــن جن ڇڏي ساحل ڏنو

..حامي..

***