بلاگنئون

طبقاتي سماج ۽ عورت

سال ٿي چڪا آهن ته پاڪستاني عوام جي ڪنن ڪجھه بهتر نه ٻڌو، اکيون ويچاريون روز نوان صدما ڏسي ڳوڙها ڳاڙهي سڪي ويون آهن، احساس شل ٿي چڪا آهن ۽ حق ڳالهائڻ وارن جي زبان نه صرف هر ايندڙ ڏينهن بند ڪئي وڃي ٿي، بلڪه انهن تي ڳرا قلف هنيا وڃن ٿا. ميڊيا جيڪا گولي، بارود، ڏوهن، دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، جهڙن لفظن جي ايتري قدر عادي ٿي چڪي آهي ته چوڻ ڪجهه به چاهيندي هجي، مگر اصطلاح اهوئي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. ڪيترائي نوجوان آهن، جن پنهنجي جواني روزگار جي ڳولا ۾ وڃائي ڇڏي. ڪيترين ئي مائرن جي جگرن جا ٽڪرا دهشتگردي جي حوالي ٿي ويا. هي سماج جتي عمومي طور تي انسانيت کي لتاڙيو پيو وڃي ۽ انساني زندگي وڌيڪ ذلت جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، اتي اڳ کان ئي جنسي ضرورت تصور ڪئي ويندڙ “عورت” ڪيترين ئي اذيتن جو شڪار آهي.

“ماءُ” جنهن کي خاندان کي ڳنڍي رکڻ جو مرڪز تصور ڪيو ويندو آهي، هينئر پاڻ وکري چڪي آهي. اڄ صورتحال ان قدر خراب ٿي چڪي آهي ته برصغير ۾ رهڻ واريون ڪروڙين عورتون هتي غير انساني زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ ان اذيت ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. سماجي پيداوار جو وڏو حصو پيدا ڪرڻ واري عورت اڄ پاڻ جنس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اڄ هن دور ۾ عورت جي وضاحت ڪئي وڃي ته عورت هڪ اهڙو وجود بڻايو ويو آهي جيڪا ستم به سهي، مرد جي خدمت به ڪري، ڪوٺن جي سونهن به بڻجي، ليڪن پنهنجي لاءِ ڪنهن به قسم جي انساني زندگي جي گُهر نه ڪري. هتي جيڪي لبرل عورتون ۽ مرد عورت جي آزادي جي ڳالھه به ڪن ٿا، انهن جي آزادي محض عورتن جي لاءِ فيشن شوز جي بندوبست ۽ سليوليس ڪپڙا پائي گاڏي هلائڻ تائين محدود آهي! بدقسمتيءَ سان هتي اهوئي عورت جي آزادي جو مٿانهون مقام سمجهيو وڃي ٿو.

حقيقت ۾ عورتن جي آزادي محض“فيشن ڪرڻ جي آزادي” ناهي، بلڪه سماج ۾ عورتن جي تاريخي مقام ۽ ڪردار کي سمجهڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان تاريخ ۾ ڏسون جتي عورت نه ته اڄ جيان لاچار هئي ۽ نه ئي ڪنهن “فيشني آزادي” جي نمائنده هئي، بلڪه اسان کي ماضيءَ ۾ عورت جو هڪ اعليٰ رتبو ڏيک ڏئي ٿو، جتي هن جي اڳواڻي ۾ گهر بلڪه سمورو قبيلو ھلندو هو ۽ مردن سميت ڪوبه ڪنهن تي ڏاڍ نه ڪندو هو، بلڪه هڪ گڏيل ۽ برابري جي سطح تي سڄو نظام هلندو هو. اهو هڪ امن جو نظام هو، قديم اشتراڪي دور ۾ گڏيل ملڪيت تي مشتمل ان نظام ۾ سڀ گڏجي سڏجي رهندا هئا ۽ گڏجي سڏجي ورهائي کائيندا هئا. سادڙن لفظن ۾ چيو وڃي ته ان دور ۾ ذاتي ملڪيت جو ڪو وجود ئي ڏيک نٿو ڏئي. اصل ۾ عورت ئي هن نظام جون بنيادي پاڙون قائم ڪيون هيون. عورت شروعات کان ئي زندگي جي ضرورتن واري پيداوار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. ايستائين ته خوراڪ سنڀاليندڙ به عورتون هونديون هيون، جيڪي سماج جي هر فرد ۾ برابري سان خوراڪ ورهائينديون هيون. جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته قديم اشتراڪي سماج ۾ عورت جي حيثيت ڪرنگهي جي هڏي واري هئي ته غلط نه ٿيندو، اها محض شروعات هئي، اڳتي هلي عورت سمورن شعبن ۾ پنهنجو حصو وڌو ۽ خاص طور تي جنهن وقت مرد شڪار ۾ مصروف هوندا هئا، ان وقت ۾ عورتون چمڙي جون شيون ۽ مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ ۽ ٻين مختلف قسم جي ڪمن ۾ مصروف هونديون هيون.

اهي مرڪزي قدم هئا، جيڪي انساني تهذيب جو بنياد بڻيا ۽ جنهن جي ڪري انسان موجوده شڪل ۾ زنده آهي. اهو عورت جي ئي لازوال قربانين ۽ محنت جو نتيجو آهي ته اڄ جو انسان اعليٰ قسم جي پيداواري عمل جي لائق ٿي سگهيو آهي، ليڪن گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ سماج ۾ عورتن جي حيثيت گهٽ کان گهٽ ٿيندي وئي، خاص طور تي نجي ملڪيت جي ظهور سان گڏ عورت به پيداواري اوزارن جيان مرد ۽ خاندان جي ملڪيت بڻجندي هلي وئي، ليڪن مرد جي ذاتي ملڪيت سمجهڻ جي باوجود به هر دور ۾ محنت ڪش عورتن جي عظيم ڪردار کي ڪڏهن نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جاگيرداري کان وٺي سرمائيداري تائين هر نظام ۾ جتي عورتن سماجي پيداوار ۾ هٿ ونڊايو، اتي هر ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۾ به عورتون ڪڏهن پوئتي نه رهيون.

اڄ عورت جي سماجي حالت کي ڏٺو وڃي ته نه صرف پسمانده ملڪن بلڪه دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به عورت اڻبرابري ۽ ظلم جو شڪار آهي. تيزاب هارڻ کان وٺي، جنسي ذيادتي ڪرڻ ۽ گهريلو تشدد، هينئر صرف ٽين دنيا جا مسئلا ناهن، بلڪه اهي واقعا هينئر ترقي يافته ملڪن ۾ به عام آهن. برطانوي اداري هيلٿ اينڊ سوشل ڪيئر انفارميشن سينٽر جي هڪ رپورٽ جي مطابق عورتن تي تيزاب ڦٽي ڪرڻ جا واقعا گذريل ڏهن سالن ۾ ٻيڻا ٿيا آهن. مڙس جي هٿان هر هفتي ٻن کان وڌيڪ عورتون انگلينڊ جهڙن ملڪ ۾ قتل ٿين ٿيون. نيويارڪ ٽائيمز ۾ ويجهڙائي ۾ ڇپجڻ واري هڪ مضمون جي مطابق هر سال فرانس ۾ 2 لک 23 هزار عورتون پنهنجي پارٽنرز جي جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. هندستان جي معاشي ترقي جا به وڏا چرچا آهن، ليڪن جنهن تيزي سان جنسي ذيادتي جا واقعا هندستان ۾ وڌي رهيا آهن، شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڌي رهيا هجن. هندستان جو دهلي شهر ڀارت جو ڪيپيٽل ناهي، بلڪه اهو دنيا جو “ريپ ڪيپيٽل” بڻجي ويو آهي. ان شهر سميت سموري هندستان ۾ عورتون جنسي ذيادتي جي واقعن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ريت 2018 ۾ شايع ٿيڻ واري هڪ رپورٽ مطابق بنگلاديش ۾ هر ڏينهن 49 ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا جنسي ذيادتي جو شڪار ٿين ٿا. جڏهن ته 28 ٻارڙا قتل ڪيا وڃن ٿا.

ان سموري صورتحال ۾ جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالھه ڪئي وڃي ته هتي جهڙي ريت مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ غربت پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، اتي عورتون به بدترين استحصال جون شڪار آهن. هتي عزت ۽ غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل، عام بڻجي ويو آهي. عزت ۽ غيرت جو نانءُ ڏئي عورت کي ڪڏهن گهر جي ڀتين ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ساڙيو وڃي ٿو، ته ڪڏهن زنده دفن ڪيو وڃي ٿو. ايستائين ته غيرت کي انا بڻائي عورت کي تعليم کان به پري رکيو وڃي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي ته معاشرو بدترين پسماندگي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. انساني حقن جي هڪ تنظيم 2011 ۾ پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي ٿيڻ وارا 700 واقعا رپورٽ ڪيا هئا. جڏهن ته اهو انگ 2012  ۾ 960 تائين وڃي پهتو هو. 2015 کان هينئر تائين 1200 جي ويجهو عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ فيڪٽرين ۾ محنت ڪش عورتن تي بدترين تشدد به پنهنجو پاڻ استحصال جو وڏو قسم آهي.

جتي عورتن کي مردن جي بدلي گهٽ اجرت تي رکيو وڃي ٿو اتي انهن کي بدترين طريقن سان هيسايو به وڃي ٿو. پاڪستان جهڙن ملڪن جو هڪ مسئلو اهو به آهي ته هتي ڪيترائي واقعا ميڊيا يا سرڪاري دستاويزن ۾ رپورٽ ئي نٿا ٿين، ان ڪري جيڪي انگ اکر ٻڌايا ويا آهن، صورتحال انهن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي بدترين آهي، جنهن جي ڪري حقيقت چٽي طرح پيش نٿي ڪري سگهجي.

اڄ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته نيٺ ڪيستائين اهو استحصال قائم رهندو ۽ ڪيستائين عورت کي دٻائي سگهبو؟ جيڪڏهن اسان جدلياتي نقطهءِ نظر کان ڏسون ته جنهن شيءِ کي جيتري شدت سان دٻايو ويندو آهي، اها اوتري ئي شدت ۽ تيزي سان پنهنجو اظهار ڪندي آهي ۽ ايتري ئي تيزي سان پکڙجي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريندي آهي. اهوئي سبب آهي ته تاريخ ۾ جڏهن به ڪا بغاوت جي چڻنگ ڀڙڪي آهي، عورت اڳتي وڌي آهي ۽ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ۽ ٻين ڪيترين ئي صورتن ۾ مردن جي اڳيان بيهي ظالمن کي للڪاريو اٿائين. اسان مارڪس وادي اهو سمجهون ٿا ته اڄ مسئلو جنس کان وڌي طبقاتي سماج ۽ ذاتي ملڪيت جو آهي. اهو نظام اڄ انساني سماجن ۾  پکڙي رهيو آهي ۽ ان جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ناانصافي يا اڻ برابري جو خاتمو نٿو ڪري سگهجي. پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيت جو خاتمو ئي سماج کي ملڪيت ۽ تسلط جي سوال کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو. جيستائين سرمائيداري جي قومي رياست جي جاءِ تي مزدور رياست جو قيام عمل ۾ نٿو آندو وڃي ان وقت تائين محنت ڪش طبقي جي آزادي ممڪن ناهي. ڇوته مسئلو وري طبقاتي بنيادن تي ئي هلي سگهي ٿو. عورت جي آزادي محنت ڪش طبقي جي آزادي کان ڪنهن ريت الڳ ناهي، بلڪه اها ويڙهه هڪ گڏيل طبقاتي ڳانڍاپي ۽ جدوجهد سان ئي وڙهي ۽ کٽي سگهجي ٿي.