ايڊيٽوريلنئون

حقيقي معاشي استحڪام

            اسان جو ملڪ حقيقي معاشي استحڪام ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ملڪ جا اقتصادي ماهر ۽ خزاني سان لاڳاپيل عهديدار ۽ سابق وفاقي وزيرن انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته هن وقت پاڪستان معاشي استحڪام جي دور مان گذري رهيو آهي. انهيءَ مالي استحڪام لاءِ غير ملڪي مالياتي ادارن ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين به پاڪستان جي ترقي جي شرح کي بهتر قرار ڏنو آهي. عالمي مالياتي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ ملڪ جي خساري کي گهٽائڻ وارن سڌارن تي پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري ترقي جي طرف پيش قدمي ڪئي آهي. انهيءَ مالياتي ترقيءَ تي عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ملڪ جي وزيراعظم انهيءَ اپ گريڊيشن جي ڀليڪار ڪندي ان کي اقتصادي ترقي ۽ قومي معيشت تي عالمي برادري جي ساٿ جو عڪاس قرار ڏنو آهي. عالمي مالياتي ايجنسي جي طرفان اسانجي معيشت لاءِ اها اهم خبر آهي.

            وزير خزانه محمد اورنگزيب فچ جي انهيءَ قدم کي ساراهيندي چيو ته هي ملڪ جي اقتصادي سڌارن ۽ پاليسين تي اعتماد جو مضبوط اظهار آهي. وفاقي وزير خزانه ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آئي ايم ايف جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. هو اتي موسم بهار 2025 جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ۾ موجود هوندو. ورلڊ بينڪ گروپ/آئي ايم ايف جو موسم بهار جو اجلاس 21 اپريل کان شروع ٿي 26 اپريل تائين جاري رهندو. دوري جي دوران يقينن هو بين الاقوامي خزاني جي وزيرن سان به ملندو ۽ عالمي مالياتي ادارن ۾ مالياتي ماهرن سان پنهنجي ملڪ جي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪندو.

            پاڪستان جو معاشي منظر نامو، تازيون مالي ۽ مالياتي پيش قدميون ۽ سڌارا، آئي ايم ايف سان رابطن جي موضوع تي اظهار خيال لاءِ هن کي دعوت به مليل آهي. ملڪ جيئن ته مالياتي ۽ معاشي ڏکيائين مان نڪري آيو آهي، انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت “اڙان پاڪستان” جي نالي سان هڪ معاشي منصوبو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ اقتصادي شرح پيدائش ۽ برآمدات ۽ سماجي شعبن جي ترقيءَ لاءِ اهم هدف مقرر ڪيا ويا آهن. 30 ڊسمبر 2024 تي انهيءَ پروگرام جو افتتاح ڪيو ويو. پاڪستاني سماج ۽ عوام کي زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ جي ضرورت آهي ۽ نوجوانن کي روزگار جا باعزت موقعا گهرجن. جيڪڏهن ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي ترقي جو عمل جاري رهي ٿو ۽ اهو عمل اڃان به اڳيان پيش قدمي ڪري ٿو ۽ بهتر معاشي نتيجا آڻي ٿو ته اسين ايندڙ وقتن ۾ پنهنجي سماج جي بهتر تعمير ڪري سگهنداسين. وفاقي سرڪار جو اهو موقف آهي ته: “اڙان پاڪستان” هڪ جامع قومي اقتصادي تبديلي جو منصوبو آهي، جيڪو ملڪ کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

            هن پروگرام تحت ملڪ کي مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معيشت ۾ حصيدار بنائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻي آهي. اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو اهو نتيجو آهي جو عالمي مالياتي ادارا ۽ فچ جهڙي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي اسانجي ڪم کي ڏسي رهي آهي ۽ ساراهي به رهي آهي. عالمي مالياتي ادارن جو اهو اعتبار حڪومت جي معاشي پروگرام کي وڌيڪ مضبوطي ڏيندو. اسان جي ملڪ کي وڌيڪ سرمائيڪاري جي ضرورت آهي. ملڪي واپار ۽ عالمي واپار جا موقعا حاصل ڪرڻا آهن. صنعتي ترقي ۽ زرعي ترقي لاءِ وڌيڪ وسيلا دستياب ٿيڻ گهرجن، انهن لاءِ سيڙپڪار ۽ عالمي مالياتي ادارن جو تعاون ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جي وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارون معاشي ۽ مالياتي استحڪام ڏانهن ائين ڌيان ڏينديون رهيون ته معاشي استحڪام ڏانهن اسان جو سفر جيئن پوءِ تيئن بهتر ٿيندو ويندو. اسان کي مستحڪم مالي حالتون گهرجن، جيئن اسين پنهنجي سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهون. جيڪڏهن معاشي ۽ مالي استحڪام، زرعي ۽ صنعتي ترقي هڪ ٻئي سان گڏ رهيون ۽ ملڪ ترقي ڪندو رهيو ته عام ماڻهو جو فائدو ٿيندو. هتي اها ڳالهه واضح ڪندا هلون ته اسانجي ملڪ جي آبادي 25 ڪروڙ کان مٿي آهي. انهن ۾ غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو تعداد به وڏو آهي. اسان کي غربت گهٽائڻي آهي ۽ سماج ۽ عوام کي خوشحال ڪرڻو آهي ته انهيءَ لاءِ مالي ۽ معاشي استحڪام ضروري آهي.