پي آءِ اي ۾ 80 پائلٽس سميت 250 ڀرتين جون درخواستون رد
اسلام آباد سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ 80 پائلٽس سميت 250 ڀرتين جي فوري اجازت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ پي آءِ اي جي ڀرتين جي اجازت لاءِ دائر درخواست تي ٻڌڻي ٿي. قومي ايئرلائن عدالت مان وڌيڪ 250 ملازم ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ورتي. عدالت تفصيل طلب ڪري ورتا ته نون ملازمن کي پگهارون ڪٿا ڏنيون وينديون؟ انهن کي ڪهڙن عهدن تي ۽ ڇو ڀرتي ڪرڻو آهي، بزنس پلان ۽ روينيو جا تفصيل پڻ ٻڌايا وڃن.

