سائنسدان جين جي مدد سان نابينن جو علاج ممڪن بڻائي ڇڏيو
يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا جي سائنسدانن ريٽينا ۾ خرابي سبب اکين جي روشني وڃائيندڙن کي ٻيهر ڏسڻ لائق بنائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. هن کان اڳ اهڙن مريضن جو علاج اليڪٽرانڪ اک هڻائڻ سان ٿيندو هيو پر اهو علاج مهانگو ۽ خطرناڪ هيو. جنهن کان علاوه ان ۾ ڪاميابي جا امڪان به گهٽ هئا. نئين طريقي سان سائنسدانن جين جي منتقلي سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. جنهن جو شروعاتي تجربو ڪوئن تي ڪيو ويو آهي. جيڪو 100 سيڪڙو ڪامياب رهيو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان نابين ماڻهو ڏسڻ لڳندا ۽ بغير عينڪ جي پڙهي به سگهندا ۽ جلد ئي هي طريقو مارڪيٽ ۾ به اچي ويندو.