وزيراعظم جي قطري امير سان ملاقات، 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان
وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوحا ۾ امير قطر شيخ تميم بن حمد ال ثاني سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ ٻه طرفن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطري امير ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان پاڪستان جي سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ قطري امير جي والد کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. قطر طرفان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. قطري اختيارين طرفان ڪراچي ۽ اسلام آباد هوائي اڏن تي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي آهي، قطري سيڙپڪاري اٿارٽي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ سيڙپڪاري کي يقيني بڻائيندي. ملڪي هوائي اڏن ۽ هوٽلن جا انتظامي معاملا قطر حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ قطر جي هوا بازي واري شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيرن سان گڏ قطر جي دوري تي موجود آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قطري حڪومت ايئرپورٽ ۽ هوٽل واري شعبي ۾ سيڙپڪاري خواهش ڏيکاري آهي، امڪان آهي ته اسلام آباد ايئرپورٽ جا انتظامي معاملا قطر حوالي ڪيا ويندا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ايئرپورٽ ٽرمينل ۽ ڪارگو خدمتون قطر پولنگ ڪمپني مهيا ڪندي. جڏهن ته پي آءِ اي جي نيويارڪ ۾ موجود روزو ويلٽ هوٽل جو انتظام پڻ قطر حوالي ڪيو ويندو.

