سنڌ اسيمبلي يونيورسٽين وارو بل پاس ڪري ورتو
سنڌ اسيمبلي صوبي اندر ڪم ڪندڙ يونيورسٽين واري بل کي منظور ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هن بل خلاف سڀني اپوزيشن پارٽين پاران احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪيو ويو، هن بل کانپوءِ صوبي ۾ اعليٰ تعليم جي سڀني ادارن جو ڪنٽرول گورنر بدران وڏي وزير وٽ رهندو. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، بل جي حق ۾ ميمبرن جا خيال پڇيا ته متحده قومي موومينٽ، پي ايس پي، تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ فنڪشنل پاران ان بل کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن بعد اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته اپوزيشن هن بل کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي. هن چيو ته صوبي اندر تعليم جي حالت ئي خراب آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن بل کي آڻڻ ۾ وڌيڪ خراب نتيجا نڪرندا. ايم ڪيو ايم جي سردار احمد چيو ته سڀئي صوبي جا استاد هن بل جي خلاف آهن ۽ انهن ان بل کي اڳ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي فيصل سبزواري چيو ته صوبي ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ تعليم جو معيار ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت هڪ تعليم جي اداري کي سنڀالي نٿي سگهي پر اها هاڻي ڪل يونيورسٽين کي سنڀالڻ وڃي رهي آهي. واضح رهي ته هن بل جي مخالفت ۾ ڳالهائيندي فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسئيشن (F.A.P.U.A.S.A) جي صدر نعمت الله لغاري چيو ته حڪومت هن بل کي واپس نه ورتو ته سڄي ملڪ جون يونيورسٽيون بند ڪيون وينديون.