اوهان نئين سال لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟
هن سال هر ماڻهوءَ جي اِها خواهش هوندي آهي ته هُن جي زندگيءَ جو هر پل سهانو ۽ سڻائو گذري. اُن لاءِ هُو ڀرپور ۽ ممڪن ڪوشش به ڪندو رهندو آهي. پر پوءِ به اسانجي سماج ۾ اڪثر ماڻهو روايتي طور تي زندگي گذاريندي نظر ايندا آهن. سندن زندگي ۾ ڪا به نواڻ ناهي هوندي. سندن زندگي ۾ ڪنهن به حوالي سان ڪا به رٿابندي ناهي هوندي. نتيجي ۾ اڪثر ماڻهو سُورن واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا آهن. سندن زندگي جو نه ڪو مقصد هوندو آهي ۽ نه ئي کين خبر پئجي سگهندي آهي ته سندن زندگيءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي.
انهي روايت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسانکي اِها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ئي نئون سال شروع ٿيڻ وارو هجي، ان کان اڳ ۾ ئي اُن لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏيون. پنهنجي زندگي کي نئين سِر ترتيب ڏيون. پنهنجين سرگرمين جو جائزو وٺون. پنهنجي اندر اور ڪريون. اندر ۾ جهاتي پايون. ممڪن هجي ته پنهنجي سُٺي ۽ دل واري دوست سان به صلاحون ڪريون ۽ انهي کان رهنمائي به وٺون. ائين ڪرڻ سان اسانجي سامهون هڪ نقشو تيار ٿي ويندو ته هاڻي اسانکي سڄي سال ۾ ڪهڙا ڪم ڪرڻا آهن. ڪهڙيون سُٺيون عادتون پيدا ڪرڻيون آهن؟ ڪهڙا سُٺا ڪم ۽ سُٺيون سرگرميون ڪرڻيون آهن؟ ڪهڙين بُراين مان پاند آجو ڪرائڻو آهي؟
اسان اڄوڪي هن ننڍڙي ليک ۾ اهڙين ڳالهين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي ايڏيون ڏکيون به ناهن ۽ آساني سان اسان جي پُهچ ۾ به آهن. سي ڪري اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪافي بهتري آڻي سگهون ٿا.
1. پنهنجي جسم سان پيار ڪرڻ: اها ڳالهه عام آهي ته صحتمند دماغ صحتمند جسم ۾ هوندو آهي. مطلب دماغ جو صحيح سالم ڪم ڪرڻ جسم جي تندرست هجڻ سان لاڳاپيل آهي. جيڪو ماڻهو جسماني طور بيمار هوندو، سو ذهني طور به بيمار هوندو. اُن ڪري اسانکي پنهنجي جسم جو خيال رکڻ گهرجي. جسم ۾ به ذهني صحت جو وڌ کان وڌ خيال رکجي. جنهن جي اهميت اسان وٽ نه هجڻ برابر آهي.
2. نوان دوست ٺاهيون: انسان سماجي جانور آهي، اُن ڪري کيس ماڻهن جي ساٿ جي ضرورت پوي ٿي. اُن لاءِ اِهو ضروري آهي ته اسان پنهنجي پراڻن دوستن کي سنڀاليندي نوان دوست ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪريون ته جيئن اسان سندن ذريعي دنيا کي وڌيڪ سمجهي سگهون.
3. پاڻي کائو ۽ ماني پيئو: هي ڳالهه عجيب لڳندي هوندي پر آهي ڏاڍي ڪم جي! ڇو ته اسان ماني گهڻي کائيندا آهيون ۽ پاڻي ٿورو پيئندا آهيون. اُن ڪري اسانکي گهرجي ته پاڻي وڌيڪ پيئون ۽ ماني گهٽ کائون، ان لاءِ چيو ويندو آهي ته پاڻي کائو ۽ ماني پيئو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ اسان جيڪڏهن جپانين جو طرز زندگي اپنائينداسين ته وڌيڪ ڀلو ٿيندو. هنن جو اِهو اصول آهي ته پنهنجي معدي کي 80 سيڪڙو ڀريو ۽ 20 سيڪڙو خالي ڇڏيو. مطلب اڃا ٿوري بُک موجود هجي ته کاڌي مان هٿ ڪڍو. گهڻو کائڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
4. گهٽ ڳالهايو: لفظ وڏي معنيٰ رکن ٿا. ان ڪري اسان انهن جو مناسب ۽ بهتر استعمال ڪنداسين ته پاڻ لاءِ به سُٺو رهندو ۽ ٻين لاءِ به سُٺو رهندو. گهڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو پنهنجي حيثيت وڃائي ويهي ٿو. ماڻهو کيس سمجهي ٿا وٺن ته هاڻي هي ساڳي ڳالهين جو ورجاءَ ڪري پنهنجو وقت ۽ توانائي به وڃائيندو ته ٻين کي به ڪو لاڀ نه ڏيندو. ان ڪري اسان کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته اسانکي ڪيترو ڳالهائڻو آهي ۽ ڪٿي ڳالهائڻو آهي ۽ ڪنهن جي اڳيان ڳالهائڻو آهي.
5. مطالعو ڪريو ۽ ڪتابن سان پيار ڪريو: اسانجي سماج ۾ مطالعي واري مثبت سرگرمي گهٽبي پئي وڃي. اُن ڪري ضروري آهي ته ان مثبت سرگرمي کي هٿي ڏجي. ڪتاب خريد ڪجن، انهن جو مطالعو ڪجي. انهن کي سنڀالي پنهنجي لائبرري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي. ٻين کي به انهي مثبت سرگرمي جو حصو بڻائجي. اِن سان اسانجي خيالن ۽ سوچڻ کي نيون وسعتون به ملنديون ۽ اسان جي سوچ سمجهه، عقل، فهم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
6. پنهنجي مالي معاملن کي سنڀاليو: ڪوشش ڪري پئسي جي فضول ۽ اجائي استعمال کي گهٽايو. قرضن کان بچو. پنهنجي پيداوار ۽ آمدني جي وسيلن کي وڌايو ۽ انهن کي سنڀاليو. ايئن ڪرڻ سان اوهان هڪ سُٺي زندگي طرف سفر شروع ڪندا. ڇو ته پئسي جي تنگي ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏي ٿي. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ته سنگين شڪل اختيار ڪري ٿا وٺن.
7. درگذر ڪرڻ سِکو، پيار ڪريو، نفرتون ختم ڪريو: اسان انيڪ ڳالهين جو بار پنهنجي ذهن تي کڻي پيا هلندا آهيون، جيڪي سڀ حل ڪرڻ اسانجي وس ۾ ئي ناهن. اُن ڪري اسان اجايو پريشان ٿي يا وري ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪري پاڻ لاءِ نفرتن کي پيدا ڪندا آهيون. اُن لاءِ اِهو ضروري آهي ته اسان شئين کي درگذر ڪرڻ سِکون. گهڻين ڳالهين کي پنهنجي مٿي جو سُور نه بڻايون.
8. جانورن، وڻن ۽ پکين سان پيار ڪريو: جانور، وڻ ۽ پکي اسانجي ماحول جو اهم حصو آهن. اسانکي انهن جو به خيال رکڻ گهرجي. انهن جي آشياني، داڻي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جو خيال رکون. انهن جو شڪار نه ڪريون. پکي آسمان ۾ اڏرندي سُٺا لڳن ٿا. جانور مزي سان گھمندي ڦرندي ۽ گاهه چرندي سُٺا لڳن ٿا. اسانکي وڻ به پوکڻ گهرجن. جيڪي وڻ اڳ ۾ موجود آهن، انهن کي وڍڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اِن سان اسان ماحولياتي گدلاڻ کان به بچي پونداسين ۽ اسانجي وسيلن ۾ به اضافو ٿيندو.
9. راند روند ۽ ورزش ڪريو: ڪنهن به پسند ۽ مزاج سان ٺهڪندڙ راند ۽ جسماني ورزش کي معمول جو حصو بڻايو. اِن سان اوهانجي صحت به سُٺي رهندي ۽ اوهان پاڻ کي هشاش بشاش محسوس ڪندا.
10. سماجي ڀلائي جا ڪم: اسانکي پنهنجي سماج لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه لازمي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي لاءِ هر ڪو جيئي ٿو پر ٻين ڪاڻ جيئڻ جو الڳ ئي سُرور آهي. اُن ڪري اسانکي اهڙا فلاحي ڪم ڪرڻ گهرجن، جنهن سان اسانجي سماجي ڀلائي ٿي سگهي. مثال طور ڪنهن شاگرد کي سندس داخلا جي پئسن ۾ مدد ڪريون يا کيس ڪتاب وغيره خريد ڪري ڏيون. ڪنهن بيروزگار کي روزگار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪريون.
اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي بهتر ڪم ٿي سگهن ٿا، جيڪي اسانکي ڪرڻ گهرجن ۽ ڪوشش ڪري سال جي شروعات ۾ ئي اهڙن ڪمن ۽ سرگرمين جو سٽاءُ تيار ڪريون ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي زندگي ۽ مجموعي طور سڄي سماج لاءِ بهتري جو سبب ٿي سگهون.
***