اڄ سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ جي لاءِ روشنيون بند ڪيون وينديون

اڄ 30 مارچ تي سڄي دنيا ۾ ارٿ آور (زمين جو ڪلاڪ) ملهايو ويندو. هن موقعي تي سڄي دنيا ۾ زمين سان محبت جي اظهار ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ روشنيون بند رکيون وينديون. هن ڏينهن جو آغاز 2007 ۾ آسٽريليا ۾ ٿيو جتي 22 لک ماڻهن دنيا کي پيغام ڏنو ته ماحولياتي تبديلي سنگين معاملو آهي. پاڪستان ۾ هر سال رات جو ساڍي اٺين کان ساڍي نائين وڳي تائين بلڊنگن جون غير ضروري بتيون بند ڪيون وينديون. هن آور ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي ته هيءَ ڌرتي اسان سڀني جي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments