هاڻوڪي سياسي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ادارن جي ساک ۽ پت وڃائجي چڪي آهي. ڪوبه ادارو پختو ۽ قانون تي عمل ڪرڻ وارو ناهي رهيو. هر ادارو شخصي ويڙھ ۾ رڌل آهي، اهي سمجهن ٿا ته جيڪو اهي ٿا سمجهن اهو ڪير نٿو سمجهي، ان ڪري رياست پنهنجي طاقت جا زور هلائيندي رهندي ۽ جيئن وڻيس تيئن ڪندي وتندي. رياست اهو به سمجهي ٿي ته ائين ڪرڻ سان وفاقيت جا اثر وڌائي سگهجن ٿا. قومن کي گوڏن ڀرِ ڪيرائي وفاق انهن کان انهن جا بنيادي حق به کسي سگهي ٿو. وفاق وٽ اها طاقت به آهي جيڪا هنن بنگالين کي مڃائڻ ۽ جهڪائڻ لاءِ استعمال ڪئي هئي ۽ هاڻي به ائين ڪري سگهن ٿا. اداراتي داٻن کانسواءِ اڃان تائين اهي جيڪي به اڳواڻ ڪرسي ماڻين ٿا اهي چور دروازي کان ٿا اچن ۽ ڪجھ انتظار ۾ به آهن ته ويٺلن جون ٽنگون ڇڪي انهن کي ڪيرائي ڪرسي وٺي سگهجي ٿي باقي ٻيو ڪو پائيدار حل ناهي. هاڻي طاقت جو سرچشمو عوام ناهي رهيو ۽ نه ئي عوامي طاقت ڪجھ ڪري سگهي ٿي، جو عمران خان جي پويان سمورو ملڪ بيٺل آهي، ان جا ووٽر سموري ملڪ ۾ پکڙيل آهن، پر ڪجھ ڪري نٿا سگهن، اهي به جيل ۾ ويهي وري به چور دروازي ۽ ٽيبل تي ويهي ڳالهائڻ جي لاءِ آتا آهن. اهي چاهين ٿا ته انهن کي هاڻي به ڪير چاهي ۽ رياست انهن سان چاهت جو اظهار ڪري پر ڪير ڪري نه ٿو، ڇو ته طاقت جو سرچشمو عوام ناهي.
اها ڳالھ به مڃون ٿا ته رياستي طاقت جي زور تي ڪجھ ممڪن ناهي ۽ اها ڳالھ يا تجربو ماضيءَ ۾ ٿي چڪو آهي جنهن جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو يا جيڪو نتيجو هو اهو سڀني جي سامهون آهي، پر ابتو صوبائيت جو تصور وڌندو ٿو وڃي، ادارن جي هڪ پاساهين رخ ۽ پاليسين جي ڪري انهن جي اداراتي اثر ۾ فرق پوندو ٿو رهي، هر ادارو ٻئي اداري کي شخصي پسنديدگي ۽ ناپسنديدگي جي اک سان ٿو ڏسي، اهي سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان رياست جي پت واپس آڻي سگهجي ٿي. ساڳي جاءِ تي عدالتن جي ساک به وڃائجي چڪي آهي، ان ڪري ته پي ٽي آءِ مائل فيصلا ڪري انهن نون ليگ سميت پي پي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به رنجايو. انهن جي اهڙن فيصلن سان ماڻهن ۾ اها راءِ پختي ٿي وئي آهي ته جسٽس بنديال جي ويو ته پي ٽي آءِ جي مالڪي ختم ٿي ويندي ۽ جي جسٽس فائز عيسيٰ آيو ته نون ليگ جي بلي بلي ٿي ويندي ۽ ائين ئي ٿيو جو نيب جا قانون به واپس ان پيرا تي اچي بيٺا جنهن ۾ پي ٽي آءِ رات پيٽ ۾ ڦير ڦار ڪري هلي وئي هئي. اهي سمجهن پيا ته جسٽس بنديال انهن جي هر ڳالھ ۽ هر فيصلي جي آجيان ڪندو ۽ پي ٽي آءِ جي ٻيڙي تري ويندي ۽ اهي سڀ فيصلا وري جسٽس فائز عيسيٰ ابتا ڪري ويٺو ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ نائين مئي جا واقعا توڻي جو پي ٽي آءِ جو الھ تلھ چٽُ ڪري ويا، پر هاڻي جي چيف جسٽس جي فيصلن ۾ اها لچڪ نه رهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي رليف ملي سگهي. ان ڪري ته رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلطين مٿان غلطي رياست جي پت خراب ڪري ڇڏي آهي. ايوان ۽ عدالت جا تقدس به پامال ٿيندا ٿا رهن ۽ ڪير چوڻ آکڻ وارو نه اٿن، جيڪو انهن کي حق سچ چئي سگهي. هتي جمهوريت به انهن جي آهي جن جي حڪومت آهي، باقي جيڪا ڪتُ خلق آهي، انهن جي لاءِ اها ئي ڊڪٽيٽرشپ لڳي پئي هوندي آهي. اهو ائين آهي جيئن پي ٽي آءِ جي يوٿين کي عمران خان جي دور ۾ مهانگائي مهانگائي نه لڳندي هئي، هاڻي به نون ليگ وارا ان ڳالھ کان آجا آهن ته ملڪ ۾ ڪا مهانگائي، بدامني، طالبانائيزيشن، بلوچن سان ناانصافيون ڪنهن صورت گهٽ ٿي سگهن ٿيون. نون ۽ پ پ جي اڳواڻن مان ڪير به ڪرسي تان لهي يا ايوان مان ٻاهر نڪري، ان ڳالھ جو احتجاج به ڪري ته مهانگائي ۽ قيمتن تي ضابطو آڻيو، ڇو ته لٺ به انهن جي ۽ چٺ به انهن جي ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، پوءِ جيئن وڻيس تيئن ڪري.
رياست کي هر ڳالھ جو حل فوج جي آپريشن ۾ ان ڪري ٿو لڳي ته انهن وٽ وفاقيت ۽ مرڪزيت جي نشي ۾ اهي سڀ شيون ڪارُ ۽ روا آهن، اهي چاهين ٿا ملڪ جا وڏا صحافي گڏ ڪري هڪ اهڙي خبر هلائجي جنهن سان قومون ڏڪي وڃن، اهي سمجهن ته رياست جي هٿ ۾ لٺ آهي اهي جيئن چاهين ڪري سگهن ٿا، حالانڪه هي دورُ مارَ موچڙي ۽ فوجي ڪاررواين جو ناهي هوندو ۽ اها ڳالھ به مڃجي ته رڳو اندروني مسئلن جي حل لاءِ فوج جو استعمال قومن ۾ بغاوت جا عنصر وڌائي سگهي ٿو. هاڻي ائين به ناهي ته خيرپور واري رياست کي ملڪ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ مٿن دٻاءُ وڌو وڃي يا قلات ۽ بهاولپور رياستون اها ڳالھ نٿيون مڃين يا اهي هن رياست ۾ شامل نه ٿيون ٿيڻ چاهين ان ڪري رياست، اسٽيبلشمينٽ، فوج، ايوان عدالتون، قانون، ادارا ۽ وزير ان ڳالھ تي بضد آهن ته ملڪ ۾ هڪ ئي رياست ۽ هڪ ئي رياستي قانون هجي، ان ڪري فوج جو استعمال اشد ضروري آهي، پر ائين ناهي ۽ نه ئي اندروني طور تي فوج ڪو سڀني مسئلن کي حل به ڪري سگهي ٿي، هاڻي ملڪ کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن ۾ معاشي بدحالي سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل آهي، جنهن ۾ انهن اڪابرن کي ويهاري اها ڳالھ طئي ڪجي ته معيشت ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪيستائين سڌاري سگهجي ٿي، پر حقيقت اها به آهي ته ماڻهن کي روزگار هوندو ته اهي سڀ قسم جون ٽيڪسون به ڀري سگهندا، جنهن ۾ سڀ کان پهرين ڪنزيومر ٽيڪس، مثال ماڻهن ۾ سڪت هوندي ته اهي شيون خريد ڪري سگهندا، پر جي قوم سيلاني، جيلاني ۽ جي ڊي سي جي آسري هوندي ته رياست کي موٽ ۾ ڇا ملندو؟ پر جي عام ماڻهن وٽ ڪجھ خرچ ڪرڻ جيتري رقم هوندي ته اهي موٽ ۾ حڪومت کي به ڏئي سگهندا ۽ پوءِ انهن ماڻهن کان يوٽيلٽي جي بلن جي مد ۾ رياست پئسا موٽائي وٺي، انهن کان انڪم ٽيڪس جي صورت رقم موٽائي وٺي، انهن کان روڊ ٽيڪس به وٺي يا ڪجھ ٻيون رقمون ٽيڪس جي صورت موٽائي وٺي، پر شرط آهي ته پهرين ماڻهن کي روزگار ڏئي.
ٻيو مسئلو رياست جو اهو به آهي ته اهي سدائين ايندڙ حڪمرانن کي ساڌو قرار ڏئي ويندڙن کي چور ثابت ڪرڻ ۾ ملڪ جي ڪثير رقم خرچ ٿا ڪن جنهن ۾ پي ٽي آءِ 42 ارب رپيا رڳو ان ڳالھ تي خرچ ڪيا ته ڪنهن صورت اهي اها ڳالھ ثابت ڪري سگهن ته نون ليگ سميت ملڪ جي ڪهڙين سياسي پارٽين جون ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون آهن ۽ ڪير پاڪستان مان رقم ٽپائي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون جوڙي ويٺو آهي. ان ڏس ۾ ماضي جون سڀ حڪومتون اهو ئي ڪنديون رهيون، جنهن ۾ وڪي ليڪس، پاناما ليڪس ۽ وري پينڊورا باڪس، پر ٿيو ڪجھ به نه. هاڻي به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي وقتي ساک ٿي بچائي، مثال اها ڳالھ چوڻ آسان آهي ته بنگال جي ورهاڱي ۾ سياست ڪم ڪري وئي، پر اتان جي ماڻهن کان پڇجي ته انهن قائداعظم محمد علي جناح جي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ڪيل تقرير جو جواب ڪيئن ڏنو هو، جنهن ۾ جناح صاحب انهن کي چيو هو ته اردو ئي توهان جي قومي زبان آهي، پر بدلي ۾ انهن ماڻهن جي ٻوليءَ جي لاءِ نفرت ڏسڻ وٽان هئي ۽ ان کانپوءِ ٻوليءَ جون زوردار تحريڪون هليون. ان ڪري هاڻي جي ڪجھ ٿئي يا سڀاڻي تي ڪنهن به پارٽي يا سياسي گروھ جي هٿان وري اهڙيون بنگلاديش جهڙيون شيون صادر ٿين ته ڪير اها ڳالھ نه چئي ته ان سياسي پارٽي جو ڏوھ هو يا آهي. ڇو ته هي سڀ ڪجھ جيڪو مسلسل ٿئي ٿو پيو، ان جي پويان پاڻ اسٽيبلشمينٽ بيٺي آهي ته پوءِ هر ڳالھ جو حل فوجي ناهي، اهي ڳالهيون هاڻي سمجهڻ جهڙيون آهن ته قومن جي احساس محرومي سمجهيو وڃي ته ڪيئن اهي آتا آهن ته ڪير انهن جا مسئلا ڪن لائي ٻڌي ۽ حل به ڪري. ڇو ته قومي مسئلا حل طلب آهن.
هتي قومون معاشي مصيبت جو شڪار آهن، جن وٽ بک ۽ بدحالي به آهي ۽ اخلاقي پسماندگي به، رڳو سياسي غريبي نه چئجي جو سماجن ۾ لسانيت ۽ مذهبيت زور ڏيون بيٺي آهي يا قومن جي اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ پاڻ خريد ڪري ٿي وٺي ۽ پوءِ پنهنجي مرضي جا فيصلا ٿي ڪرائي، جنهن ۾ عمران خان جا 37 بل جيڪي رات پيٽ ۾ پاس ڪرائي ويا هئا ۽ هاڻي به سياسي پارٽين کي ان ڳالھ جو خدشو آهي ته انهن کان زوريءَ بلن تي صحيحون ڪرايون وينديون، انهن ۾ پوءِ ارسا جا بل هجن، پاڻي جي ورڇ هجي، ارڙهين ترميم هجي يا ڪالاباغ ڊيم هجي يا اسٽيبلشمينٽ وٽ فوجي آپريشن کي صحيح ثابت ڪرڻو هجي. ڇو ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي عسڪري آپريشن کانسواءِ ڳالهين ۽ مسئلن جا حل به ڳولهڻ گهرجن، جنهن ۾ ماڻهن سان ويهي ڳالهائجي ۽ سياست پنهنجي رڳو ان ڳالھ جي تصديق يا پڪائي ناهي ته ماڻهن جي درن تي فوج يا هٿياربند ماڻهو بيهارجن، جي رياست جي نمائندگي ڪري انهن کي رڳو اهو ڏسن ته هاڻي رڳو گولي کائو يا خاموش ٿي ويهو باقي ٻيو ڪو حل ناهي.