بلاگخاصنئون

ھڪ وڏو اديب ۽ عالم علي محمد راھو

علي نواز عرف علي محمد راھو ولد حاجي محمد عثمان راھو پاڻ 28 ربيع الاول 1350 ھجري مطابق 14 آگسٽ1931ع ۾ ضلعي نوابشاھ ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ديھ سعيد ڪنڊي ۾ ڳوٺ محمد عثمان راھو ۾ اک کولي. ڳوٺ وارا کيس پيار مان ڀائي جان سڏيندا ھئا.
1937ع کان 1941ع تائين قرآن شريف ۽ فارسي پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ حافظ محمد عمر اوٺو وٽ پڙهيائين. چوٿين درجي تائين پنهنجي مادري سنڌي تعليم استاد قادر بخش ڀٽو وٽ پرايائين. ان کانپوءِ 1941ع جي آخر ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ دولتپور ويو، اتي سنڌي استاد ليلا رام وٽ ۽ استاد الھڏني وٽ انگريزي پڙهيو. سندس ڳوٺ مان هي واحد پھريون شاگرد ھو جنهن انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪئي. تعليم کي جاري رکندي 1945ع ۾ نوابشاھ جي لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. ان مھل اسڪول جو ھيڊ ماستر ايڇ ايم خواجا ھو، جيڪو نوابشاھ جو مشهور تعليمدان رھي چڪو آهي. نوابشاهه جي استادن مان مولوي علي محمد جمالي، غلام مصطفى قاضي ۽ مسٽر ڀاٽيا سندس قابل ذڪر استاد ھئا. کيس نوابشاهه جي مشهور عالم مولوي محمد ھاشم جيڪو ان وقت جامع مسجد جو پيش امام ھو، ان جي تقريرن ۽ خطبن ٻڌڻ جو موقعو مليو. پاڻ فارسي نوابشاھ ۾ مسٽر غلام مصطفى قاضي کان پڙھيو ۽ عربي جي تعليم مصر جي مشهور ۽ معروف استادن محمد امين ۽ جناب محمد يوسف عطيه کان ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. العربيت بالراديو جو ٽن سالن جو ڪورس پڻ ڪيو. 1948ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪئي. 1949ع ۾ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ ڊپلوما ڪورس ۾ داخلا ورتي، پروفيسر ڪيول راماڻي، مسٽر اي ٽي خان، ظھير الدين پٺاڻ، عباس شيخ بلوچ صاحب ۽ ڀوپٽڪر سندس انجنيئرنگ يونيورسٽي جا استاد رهيا. کيس مطالعي جو شوق ننڍي ھوندي کان ئي تمام گهڻو ھو. سندس لکيل ڪتابن ۾ عربي، فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي جا ڪتاب ملندا. پاڻ اردو ادب ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد کان تمام گهڻو متاثر ھئا ۽ مولانا آزاد جون سموريون تصنيفون وٽس موجود ھيون. پاڻ مولانا آزاد جا ڪافي سارا مضمون سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپايا ھئا. جن ۾ سرمد شھيد 1973، آثار الڪلام 1974، انسانيت موت جي دروازي 1975 ۾ ۽ مضامين الھلال 1976 شامل آھن. پاڻ سيرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم 1976 ۾ ڪتاب ڇپرايائين. علي محمد راهو کي علم ۽ ادب سان تمام گهڻو چاهه هو ۽ سندس اکر به موتي داڻا ھئا ۽ سندس شروعاتي ڇپرايل ڪجھ ڪتاب سندس ئي اکرن ۾ ڇاپيل آهن بعد ۾ جيڪي به ڪتاب ڇپرايائين اھي ڪمپوز ڪري ڇپرايائين. پاڻ 1971-1972ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. پھريون دفعو سندس ڪجهه مضمون سنڌي اخبار ھلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع ٿيا. سندس ڇپايل ڪجهه ڪتابن جا نالا هتي ڏجن ٿا: 1973ع ۾ امام زين العابدين تي ھڪ مختصر ڪتاب ڇپايائين. ان کان بعد ۾ “مديني کان ڪربلا” تصنيف ڪري 1974ع ۾ ڇپايائين. نھج البلاغا جي سنڌي ترجمي جو پھريون جلد 1975ع ۾ ڇپايائين. سنڌي زبان ۾ نھج البلاغا جو ھي پھريون ترجمو ھو. ھي ڪتاب انهيءَ سال علم ۽ ادب جو پھريون نمبر ليکيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌيالاجي ڊپارٽمينٽ جي طرفان کيس وڏي ۾ وڏو انعام ٻه ھزار رپيا مليو ھو. نھج البلاغا جلد ٻيو 2003 ۾ ڇپرايائين سندس ڪتاب اقوال علي پنجن ٻولين سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي زبان ۾ لکيل آهي ۽ سندس ڪتاب “تقليد و اجتھاد” پڻ ڇپايل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر يونيورسٽي آف ڪراچي جي تحقيقي جرنل ڪلاچي ۾ سندس سر ڪيڏارو جي تشريح پڻ مارچ 2002 ۾ شايع ٿيل آهي. وٽس ڪجهه اڻ ڇپايل ڪتاب پڻ موجود ھئا. “قرآن شريف کي سمجهڻ سکو” گهر ويٺي مفت ڪورس به ڪرائيندا ھئا. ھن وقت نوابشاهه جا ليکڪ جيڪڏهن پنهنجا تاريخ جا ڪتاب ڇپرائين ٿا ته ان ۾ ھن شخصيت جو ذڪر پڻ لازمي شامل ڪندا آهن، جيئن پھنوارن پچار ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ضلعي نوابشاهه جي تاريخ ۾ لکيل ڊاڪٽر لائق زرداري، ساڻيھ جا سينگار لکيل خادم حسين چانڊيو ۽ ڪڻان منجھ قرار لکيل استاد زاھد حسين سومرو (دولتپور)، مير محمد پيرزادو جي ڪتاب ۾ ۽ راشد مورائي جي ڪتاب ۾ به ذڪر ٿيل آهي. سندس لاڳاپا پاڪستان ۽ سنڌ صوبي جي مذهبي مفڪرن، مشهور شخصيتن ۽ ليکڪن سان تمام سٺا ھئا. سندس ابن ڏاڏن جو ڌنڌو زمينداري ھو ۽ هو پاڻ به پنهنجي معاش لاءِ زمينداري ڪندو ھو. گڏوگڏ سرڪاري ملازم به ھو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ بحيثيت اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (منوڙا) ۾ ڪم ڪيائين. پاڻ 23 اپريل 2019 ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيل آهي. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي- آمين ثم آمين.
***